موهن جي دڙي جون اڏاوتون
پروفيسر جي- ايڇ- ڪٽپر
صاحب! هن مٽيءَ جي دڙي کي ڇو ٿا کوٽايو؟ محمد ادريس صديقيءَ
جنهن ”واديءَ سنده کي تهذيب“ ڪتاب لکيو آ چوي ٿو ته؛ اهو سوال کانئس هڪ بلوچ مزدور
ان وقت ڪيو، جڏهين اسان رياست مڪران جي شهر پنجگور کان 30 ميل پري، هڪ دڙي جي ڊاڪٽر
هنري فيلڊ سان گڏ محڪمهءَ آثار قديمه پاڪستان طرفان کوٽائي ڪرائي رهيا هئاسون. اها
1954ع جي ڳالهه آهي، اهو دڙو درياه رخشان جي ڪناري تي واقع آهي، ان وقت درياه جي پيٽ
مان صرف واري اڏامي رهي هئي. شايد ان مزدور جي اها سوچ هئي ته کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ
ٺيڪراٽ مان ڇا حاصل ٿيندو. ادريس صديقي چوي ٿو ته مان چاهيو پئي ته ان مزدور کي مطمئن
ڪندڙ جواب ڏيان پر شايد منهنجو جواب ان اڻ پڙهيل مزدور کي مطمئن نه ڪري سگھي ها.ان
ڪري مان ان مزدور کي کلي ٽاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اسان جڏهين ٻين دڙن تان ٺيڪراٽ گڏ پيا
ڪيون ۽ ان وقت جي اسان کي ڪي انوکي وضع جا نادر ٿانون جا ٽڪرا ملن پيا ۽ اسان خوشيءَ
۾ نه پيا ماپئون ته اسان جي چوڌاري بيٺل ڌنار ۽ ٻيا ماڻهو اسان کي ڏسي کلن پيا، شايد
هو اسان کي سر ڦريا ۽ چريو پيا سمجهن. ان کان پوءِ ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته اسان بهاولپور
هليا آياسون ۽ قديم هاڪڙي درياه جي گذرگاه تان دڙن جي تلاش ڪئي سون ته اتي به ڪي اڻ
پڙهيل توڙي پڙهيل نوجوان اسان جي بي مصرف صحرانوردي تي تعجب پيا کائن.
ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته بهاولپور کان پوءِ اسان موهن جي
دڙي تي آياسون ۽ جڏهين ستر فوٽ بلند اسٽوپا تي بيهي چوڌاري نظر ڦيرائي ته مان دل ۾
چوڻ لڳس ته ڪاش! اهي مٿيان سوال ڪندڙ پر تجسس ۽ متحير ماڻهو جن سان منهنجو واسطو بلوچستان
۽ بهاولپور ۾ پيو هو هن اسٽوپا تي موجود هجن ها ته انهن جي سوالن جو جيئرو جاڳندو جواب
ڏيان ها. موهن جي دڙي جي ويرانين ۾ اسان جي شاندار ماضيءَ جي حسين تصوير ۽ اسان جي
عظمت رفته جا نشان آهن جن کي متبرڪ سمجهي ڪري سنڌ جي مٽيءَ پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو
آهي. وادي سنڌ جي تهذيب برصغير جي تاريخ ۽ ثقافت جي پهرين سِرَ آهي. بدقسمتيءَ سان
اردودان طبقي کي ان بابت گهٽ خبر آهي. ڪن غير سنڌي تاريخدان حضرات سنڌو سڀيتا يا انڊس
ويلي سولائيزشن جي لفظ کي هٽائي پاڪستاني تهذيب جو اصطلاح ڪتب آندو آهي، جڏهين ته پالستانن
انوقت وجود ۾ ئي ڪو نه هو مثلاَ ابن حنيف پنهنجي ڪتاب ”سات دريائون ڪي سرزمين“ جي ٻئي
باب جي هڪ عنوان ۾ لکي ٿو ته ”پاڪستان اور عراق ڪه درميان هزارون سال پهلي تجارت اور
چار هزار سال پهلي عراق مين پاڪستاني بستي“ حالانڪ اهي ڳالهيون موهين جو دڙو ۽ وادي
سنڌ سان منسلڪ آهن. محمد طارق اسسٽنٽ پروفيسر آف هسٽري گورنمينٽ ديال سنگھ ڪاليج لاهور
پنهنجي ڪتاب”قديم رياستين ميدانِ جنگ مين“ ڏهين صفحي جو عنوان ڏنو آ پاڪستان 2000 سال
ق.م“.حالانڪ انوقت پاڪستان ته ڇا پر هند ستان به بحيثيت ملڪ موجود نه هو.
تاريخ دانن، جي خيال مطابق تهذيب جو گهوارو اهي علائقا رهيا
آهن جن جي زمين زرخيز ۽ پاڻي جهجهي انداز ۾ دريائن جي صورت ۾ موجود هجي، اهڙن علائقن
۾ 5 کان 6 هزار سال ق.م جي درميان انساني تهذيب جو بنياد پيو، فرات ۽ دجله دريائن تي
بابلي ۽ سميري تهذيب جنم ورتو، نيل نديءَ جي ڪناري تي مصري تهذيب ۽ سنڌو نديءَ تي سنڌو
سڀيتا جو بنياد پيو، ائن مورا ته ائين به چيو آهي ته جنهن وقت مصر ۾ پهريون اهرام ٺهي
رهيو هو، انوقت سنڌو سڀيتا پنهنجي عروج تي هئي. مشهور حديث آهي ته نيل، دجله، فرات
۽ سنڌو درياه جنت مان نڪرن ٿا. سنڌو درياه لاءِ ته اها ڳالهه باوثوق حيثيت رکي ٿي،
ڇو ته سنڌو درياه وادي ڪيلاش مان نڪري ٿو ۽ ڪيلاش لفظ جي لغوي معنيٰ جنت ئي آهي.
سنڌو ماٿري ءَ جي تهذيب، قديم مصري، بابلي ۽ سميري تهذيب
جي گڏيل دائرهءَ ڪار کان به وڏي هئي، مصري تهذيب ۾ بادشاهن جا مقبرا ۽ عبادت گاه ته
بهتر آهن پر شهري ايريا نهايت سادي ۽ بغير نظم و نسق جي ٺهيل آهي. بابلي تهذيب جي صورت
حال به ساڳي آهي جڏهين ته موهن جو دڙو جي شهري منصوبه بندي اعليٰ درجي جي هئي. موهن
جي دڙي جي شهر جي بناوت ۽ عمارتن مان ان جي ترقيءَ جو پتو پوي ٿو ته هي شهر وڏي سليقي
۽ هنرمنديءَ سان آباد ڪيو ويو هو. پهريائين ان جو نقشو تيار ڪيو ويو هوندو ۽ پوءِ ان
نقشي مطابق شهر کي آباد ڪيو ويو هوندو. ويڪريون سڙڪون، پڪيون جڳهون ترتيب ڏنل گهٽيون
ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهواسي شهر آباد ڪرڻ جي طريقن کان پوريءَ
ريت واقف هئا ۽ شهري ضرورتن جي انهن کي پوري ريت ڄاڻ هئي، ان مان ماڻهن جي زندگيءَ
جي معيار جي خبر پوي ٿي.گندي پاڻيءَ جي نيڪال خاطر ڍڪيل نالين جو هجڻ ٻڌائي ٿو ته نوهن
جي دڙي جا ماڻهو حفظانِ صحت جي اصولن کان پڻ واقف هئا. شهر جي کوٽائيءَ مان ڄاڻ ملي
ٿي ته شهر هزارين سالن تائين آباد رهيو ۽ ڪن سببن جي ڪري ڪيترائي دفعا اجڙيو ۽ وري
نئين سر آباد ٿيو ۽ هي خيال آهي ته هي شهر ست دفعا آباد ڪيو ويو. ڇو ته عمارتن جون
سرون ۽ گارو ٻڌائي ٿو ته اهي مختلف دورن جا آهن ۽ هڪ عمارت جو بنياد بي عمارت جي بنياد
تي رکيل آهي، اهڙيءَ ريت عمارتن جا ڪيترائي طبقا لڌا ويا آهن. موهن جي دڙي جا جيترا
به آثار لڌا ويا آهن اهي پوري شهر جو صرف ٽيون حصو آهن ۽ شهر جا باقي ٻه حصا اڃا زيرِ
زمين آهن.
قديم آثارن جي ماهرن ۽ تحقيق دانن دنيا جي تهذيبن جو ڀيٽا
واراڀياس ڪيو آهي ۽ اهي سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته موهن جي دڙي جي گهرن جي اڏاوت
۾ ٽن مکيه ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويو آهي، پهريون اڏاوتن جي مظبوطي، ٻيو رهواسين
جو آرام ۽ آسائش، ٽيون ٻوڏن کان بچاء. موهن جي دڙي جي شهر ۾ جن شين جا بنياد ڏسڻ ۾
آيا آهن سي آهن گهر،درسگاه، اناج جا گدام، وڏو حوض، پئنچائت هال، غسل خانه،زيرِزمين
ناليون،رستا ۽ گهٽيون، سرن جون بٺيون،کوه ٻي ماڙ تائين ويندڙ، پاڻيءَ جي سبيل،ننڍا
ڪمرا ۽ اسٽوپا وغيره. عمارتن جي بنياد جون چريون وڌيڪ هيٺ کوٽيون وينديون هيون، ڪمرن
کي ٿڌو رکڻ ۽ ڇت جو بار برداشت ڪرڻ خاطر ڀتين کي ٿلهو ڪري ٺاهيو ويندو هو،گهرن جا دروازا
ويڪرا ۽ اهڙي نموني ٺاهيا ويندا هئا جو گهٽيءَ مان گهر ۾ نظر نه پوي. موهن جي دڙي جا
رهواسي وهنجڻ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ممڪن آ ته غسل سندن مذهبي رسم ۾ شامل هجي Great Bath جي ڀرسان
ڏکڻ طرف هڪ گهٽيءَ ۾ اٺ غسل خانا ٺهيل آهن، هر هڪ وهنجڻ جي ڪوٺي 6×10 فوٽن جي آهي هر
ڪوٺيءَ ۾ ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن جو مقصد اهو ٿي سگھي ٿو مٿي ڪپڙا بدلائڻ يا وهنجڻ کان
پوءِ اس تي ويهي سگھجي.غسل خانا ان انداز ۾ ٺهيل آهن ته جيئنهڪ غسل خاني مان ٻي غسل
خاني ۾ نظر نه پوي. هر غسل خاني ۾ فرش بندي ٿيل آهي ۽ پاڻيءَ جي نيڪال جو جوڳو بندوبست
آهي. موهن جي دڙي جي رهواسين ۾ سج گرهڻ، چنڊ گرهڻ ۽ چنڊ جي چوڏهين رات جو مرد ۽ عورتن
۾ وهنجڻ جو رواج هيو پر مرد Great Bath ۾ ۽ عورتون ڀرسان ئي ٺهيل ۽ ڍڪيل وهنجڻ وارين ڪوٺين کي استعمال ڪنديون
هيون يعني عورتن ۽ مردن ۾ هڪ جڳه تي وهنجڻ جو رواج نه هو، ان مان ماڻهن جي جسماني
۽ نفساني پاڪائيءَ جو اشارو ملي ٿو يعني جنسي ڇڙواڳي مڪروه عمل هئي.
اسٽوپا ۽ Great Bath جي وچ ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن تي ڌرمي گهٽي چيو وڃي ٿو،
ان گهٽيءَ جي اولهه ۾ وڏو تلاءَ ٺهيل آهي، قديم آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو
تلاءَ ٻه هزار سال ق.م جو ٺهيل هوندو، اهو حوض اتر طرف 39 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو
آهي تلاءَ جي چوگرد پڪين سرن جو هڪ ٿلهو ٺهيل آهي ۽ ان ٿلهي جي چوطرف وري ورانڊو آهي،
حوض ۾ اندر پاڻيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءَ ڏکڻ طرف کان ڏاڪڻ ٺهيل آهي. ان ڏاڪڻ تي قيمتي ڪاٺ
جا تختا مختلف مسالن ذريعي چنبڙيل آهن. حوض جي ڀتين ۽ فرش ۾ اعليٰ قسم جون پڪيون سرون
لڳل آهن ته جيئن پاڻي پاسن يا تري مان نه سمي، سرن جي تهن ۽ درزن جي وچ ۾ ڏامر ۽ چيروليءَ
جو گچ استعمال ٿيل آهي، جنهن ڪري حوض جي پائيداري ۽ خوبصورتيءَ ۾ هن وقت تائين ڪو فرق
نه آيو آهي. حوض جي پاڻيءَ جي نيڪال واسطي حوض جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ کان هڪ زيرِزمين
نالو ٺهيل آهي جنهن جو منهن ساڍا ٽي فوٽ ويڪرو ٿيندو، نالو ٻه فوٽ ويڪرو ۽ ايترو اوچو
آهي جو ماڻهو ان ۾ اندر داخل ٿي بيٺڙ صفائي ڪري سگھي ٿو، نالي جي شروعاتي منهن جي مٿان
ڪاٺ جو تختو رکيل هوندو هيو،پاڻيءَ جي نيڪال واسطي ناليءَ جي مناسب ليول رکيل آهي.
حوض جون ٻاهريون ڀتيون اٽڪل ڇهه فوٽ ٿلهيون آهن، حوض جي ڀرسان هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ وڏو کوه
ٺهيل آهي شايد اهو کوه حوض ۾ پاڻي ڀرڻ واسطي ٺهيل هو.
موهن جي دڙي مان هن وقت تائين تقريبن ست سو کوه لڌا ويا آهن،
اهي الڳ الڳ ماپ ۽ شڪل وارا آهن گهڻا کوه گولائي منهن وارا پر ڪجهه کوه بيضوي شڪل وارا
به آهن اهي سڀ کوه گهرن ۾ اندر آهن پر ڪجهه کوه اهڙا به مليا آهن جيڪي اڌ گهر ۾ اندر
ته اڌ وري ٻاهر آهن، ٻاهر هجڻ جو سبب شايد اهو آهي ته جيئن انهن مان ٻاهران به پاڻي
ڀري سگھجي. ڪافي کوه گهر جي ٻي ماڙ جيترا اوچا به آهن، ان جو سبب اهو ٿي سگھي ٿو تهه
جيئن ٻي ماڙ تان به پاڻي آسانيءَ سان ڀري سگھجي، يا وري ان جو سبب زيرِزمين پاڻيءَ
جي سطح ۾ واڌ، سنڌو درياه ۾ پاڻيءَ جي ٻوڏ ۽ گهرن جون هڪ ٻئي جي مٿان اڏاوتون آهن.
شهر جي مٿين حصي مان صرف ڇهه کوه مليا آهن، پئنچائت هال يا درسگاه ۾ ڪو نه کوه نه مليو
آهي وڏي حوض واري علائقي ۾ ٻٽين ڀتين وارو کوه مليو آهي جنهن مان ان حوض کي پاڻي مهيا
ڪيو ويندو هيو. جن گهرن ۾ کوه مليو آ اتان غسل خانو به مليو آهي. موهن جي دڙي مان کوه
ايتري انداز ۾ مليا آهن جو موهن جي دڙي کي کوهن وارو شهر چئي سگھجي ٿو، جهڙي ريت موجوده
حيدرآباد کي ڪنهن دور ۾ منگهن وارو شهر چيو ويندو هو. قرآن مجيد ۾ کوهن واري شهر يا
ماڻهن جو ذڪر آهي اهو گمان ڪري سگھجي ٿو ته اهو اشارو موهن جي دڙي ڏانهن هجي. جن گهرن
۾ کوه ۽ غسل خانا آهن انهن گهرن ۾ پاڻيءَ جي نيڪر لاءِ ناليون به ملن ٿيون، غسل خانن
۾ وهنجڻ جون دڪيون ۽ مٽڪن جا نشان ملن ٿا. بابلي ۽ سميري لوڪ پاڻيءَ مٿان کان هيٺ نيڪال
ڪرڻ لاءِ سوراخ وارا مٽڪا استعمال ڪندا هئا ۽ اهي سوراخن وارن مٽڪن جو منارو ٺاهي مٿئن
مٽ جي ذريعي پاڻي هيٺين مٽ مان نيڪال ڪندا هئا، پر موهن جي دڙي جا ماڻهو اهو ڪم پائيپ
کان وٺندا هئا يعني ترقي يا فته طريقو استعمال ڪندا هئا.
تاج صحرائي لکي ٿو ته مون جنهن به سياح يا لوڪل ماڻهوءَ کان
موهن جي دڙي جي تعريف پڇي آهي ته ان هر شخص جو اهوئي جواب هو ته اتان جا کوه ۽ ڍڪيل
ڊرينيج سسٽم. موهن جي دڙي وارن کي صفائيءَ خاطر گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو وڏو اونو هو،
هو انهن نالين کي سرن سان ڍڪيل رکندا هئا يا وري وڏا پٿر رکي نالين کي ڍڪيو ويندو هو،
جيئن ته اهي پٿر موهن جي دڙي واري علائقي ۾ موجود نه هئا تنهن ڪري انهن کي شايد ٻيڙين
رستي روهڙيءَ واري جابلو علائقي مان آندو ويندو هو. گهرن مان گندو پاڻي کڻي ايندڙ ننڍيون
ناليون وڏين نالين ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون، ڪٿي ڪٿي گندي پاڻيءَ جا حوض نه هوندا هئا جن
۾ مينهن جو پاڻي ڪٺو ٿيندو هيو، گهڻين جڳهن تي مٽيءَ جا پائيپ به استعمال ٿيل آهن جيڪي
دنيا ۾ ٻي هنڌ ڪٿي به نه ملندا هئا. صفائي وارن حوضن ۾ ڏاڪڻيون هونديون هيون ته جيئن
حوض جي تري تائين لهي ڪري انهن مان آٺريل گند صاف ڪري سگھجي، گند گڏ ڪرڻ لاءِ گند جا
گندڙا ٺهيل هئا جن مان جمع ٿيل گند ڪچرو ڪڍي مخصوص جڳهن تي اڇلايو ويندو هو.
سر مارٽيمر ويلر جي لکيت موجب Great Bath جي اتر
اوڀر ۾ هڪ تمام وڏي ۽ ويڪري عمارت جا کنڊر مليا آهن، اها عمارت 230 فوٽ ڊگهي ۽ 78 فوٽ
ويڪري آهي. عمارت جي اندر هڪ صحن مليو آهي جيڪو 33 فوٽ هم چورس آهي ان صحن جي ٽن پاسن
کان ورانڊا آهن عمارت جي اندر ڪيترن ئي ڪمرن جا بنياد به نظر ٿا اچن، عمارت جي اڏاوت
مان معلوم ٿو ٿئي ته عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ دروازا هوندا ۽ عمارت ۾ اولهه طرف کان به
دروازو هوندو، انهن سڀني دروازن جا بنياد ظاهر آهن.
عمارت ۾ ٻن ڏاڪڻين جا آثار پڻ آهن. سرمارٽيمر ويلر ان کي
وڏي پادريءَ جي رهائش گاه ٿو سمجهي ۽ محمد ادريس صديقي ان کي هڪ درسگاه قرار ڏنو آهي،
تاج صحرائي جي چوڻ موجب اهو پئنچائت گهر هوندو جنهن ۾ مکي ۽ پئنچ رهندا هوندا. تاج
صحرائي چوي ٿو ته مون ذاتي طور تي اڪيلي سر يا ڊاڪٽر لوئيس فليم، ڊاڪٽر جانسل ۽ پروفيسر
ويرارڊي جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ خالص موهن جو دڙو جي تهذيب جا هڪ درجن کان به وڌيڪ ماڳ
جهڙو، لوهم، جهوڪر، چانهو وغيره گهميا آهن پر مون کي ڪنهن به هڪ ماڳ تان ڪو مندر يا
ٻئي نموني جو عبادت گهر نه مليا آهن. هو چوي ٿو ته مان وڏي اعتماد ۽ يقين سان چوان
ٿو ته سنڌو تهذيب جي اوائلي دور ۾ عياشي يا دهشتگردي پيدا ڪرڻ وارن ادارن جو ڪو وجود
ڪو نه هو. موهن جي دڙي جي تهذيبي ماڳ مان ڪو به مندر يا مڙهي نه ملي آهي نه ڪي محل
۾ محلات. ادريس صديقي ان وڏي عمارت جي اندر ڪمرن کي شاگردن جي هاسٽل قرار ڏئي ٿو.
ادريس صديقي ”وادي سنده ڪي تهذيب“ ۾ لکي ٿو ت اسٽوپا کانن
هڪ رستو ڏکڻ اوڀر طرف وڃي ٿو ٿوري مفاصلي کان پوءِ هي رستو اوڀر طرف موڙ کائي اوڀر
واري شاهراه سان ملي ٿو، اوڀر واري هيءَ شاهي سڙڪ دڙي جي کوٽيل علائقي کي ٻن حصن ۾
ورهائي ٿي هي ٻئي سڙڪون هڪ ٻئي ڪپڻ وقت گوني ڪنڊ ٺاهن ٿيون. هن علائقي ۾ لاتعداد گهر
۽ گهٽيون آهن، هي گهر خصوصي ڍنگ جا ٺهيل آهن، ايڇ- آر-ايريا جو گهر نمبر 8 دلچسپ نموني
ٺهيل آهي ۽ موهن جي دڙي جي وچين دور ۾ ٺهيل آهي هن جي ڊيگهه 85 فوٽ ۽ ويڪر 97 فوٽ آهي
۽ ڀتيون 5-4 فوٽ ٿلهيون آهن ۽ دروازو 10 فوٽ ويڪرو آهي، هن گهر جي کٻي طرف 32 فوٽ هم
چورس اڱڻ آهي، عجيب ڳالهه اها آهي ته هن گهر جي پاڻيءَ جو نيڪال ڪنهن به گهٽيءَ ۾ ناهي
بلڪه ان مقصد لاءِ صحن ۾ هڪ مٽڪو پوريل آهي تان ته سڄو گندو پاڻي ان ۾ وڃي جمع ٿئي،
پهرين سڙڪ جي ٻي طرف 35 فوٽ اونهو کوه آهي جنهن جون سرون V شڪل جون آهن، کوه کي وڏي سليقي
سان ٺاهيو ويو آهي ان ۾ سرون نهايت مظبوطيءَ سان لڳايل آهن، انهيءَ کوه جي گهاٽ تي
پاڻي کي ڪڍڻ واسطي رسين ڇڪڻ جا نشان اڃا تائين ظاهر ۽ چٽا آهن، ۽ کوه مان پاڻي ڪڍڻ
وقت ها رجندڙ پاڻيءَ لاءِ هڪ حوض ٺهيل هيو. وي-ايس ايريا کان اتر ۾ ڊي- ڪي ايريا آهي
ياد رهي تهه انهن ايريائين جا نالا انهن جي کوٽائي ڪرائيندڙ ماڻهن جي نالن پٺيان رکيا
ويا آهن، ڊي-ڪي ايريا ڊڪشٽ جي نالي پٺيان آهي، هيءَ ايريا غالبن امير طبقي جي رهائش
هئي ، ان وسيح ايريا ۾وسيح عمارتون آهن، هتي 35 فوٽ گهري کوٽائي ڪرڻ سان ڪافي عمارتون
۽ گهٽيون ظاهر ٿيون آهن.
موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي Great Bath کان اولهه
۾ هڪ وڏي ۽ ويڪري عمارت جا بنياد ظاهر ٿيا آهن 1950ع تائين ان عمارت کي حمام سمجهيو
ٿي ويو جيئن ادريس صديقي پنهنجي ڪتاب ”وادي سنده ڪي تهذيب“۾ ائين لکيو آهي پر 1950ع
کان پوءِ جڏهين عمارت مان ڪرڻ کان پوءِ نروار ٿي ته آثارِ قديمه جي ماهرن ان وڏي عمارت
کي اناج جو گودام قرار ڏنو. هن گدام ۾ اناج گڏ ڪرڻ لاءِ سائنسي طريقا اختيار ڪيل آهن
ته جيئن اناج کي خراب ٿيڻ کان بچائي سگھجي. هي گودام 150 فوٽ اوڀر کان اولهه ڊگهو
۽ اتر کان ڏکڻ طرف 75 فوٽ هيو ۽ مستطيل شڪل ۾ ٺهيل هيو گدام ۾ اندر پڪين سرن جا ٿلها
ٺهيل هئا، جيڪي 5 فوٽ اوچا هيا هي ٿلها مختلف ماپن جا پڻ ٺهيل آهن، پر ڏاڍو سليقه منديءَ
سان ٺهيل آهن انهن ٿلهن تي اناج رکڻ لاءِ ڪاٺ جا تختا رکيل هئا ته جيئن اناج کي سيڪ
کان بچائي سگھجي، انهن ٿلهن جي وچ ۾ اتر ڏکڻ ۽ اولهه اوڀر هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ لنگهه ٺاهيا
ويا هئا ته جيئن هوا گدام جي اندر تري واري فرش تائين به پهچي سگھي ته جيئن گهِم جو
تدارڪ ڪري سگھجي. گدام ۾ اندر اناج لاهڻ، سَٿِڻ، رکڻ ۽ کڻڻ جو مناسب بندوبست هوندو
گدام جي ٻاهرين ڀتين کي پڪين سرن جا پشتا لڳل آهن، گدام ۾ اندر پهچڻ لاءِ ٻاويهه فوٽ
ويڪري پڪين سرن جي ڏاڪڻ ٺهيل آهي ۽ گدام کان ٻاهر به اناج جي لاهڻ ۽ رکڻ جا دڪا ٺهيل
آهن، اهو سڄو مناسب بندوبست موهن جي دڙي جي دور جي سنڌين جي سائنسي سوچ ۽ فن تعمير
جا وزندار دليل ۽ ثبوت آهن. اناج هتان جي دولت جو معيار سمجهيو ويندو هو ۽ ڪاروباري
ڏيتي ليتي ۾ سڪي جي جاءِ تي استعمال ٿيندو هو، مزدورن کي اجرت ۽ سرڪاري محصول به اناج
جي صورت ۾ ادا ڪيو ويندو هو، اهڙا گدام اُر ۽ وادي دجله ۽ فرات ۾ به دريافت ٿيا آهن.
موهن جي دڙي مان ڪاريگرن جا ڪوارٽر به دريافت ٿيا آهن ۽ انهن
ئي ڪوارٽرن جي ڀرسان سورنهن بٺيون مليون آهن جن ۾ ٻارڻ جي طور تي ڪوئلو ۽ ڇيڻو استعمال
ڪيو ويندو هيو، همان آهي ته انهن بٺين ۾ ٽامي کي ڳاريو ويندو هو.
اسٽوپا موهن جي دڙي جي
ٻڌ دور جي عمارت آهي هن جي اوچائي ۽ ڪشش ماهرن کي گهڻو متوجه ڪيو آهي، هي اسٽوپا
زمين کان ستر فوٽ بلند آهي، اسٽوپا جو منارو ڪري چڪو آهي، سندس ڍانچي جو صرف اڌئي بچيل
حالت ۾ آهي، ڪنهن خزاني ڳولهيندڙ سون ۽ خزاني جي تلاش ۾ هن ۾ سورنهن فٽ گهرو کڏو کوٽيو
هو، جنهن مان ان تلاش ڪندڙ کي سنگ جراحت جو ٺهيل هڪ خاڪدان مليو، جيڪو ڀڳل حالت ۾ هو،
اهو هن بيڪار سمجهي اڇلائي ڇڏيو هو، جيڪو بعد ۾ آثار قديمه جي ماهرن کي هٿ لڳو، انهيءَ
اسٽوپا جي آثارن مان ئي ڪنول جي گل ٿي آسڻ تي ويٺل ٻڌ جي مورت جا ڪجهه ٽڪرا بر آمد
ٿيا آهن. اسٽوپا جي عمارت موهن جي دڙي جي قديم عمارت جي ملبي مان تيار ٿيل آهي، کوٽائيءَ
مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ٻڌ ڌرم وارن انهن اسٽوپا جي بنياد کي قديم عمارتن جي
بنياد تي ئي رکيو آهي. ان ٻڌ ڌرم جي مندر جي چوڌاري ويڪرو اڱڻ آهي، جنهن جي چئني طرفان
ڀڪشوئن جي رهڻ جي لاءِ پڪن سرن جا حجرا ٺهيل آهن، جيڪي ٻن حصن تي مشتمل آهن، اندروني
حصو آرام ۽ سمهڻ لاءِ ۽ ٻاهريون حصو ٻين ضرورتن جي لاءِ هوندو انهن حجرن مان چوڪنڊيارا
سڪا مليا آهن جيڪي ڪشان دور جي راجا واسديو (173-156ع) جي دور جا آهن ۽ اهي سنڌ ۾ ئي
تيار ڪيل آهن ڇو ته اهي جهوڪر ۽ موهن جي دڙي کان سواءِ ڪٿي به نه مليا آهن.
بهر حال موهن جي دڙي متعلق آثار قديمه جي ماهرن جو رايو آهي
تهه سنڌو تهذيب ٽن مشهور تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌو تهذيب سنڌو ماٿري جي پنهنجي تهذيب
آهي، اها ٻئي هنڌان ڪٿان به نه آئي هئي، موهن جو دڙو ان تهذيب جو مرڪز ۽ گاديءَ وارو
شهر هيو، موهن جو دڙو پراچين دور جو عظيم الشان شهر هو، سندس ان دور ۾ آدم شماري اٽڪل
35000 هئي، ان شهر جون حدون اڄوڪن حدن کان ٻه ڪلوميٽر پري هيون. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ سنڌ
جي تاريخ عرب دور ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ايڇ-آر-هال
جو چوڻ آهي ته سميري قوم سنڌو ماٿريءَ مان لڏ پلاڻ ڪري وڃي عراق وسايو، عراقي ڪتبن
۾ ان قوم کي انس سڏيو ويو آهي، اهو لفظ عربيءَ ۾ سڌريل انسان لاءِ ڪتب آيل آهي. تاج
صحرائي چوي ٿو ته فونيشين يا فونيقي به وادي سنڌ مان لڏ پلاڻ ڪري فلسطين ۾ آباد ٿيا،
ڇو ته انهن جي ٺڪر جي ٿانون تي به هو بهو سنڌو تهذيب جي قديم ترين ٻوليءَ جهڙا اکر
لکيل آهن، ان مان پڪي ثابتي ٿي ملي ته فونيقي به سنڌ ولوڪ هئا ۽ سنڌ جي پڻين يا پڻي
لوڪن جي اولاد هئا پڻي لفظ ئي بگڙي فونيقي ٿي ويو آهي، هونئن به پ، ف ۾ تبديل ٿيندي
آهي جيئن پار سيءَ مان فارسي يا سپت مان هفت وغيره ۽ بابلي تهذيب ڪتبن ۾ سنڌو سڀيتا
جي علائقن جانا لا ڏنل آهن، مڪران کي ماگان، ملتان کي ملوها ۽ سنڌ لاءِ دلمون جو نالو
آيل آهي، هڪ سميري ڪهاڻيءَ ۾ دلمون يعني سنڌ جو ذڪر هيئن آيل، دلمون جي سرزمين طلوع
آفتاب جي جڳه آ، دلمون پاڪ حظو آ دلمون جي جڳه تازي آ ۽ دلمون جي ڌرتي روشن آ، دلمون
۾ شينهن ڪنهن کي نه ڦاڙيندو آ، بگهڙ ڪنهن جانور کي ڌڻ مان نه کڻندو آ، پوڙهي عورت
۽ پوڙهو مرد ائين نه چوندا آهن ته پوڙها آهيون.
مان مارٽيمر ويلر جي انهن جملن سان اختتام ڪندس ته انساني
ڪوشش ۽ محنتن جي نتيجي ۾ اڏيل موهن جي دڙي وارو شهر دنيا جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ هڪ
لاثاني يادگار جي حيثيت سان قائم ۽ دائم رهندو.
No comments:
Post a Comment