Thursday, December 6, 2018

بينظير ڀٽو لا ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ غلام دستگير شاهاڻي - لياقت راڄپر


بينظير ڀٽو لا ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ غلام دستگير شاهاڻي
لياقت راڄپر
نه صرف پاڪستان ۾ پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سياست ۾ ايندڙ شخصيتن جو تعلق قانون ۽ تعليم سان گهڻو رهيو آهي. سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ شروع ۾ جيڪي به ناليوارا سياستدان رهيا آهن انهن جو پيشو وڪالت رهيو آهي. سچ ڄاڻو ته مون کي به وڪيل ٿيڻ جو شوق هو ڇو جو اوهان وڪيل ٿيڻ سان قانون جي ڄاڻ هجڻ ڪري نه صرف پنهنجي حقن جي حفاظت ڪري سگهو ٿا پر ٻين سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين کي قانون جي ذريعي روڪي سگهو ٿا. هن وقت وڪالت ڪندڙن جي اهميت ۾ ڏينهون ڏينهن وڏو اضافو ٿي رهيو آهي، هاڻي نه صرف مرد پر عورتون به هن پروفيشن کي هڪ چئلينج سمجهي گهڙي پيون آهن. هي پيشو ان ڪري به وڌيڪ اهميت رکي ٿو جو ظالم ۽ ناانصافي ڪندڙ چاهي اهي زميندار هجن يا بيوروڪريٽ، وڪيلن سان مهاڏو اٽڪائڻ کان پاسو ڪن ٿا. ڪراچيءَ ۾ شهيد زيڊ اي ڀٽو لا يونيوورسٽيءَ جو قيام ۽ تقريبن ٻين سنڌ جي شهرن ۾ ضلعي سطح تي لا ڪاليج کوليا ويا آهن، جتي اسان جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ايل ايل بي امتحان پاس ڪري سوسائٽيءَ ۾ پنهنجو اهم مقام ٺاهڻ ۾ لڳل آهن پر هڪ ڳالهه جو افسوس آهي ته پهريائين جيڪي وڪالت واري شعبي سان لاڳاپيل هئا تن وٽ وقت محنت ۽ علم گهڻو هيو ۽ هنن جي وڪالت تمام گهڻي معياري هئي. ان ۾ اوهان قائد اعظم محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀٽو، قاضي فضل الله، اي ڪي بروهي، عبدالحفيظ پيرزادي کان وٺي ٻين ڪيترن ئي هن شعبي ۾ نالو ڪمايو پر هاڻي اهو معيار نه رهيو آهي جنهن لاءِ نون دوستن کي هن پروفيشن ۾ اچڻ کان پوءِ گهڻي محنت ڪرڻ گهرجي.

Friday, October 12, 2018

موهن جو دڙو - پرمل حفيظ


موهن جو دڙو
دنيا جي عظيم تهذيب
پرمل حفيظ
دنيا جون ۳ وڏيون اوائلي تهذيبون جيڪي هڪ ئي وقت اڀريون، تن منجھان سنڌو سڀيتا هڪ آهي. جنهن کي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ خاص اهميت حاصل آهي. هن تهذيب جي عظيم هجڻ جو اندازو قديم آثارن جي ماهرن جي تحقيق مان لڳائي سگھجي ٿو. قديم آثارن مان مليل شاهدين ڪجھ ڳجھن تان پردا کنيا آهن پر اڃا تائين گھڻا ڳجھ موهن جي دڙي جي مٽي هيٺيان دٻيل آهن. جنهن تي سنجيدگي سان تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. انهيءَ هوندي بـه مليل ثابتين مان سنڌو ماٿري جي قدامت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ ان دور جي ٻولي اڃا بـه هڪ ڳجھ بڻيل آهي، جنهن جي اڄ تائين سڃاڻپ نـه ٿي سگھي آهي. اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي تـه موهن جي دڙي جي اڄ تائين صرف ۱۴ سيڪڙو ئي کوٽائي ٿي آهي. جيڪا ڳالھ گھڻن لاءِ حيران ڪندڙ بـه هوندي. اها بي ڌياني ۽ لاپرواهي ثقافت کاتي جي نا اهلي آهي يا هتان جي قديم آثارن جي ماهرن جي غير سنجيدگي؟ اهو هڪ الڳ ۽ اهم موضوع آهي پر اڄ لکڻ جو مقصد هن عظيم تهذيب جو مختصر جائزو وٺڻ آهي. گھڻن جو خيال آهي تـه موهن جو دڙو Utopian Society ھو. (هڪ اهڙو سماج جتي ڪنهن بـه قسم جي برائي ۽ اڻبرابري نـه هجي).

موهن جو دڙو - علي حيدر


موهن جو دڙو
ماضيءَ جي مهڪ
علي حيدر
موهن جو دڙو جو صحيح نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، سرڪاري طور تي هن تاريخي آثار کي موئن جو دڙو (مئلن جو ڍير) ڪوٺيو ويو آهي، جڏهن ته سرجان مارشل جي لاگ بڪ ۾ موهن جو دڙو (موهن هندو ڌرم جو نالو آهي) لکيو ويو آهي. ڪجهه اديبن جو خيال آهن ته هي منهن جو دڙو (منهن سامهون دڙو) آهي ته ڪن جو خيال آهي ته ُموهِينِ جو دڙو (ُمهِيا هڪ قوم آهي) ۽ ڪجهه اديبن جو خيال آهي ته هي موهن جو دڙو آهي، مقامي آبادي هن آثار کي موهن جو دڙو ڪوٺيندي آهي.

Saturday, September 29, 2018

موهن جو دڙو - رکيل مورائي


موهن جو دڙو
انديشا، امڪان ۽ اميدون
رکيل مورائي
اڄ جي جديد کوجنائن جي ماهرن، اهو قبول ڪري ورتو آهي ته موهن جي دڙي جي شروعاتي تهذيب جيڪا موجوده موهن جي دڙي کان ڇهه ڀيرا اڳ جڙي هئي، اُسري هُئي ۽ اُجڙي هُئي، اها ئي انساني تاريخ جي پهرين تهذيب آهي ۽ اهو فخر سنڌين کي آهي، جن اهڙي تهذيب جو بنياد وڌو، جنهن انساني ارتقا ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، ساڳئي وقت تهذيبي طور به.. !
سرجان مارشل پنهنجي مشهور تحقيقي ڪتاب “مهين جو دڙو” ۾ چٽيءَ طرح لکيو آهي ته “موجوده موهن جو دڙو پهريون نه آهي، ان کان اڳ به ڪيئي ڀيرا هن شهر جي اوسر ٿي آهي”.

Thursday, June 7, 2018

ھيءُ منھنجو لاڙڪاڻو ته ناھي - زيب سنڌي


ھيءُ منھنجو لاڙڪاڻو ته ناھي
زيب سنڌي
چار موسمون ته قدرت طرفان اسان کي عطا ڪيل آهن، پر ماڻهو پنجين موسم جو جواز پاڻ ئي پيدا ڪري وٺندا آهن. ڪي ماڻهو ڪرڪيٽ راند جي عالمي مقابلن کي پنجين موسم جو نالو ڏيندا آهن، ڪي ماڻهو پيار کي پنجين موسم جي نالي سان ياد ڪندا آهن، ته ڪي وري گهڻيون شاديون ٿيڻ وارن ڏينهن کي پنجين موسم جي نالي سان سڏين ٿا. گذريل ڪجهه ڏينهنِ اندر شادين جون ايتريون دعوتون مليون جو فقير کي يقين ڪرڻو پئجي ويو ته، پنجين موسم شادين جي ئي ٿيندي آهي! شادين ۾ شريڪ ٿيڻ خاطر گذريل هفتي جا شروعاتي ٻه ڏينهن ۽ پويان ٻه ڏينهن مون لاڙڪاڻي شهر ۾ گذاريا هئا ۽ وچ وارا ٽي ڏينهن مان پنهنجي حيدرآباد واري گهر ۾ کنگهه، زڪام ۽ بخار جي حالت ۾ پيو هئس. لاڙڪاڻي شهر سان منهنجي جذباتي وابستگي انهيءَ حد جي آهي، جو جڏهن به لاڙڪاڻي ويندو آهيان ته انهن گهٽين ۽ رستن تي پيرين پنڌ هلي پنهنجي روح تائين محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جن گهٽين ۾ رانديون کيڏي ۽ رستن تي رولاڪيون ڪري ٻالڪپڻ جون سرحدون اورانگهي جوان ٿيو هئس. هن عمر ۾ ۽ هاڻوڪي لاڙڪاڻي ۾ مون کي اهو شوق اڪثر مهانگو پئجي ويندو آهي. گهٽين ۾ موجود گندگيءَ ۽ رستن تي صفائي نه هئڻ ڪري، تيزيءَ سان هلندڙ بي ترتيب ٽريفڪ سبب رستن تان مٽي اڏامندي رهي ٿي. ڪنهن به رستي تان هلندي ڌوڙ مٿي ۾ ته پوندي رهي ٿي، پر انهيءَ دَزَ کي ساهه سان گڏ انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ جو رستو به ملي وڃي ٿو! اهو ئي سبب آهي ته مان پنهنجي محبوب شهر لاڙڪاڻي منجهان اڪثر بيمار ٿي موٽندو آهيان. لاڙڪاڻي شهر جا مستقل رهواسي پنهنجي شهر ۾ ملندڙ عذابن کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن، اهو ته اُهي ئي ڄاڻن ٿا!