Saturday, September 29, 2018

موهن جو دڙو - رکيل مورائي


موهن جو دڙو
انديشا، امڪان ۽ اميدون
رکيل مورائي
اڄ جي جديد کوجنائن جي ماهرن، اهو قبول ڪري ورتو آهي ته موهن جي دڙي جي شروعاتي تهذيب جيڪا موجوده موهن جي دڙي کان ڇهه ڀيرا اڳ جڙي هئي، اُسري هُئي ۽ اُجڙي هُئي، اها ئي انساني تاريخ جي پهرين تهذيب آهي ۽ اهو فخر سنڌين کي آهي، جن اهڙي تهذيب جو بنياد وڌو، جنهن انساني ارتقا ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، ساڳئي وقت تهذيبي طور به.. !
سرجان مارشل پنهنجي مشهور تحقيقي ڪتاب “مهين جو دڙو” ۾ چٽيءَ طرح لکيو آهي ته “موجوده موهن جو دڙو پهريون نه آهي، ان کان اڳ به ڪيئي ڀيرا هن شهر جي اوسر ٿي آهي”.


انساني تاريخ ۽ تهذيب جي اوسر جا ڄاڻو يا قديم آثارن جا ماهر، موهن جي دڙي بابت ڪنهن آخري نتيجي تي پهچن، تيستائين موهن جو دڙو اسان سنڌين جي اهڙي تهذيبي سڃاڻپ آهي، جنهن تي اسين سدائين فخر ڪندا رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته هيءُ تهذيبي ماڳ  ان ديس جي سڃاڻپ آهي، جيڪو ديس نه فقط هٿيارن کان آجو هُئو، پر هر قسم جي مذهبي ڀيد ڀاوَ کان پڻ آجو هُئو ۽ جنهن ئي انساني تاريخ کي پهريون ڀيرو ٻڌايو ته خدا هڪ آهي.
هيءُ اُهو درو آهي، جڏهن حضرت ابراهيم، خدا جي هڪيڙائيءَ کي قبول ڪندڙ پهريون شخص اڃا ڄائو به نه هُئو، هُن جو جنم ٻه هزار سال پوءِ ”اُر“ شهر ۾ ٿيو، ان قوم جي تهذيب جي سڃاڻپ موهن جي دڙي جا آثار مسلسل سالن کان تباهي ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن/هئا.
موجود ملڪي سرحدن ۾ موهن جو دڙو ڀلي سنڌ جي تهذيبي سڃاڻ آهي پر ويڪري دائري ۾ اهو انساني تهذيبي اوسر جو پهريون اهڃاڻ پڻ آهي. جنهن ۾ ٻه ڳالهيون نه آهن، هنن آثارن جي پهرئين ۽ شايد آخري کوٽائي به سرجان مارشل جي نظرداري هيٺ ئي ٿي هئي، جنهن کان پوءِ ئي دنيا کي هن ماڳ جي سُڌ پئي، گذريل صديءَ جي ٽيئن ڏهاڪي ۾
ورهاڱي کانپوءِ جيڪي حڪومتون آيون، انهن سڀني هن قديم ماڳ کي نظر انداز پئي ڪيو. جيتوڻيڪ اڳتي هلي. پاڪستان پنهنجي قديم ماڳن جي جيڪا فهرست جوڙي اها چئني صوبن جي گڏيل هئي، جنهن ۾ سنڌ جا هڪ سئو ٽيهه (۱۳۰) ماڳ شامل هئا، مجموعي طور پاڪستان جا اهي تهذيبي ماڳ جن جي داخلا يونيسڪو جي لسٽ ۾ آهي انهن جو انگ اٺ (۸) آهي، جن مان ٻه (۲) پختونخواهه ۾ آهن ٻه سنڌ ۾ آهن ۽ چار پنجاب سان واسطو رکن ٿا،
افسوس اهو آهي ته پاڪستان جي حڪومت بلوچستان ۾ موجود “مهرڳڙهه” جهڙي تهذيبي ماڳ کي به يونيسڪو جي لسٽ ۾ شامل ڪرائڻ کان رهائي ڇڏيو هُئو جيڪا تهذيب موهن جي دڙي واري دور جي ويجهو ٻڌائي وئي آهي. عالمي اداري يونيسڪو جي داخلا ۾ سنڌ پاران ٻه (۲) ماڳ، موهن جو دڙو ۽ مڪلي رجسٽرڊ ٿيل آهن.
موهن جي دڙي ڏانهن جديد دنيا جو ڌيان تڏهن اڃا وڌيڪ ويو جڏهن ۱۹۷۲ع ۾ لاڙڪاڻي سنڌ جو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان تي حڪمران ٿي آيو ۽ هن پهريون ڀيرو موهن جي دڙي تي هڪ عالمي سيمينار ڪوٺايو جنهن کي عنوان ڏنو ويو “سنڌ صدين کان” ۽ جنهن ۾ دنيا جي قديم آثارن جي ماهرن هن تهذيبي ماڳ جي عظمت ۽ قدامت بابت پنهنجا پيپر پڙهيا. هيءَ سيمنار ۱۹۷۴ع ۾ ڪوٺايو ويو هئو.
جيئن ته مذهب جي نالي تي جڙيل هن ملڪ ۾ سنڌ جي قدامت کي اجاگر ڪرڻ بچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي ناداني حڪمرانن نٿي ڪرڻ چاهي، ان ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن هن ماڳ کي بچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ جي مد ۾ ڪيترا ئي ڀيرا فنڊنگ ڪئي پر اها سڀ يا ان جو وڏو حصو ٻين هنڌن تي خرچ ٿيندو رهيو ۽ هيءُ ماڳ لڳاتار جهرندو رهيو. نوبت ان حدتائين پهتي جو عالمي اداري يونيسڪو پاران سنڌ جي ٻنهي ماڳن کي پنهنجي لسٽ مان خارج ڪرڻ جا اطلاع اچڻ لڳا.
ڏهاڪو سالن کان هڪ پاسي زرداري راڄ پاران سموري سنڌ کي ”موهن جو دڙو بڻائڻ جي منشا تي عمل ڪيو ويو ته ٻئي پاسي سنڌين کي پيناڪ بڻائڻ جي مشق جاري آهي، ٽئين پاسي موهن جي دڙي کان لاڙڪاڻي تائين ويندڙ ۲۸ ڪلوميٽرن جو روڊ به ٻن حڪومتن ۾ نه ٺهي سگهيو.
ڪيئن به ارڙهين ترميم کان پوءِ ٻين اختيارن ۽ کاتن سان گڏ قديم آثارن جو کاتو به سنڌ کي مليو. هاڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري هئي ته اها پنهنجي تهذيبي ماڳن جو نه فقط بچاءُ ڪري پر انهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ به وٺي.
سنڌ حڪومت پنهنجي اڻ ڳڻين اڍنگن ڪمن جي تاريخ ۾ هڪ ننڍڙو ڍنگ وارو ڪم اهو ڪيو جو چئين ڊپارٽمينٽس کي جوڙي اهي هڪ ئي وزارت هيٺ سنڌ جي هڪ ذهين نوجوان، شاعر سيد سردار علي شاهه صاحب جي وزارت ۾ ڏنا ويا ۽ سردار شاهه صاحب پنهنجي دوست ۽  سنڌ جي نامياري نقاد اڪبر لغاري کي کاتي جو سيڪريٽري ڪري پنهنجي ويجهو آندو ۽ تڪڙ ۾ ئي، قديم آثارن جو ڊائريڪٽر جنرل اسانجي دوست ۽ ڪلچر جي اڳوڻي ڊي جي، منظور احمد ڪنا سري کي ڪري رکيو
هيءُ ئي وقت هُئو، جڏهن يونيسڪو اها پڌرائي ٻه هزار سورهن (۲۰۱۶ع) ۾ ڪئي ته سنڌ جي ٻنهي ماڳن، ملڪي ۽ موهن جو دڙو کي لسٽ مان خارج ڪيو ويندو، هن کاتي پهريون ڪم اهو ڪيو ته سنڌ جا ماڳ جيڪي يونيسڪو جي فهرست مان خارج ڪيا ٿي ويا، انهن کي بچائڻ لاءِ يونيسڪو سان لک پڙهه شروع ڪئي نيٺ کاتي جي وزير ۽ ڊي جي کي پولينڊ وڃڻو پيو. ۽ هو هنن ماڳن کي عالمي لسٽ ۾ موجود رکڻ واري عمل ۾ ڪامياب ٿيا.  اهو ڏينهن سنڌ جي تهذيبي آثارن کي بچائڻ جو اهم ڏينهن هُئو.
۽ جيڪي آثار بچائڻا هُئا، انهن ۾موهن جو دڙو اهم هُئو. کاتي پاران ٻيو جيڪو تڪڙو ۽ اهم ڪم ڪيو ويو اهو هيءُ هئو ته چوئيتاليهن (۴۴) سالن کانپوءِ هڪ ٻي عالمي ڪانفرنس موهن جي دڙي تي فيبروري ۲۰۱۷ع ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن کي به ساڳيو عنوان “سنڌ صدين کان” ڏنو ويو جنهن ۾ پڻ دنيا جا ڪيترا ئي، قديم آثارن جا ماهر شريڪ ٿياجن نه  رڳو موهن جي دڙي جي قدامت تي پنهنجا پيپر پڙهيا پر ان جي مستقبل ۾ تحفظ ۽ بچاءَ جي باري ۾ پڻ ڪيتريون ئي رٿون ڏنيون جن جي روشنيءَ ۾ منظور احمد ڪناسري پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح شروع ڪيو، جهڙو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هُئو.
هُن محسوس ڪيو ته هيءَ اسانجي تهذيب آهي ان ڪري ان جو تحفظ اسان جي ذميواري آهي. هن ماهرن جي صلاح سان جيڪو ڪم موهن جي دڙي تي شروع ڪيو ان پنهنجا تڪڙا ڏيکارڻ شروع ڪيا، ڇاڪاڻ ته ان ڪم ۾ گهڻي خرچ سان گڏ نيڪ خواهشن جو به عمل دخل هُئو، گذريل سال کان وٺي هلندڙ سال ۾ جيڪو موهن جي دڙي تي ڪم هلي رهيو آهي، اهو پڪ سان عالمي معيار کي نظر ۾ رکي ڪرايو پيو وڃي،
ظاهر آهي ته اهو هڪ ٻن سالن جو ڪم نه آهي، ڊگهي عرصي جو ڪم آهي، جيڪو نهايت تيزيءَ سان هلي ته رهيو آهي. پر اهو چڱو عرصو ٺندو، هن ڪم جو طريقو پڪ سان ايئن هوندو جيڪو گهڻو عرصو هنن جهرندڙ آثارن کي محفوظ رکندو، جيڪو مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، ان جي چڪاس پڻ ماهر هروقت ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪم ٿي چڪو آهي، ان جا ڪجهه نمونا جيڪي فوٽن جي صورت ۾ ميڊيا تي ڏيکاريا ويا آهن يا ماهرن کانسواءِ به ڏسڻ وارن جي اکين ڏٺا آهن، سچ پچ اهي نهايت خوشي ڏيندڙ آهن ۽ محسوس ڪرائي رهيا آهن ته هنن آثارن کي محفوظ ڪرڻ وارو ڪم ٿي رهيو آهي.
قديم آثارن جي ڊي جي منظور احمد ڪنا سري جو چوڻ آهي ته “جيڪو ڪم سندس ايا مڪاريءَ ۾ ٿي رهيو آهي، اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ٿيو آهي، ساڳي وقت ايترو تڪڙو ۽ معياري ڪم ڪرائڻ منهنجي فرضن ۾ به شمار آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ آثار اسان جي قومي سڃاڻپ جون علامتون آهن”.
موهن جي دڙي تي هلندڙ ڪم جون ڪجهه تصويرون انٽرنيٽ تي رکيون ويون آهن، جيڪي تازي ڪم کان اڳ ۽ پوءِ جي نمائندگي ڪن ٿيون ۽ تن ۾ پڻ فرق ظاهر ٿي رهيو آهي ۽ اهڙو امڪان آهي ته ڪجهه عرصي ۾ موهن جي دڙي جو وڏو حصو محفوظ ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته هن وقت هنن آثارن کي محفوظ ڪرڻ ئي اهميت وارو آهي،
موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪري ان جي درست عمر جو اندارو لڳائڻ شايد سنڌ جهڙي ننڍڙي خطي لاءِ خواب ئي بڻجي رهجي وڃي. ڪيئن به هنن ماڳن کي بچائڻ اسان لاءِ نهايت ضروري آهي. ۽ اهڙي ڪم ۾ جيڪو شخص وڌيڪ رڌل آهي ۽ پنهنجي سرڪاري وقت کان به گهڻو وڌيڪ وقت ڏيئي رهيو آهي، اهو اداري جو ڊي جي آهي ڇاڪاڻ ته اهو سمورو ڪم ان جي ئي هٿ هيٺ هلي رهيو آهي.
موهن جي دڙي کانسواءِ يونيسڪو جي فهرست ۾ سنڌ جو ٻيو ماڳ مڪلي رجسٽرڊ آهي، جنهن تي به تيزيءَ سان ڪم هلي رهيو آهي، جنهن جو ذڪر مون پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اڳ ئي تفصيل سان ڪيو آهي، اميد جاڳي آهي ته اسانجي پنهنجي سنڌ دوستن علمدارن جي هٿ هيٺ اسانجا ماڳ ڪجهه بچي سگهن ۽ محفوظ رهجي وڃن. ڌارين جون ڪوششون ته انهن ماڳن جي نشانن کي ختم ڪرڻ رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قوم جي تهذيب ۽ تاريخ ئي ان جي قدامت جي ثابتي آهي، اسان جون اهي ثابيتون بچنديون ته اسان تاريخ ۾ بچي سگهنداسين، ٻيءَ طرح دنيا جون ڪيتريون قومون دنيا جي نقشي تان مٽجي ويون، جن جو ذڪر هاڻ پراڻن ڪتابن ۾ ئي ملي ٿو،
اڄ جڏهن اسان سنڌ جي قدامت بابت ويچاريون ٿا ته ان جي قدامت ايتري آهي، جنهن تي اسين فخر ڪري سگهون ٿا ۽ فخر مان چئون ٿا ته “سنڌ صدين کان” موجود آهي ۽ رهندي پر ان جي رهڻ لاءِ جيڪي اپاءَ وٺڻا آهن انهن جي سخت گهرج آهي، ادارن ۾ ويٺل اسانجا سڀ سنڌي ڪامورا خاص طور اهڙا ادارا جيڪي اسانجي تهذيب ۽ تاريخ جي بچائڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن انهن ۾ ويٺل سنڌي عملدار ٿوري به وطن جي حُب سانڍي ڪم ڪندا ته سنڌ کي ڪو به لهر لوڏو نه آهي،
جيئن اها اميد جاڳي آهي ته جنهن طرح موهن جي دڙي جي بچاءَ جو ڪم هلي رهيو آهي ته اڳتي هلي چئي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي کي پڻ ڪو به لهر لوڏو نه آهي. پر هاڻي اتي هلندڙ ڪم کي ڏسي لڳي ٿو ته موهن جو دڙو مُرڪي رهيو آهي، جنهن لاءِ بحرحال ڪنهن به طرح اسان جا دوست ۽ کاتي جا سربراهه جس لهڻن، هونئن هو پنهنجو فرض نڀائي رهيا آهن، جيڪو سندس مٿان کاتي پاران به آهي ته مجموعي طور سنڌ پاران به، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي حلالي پٽن تي شايد وڌيڪ فرض لاڳو ٿيندا آهن. پڪ سان هو پنهنجا فرض بجا آڻيندا ته سموري سنڌ به مرڪي پوندي، اسان کي ان ڏينهن جو اوسيئڙو آهي ۽ بس!

No comments:

Post a Comment