Thursday, June 7, 2018

ھيءُ منھنجو لاڙڪاڻو ته ناھي - زيب سنڌي


ھيءُ منھنجو لاڙڪاڻو ته ناھي
زيب سنڌي
چار موسمون ته قدرت طرفان اسان کي عطا ڪيل آهن، پر ماڻهو پنجين موسم جو جواز پاڻ ئي پيدا ڪري وٺندا آهن. ڪي ماڻهو ڪرڪيٽ راند جي عالمي مقابلن کي پنجين موسم جو نالو ڏيندا آهن، ڪي ماڻهو پيار کي پنجين موسم جي نالي سان ياد ڪندا آهن، ته ڪي وري گهڻيون شاديون ٿيڻ وارن ڏينهن کي پنجين موسم جي نالي سان سڏين ٿا. گذريل ڪجهه ڏينهنِ اندر شادين جون ايتريون دعوتون مليون جو فقير کي يقين ڪرڻو پئجي ويو ته، پنجين موسم شادين جي ئي ٿيندي آهي! شادين ۾ شريڪ ٿيڻ خاطر گذريل هفتي جا شروعاتي ٻه ڏينهن ۽ پويان ٻه ڏينهن مون لاڙڪاڻي شهر ۾ گذاريا هئا ۽ وچ وارا ٽي ڏينهن مان پنهنجي حيدرآباد واري گهر ۾ کنگهه، زڪام ۽ بخار جي حالت ۾ پيو هئس. لاڙڪاڻي شهر سان منهنجي جذباتي وابستگي انهيءَ حد جي آهي، جو جڏهن به لاڙڪاڻي ويندو آهيان ته انهن گهٽين ۽ رستن تي پيرين پنڌ هلي پنهنجي روح تائين محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جن گهٽين ۾ رانديون کيڏي ۽ رستن تي رولاڪيون ڪري ٻالڪپڻ جون سرحدون اورانگهي جوان ٿيو هئس. هن عمر ۾ ۽ هاڻوڪي لاڙڪاڻي ۾ مون کي اهو شوق اڪثر مهانگو پئجي ويندو آهي. گهٽين ۾ موجود گندگيءَ ۽ رستن تي صفائي نه هئڻ ڪري، تيزيءَ سان هلندڙ بي ترتيب ٽريفڪ سبب رستن تان مٽي اڏامندي رهي ٿي. ڪنهن به رستي تان هلندي ڌوڙ مٿي ۾ ته پوندي رهي ٿي، پر انهيءَ دَزَ کي ساهه سان گڏ انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ جو رستو به ملي وڃي ٿو! اهو ئي سبب آهي ته مان پنهنجي محبوب شهر لاڙڪاڻي منجهان اڪثر بيمار ٿي موٽندو آهيان. لاڙڪاڻي شهر جا مستقل رهواسي پنهنجي شهر ۾ ملندڙ عذابن کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن، اهو ته اُهي ئي ڄاڻن ٿا!


ڪالهوڪي ڪاوش ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر ترقياتي ڪمن ۾ ٿيل ڪرپشن بابت معشوق اوڍاڻي جي تفصيلي رپورٽ پڙهيم ته منهنجي دل کي ڌڪ لڳو. جن لفظن سان انهيءَ رپورٽ جي پڄاڻي ڪئي وئي آهي، اهي ته پڙهي ڏسو، ”وڏي پيماني تي فنڊ ملڻ کان پوءِ ٿيل ڪرپشن سبب پيپلز پارٽيءَ جي لاڳيتو ساڍا نَوَ سالن جي صوبائي حڪمرانيءَ واري دور ۾ لاڙڪاڻو، پئرس ته نه بڻجي سگهيو پر شهر کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي واري سونهن به واپس ملي نه سگهي آهي.... شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي شهر کي اربين رپين جا فنڊ ڏئي خوبصورت بڻائڻ جا اعلان ته ڪيا ويا، پر شهر جو پراڻو اوج واپس ٿيڻ ڪو خواب بڻجي ويو آهي.“ لاڙڪاڻي شهر کي پئرس بڻائڻ واريون ڳالهيون شهيد ذوالفقار ڀٽي جي دور ۾ ٻُڌبيون هيون. ڀٽي صاحب جا مخالف اڪثر کيس اجائي تنقيد جو نشانو بڻائڻ خاطر چوندا هئا ته هن پنهنجي شهر کي پئرس بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته انهيءَ ڳالهه ۾ حقيقت جو ته ڪو ذرو به شامل ڪونه هو. ها، شهيد ڀٽي لاڙڪاڻي جا ڪجهه ڀَڳل روڊ رستا ضرور ٺهرايا هئا، باقي شهر کي صاف سٿرو رکڻ جي روايت ته لاڙڪاڻي ۾ اڳي ئي موجود هئي. ”هجئي ناڻو ته گُهم لاڙڪاڻو“ جهڙو محاورو به هن شهر جي شاندار ماضيءَ جو گواهه آهي ته ساڳئي وقت انهيءَ شهر کي ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ به چيو ويندو هو. جيڪڏهن توهان کي لاڙڪاڻي شهر جي ماضيءَ واري اوج کي ڏِسڻو آهي ته، پير حسام الدين راشدي صاحب جو ڪتاب ”هُو ڏوٿي، هُو ڏينهن“ کولي ڏسندئو ته پير صاحب جي باڪمال تحرير سبب، توهان اڄ به پاڻ کي ماضيءَ جي صاف سٿري لاڙڪاڻي شهر ۾ بيٺل محسوس ڪندئو. حسام الدين راشدي صاحب جنهن لاڙڪاڻي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ته مون به راشدي صاحب جي ڪتاب وسيلي ئي ڏٺو، پر جيڪو لاڙڪاڻو منهنجي سانڀر ۾ موجود آهي، اهو به راشدي صاحب جي تحرير واري تسلسل جهڙو ئي صاف سٿرو ۽ خوبصورت هو. منهنجي ٻاروتڻ واري سانڀر کان وٺي شهيد ذوالفقار ڀٽي جي دور جي پڄاڻيءَ تائين، ڏينهن ۾ ٻه دفعا سڄي شهر کي صاف ڪيو ويندو هو. صبح جي ٻانگ اچڻ واري وقت سوين خاڪروب سڄي شهر جي شاهراهن ۽ گهٽين ۾ پهچي ويندا هئا. سڄي شهر ۾ ٻُهارا ڏئي گند ڪچرو کنيو ويندو هو. خاڪروب نالين منجهان گند ڪڍندا هئا ته پويان پخالي اچي انهن نالين ۾ صاف پاڻي هاريندا هئا، پخالين جي پٺيان وري ڌوتل نالين ۾ چُونو هارڻ وارا پهچي ويندا هئا. ايئن شهر ۾ صبح جي هلچل شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مڪمل صفائي ٿي ويندي هئي. ٻيهر وري منجهند جي وقت صفائيءَ جو اهو عمل ورجايو ويندو هو. ڪرپشن ته تڏهن به ڪجهه نه ڪجهه هوندي، پر اهڙا ڪلور نه هئا، جيڪي هاڻي آهن. شهيد ڀٽي ڏانهن ته انهيءَ حوالي سان سندس دشمن به آڱر کڻي نه سگهندا. شهيد ڀٽو ته وزير اعظم هوندي به اوچتو پاڻ شهر ۾ نڪري پوندو هو ۽ ترقياتي ڪمن توڙي صفائيءَ سٿرائيءَ تي نظر رکندو هو. شهر جا رستا ايترا صاف سٿرا هوندا هئا، جو ڀٽي صاحب جهڙو نفيس ماڻهو به رات جي وقت المرتضيٰ هائوس کان نڪري، پنهنجي گهر جي پاسي واري رستي جي فوٽ پاٿ تي پسار ڪندي ڏٺو ويندو هو. هاڻي ته صورتحال اها آهي، جو شهر جي فوٽ پاٿن تي دڪاندارن جو قبضو آهي ۽ فوٽ پاٿن کان هيٺ روڊ تي ريڙهن وارا بيٺا آهن. ڪي دڪاندار ته وري انهن ريڙهن وارن کان، دڪان جي اڳيان بيهڻ جو ڪِرايو به وصول ڪن ٿا. عذاب ۾ پنڌ هلڻ وارا عام شهري آهن، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ هلندڙ رڪشائن، چنگچين ۽ موٽرسائيڪلن کان سِرُ بچائڻ ۾ پورا آهن! ٻن سالن جي هڪ معصوم ٻار کي موٽر سائيڪل جي ٽَڪر سبب روڊ تي ڦهڪو ڪندي ڏسڻ واري منظر جو درد لاڙڪاڻي مان موٽي اچڻ جي باوجود مان وساري نه سگهيو آهيان.
ڪرپشن جي ڪاروبار سبب شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي توڙي سڄي سنڌ جو ڪهڙو حشر ٿيو آهي، اهو سڄو احوال لکڻ لاءِ ته نه ڪنهن ڪالم ۾ ايتري گنجائش ٿي سگهي ٿي، ۽ نه ئي ڪنهن هڪ ڪتاب ۾. اهو سڄو احوال لکڻ لاءِ ته دفتر ٿا گهرجن... هن فقير سڄي زندگي لفظن سان راند ڪئي آهي، پر پنهنجي بيحد پياري شهر جو اهڙو هيڻو حال ڏسي هن دل تي ڇا ٿو گذري، سچ ته ڏکاري دل جا اهي احساس لکڻ هن فقير جي وَسَ کان ٻاهر آهن! بيشڪ ته مان ٽيهارو سالن کان حيدرآباد ۾ رهان ٿو ۽ حيدرآباد کي پنهنجو ئي شهر سمجهان ٿو، پر ساڳئي وقت اڄ به لاڙڪاڻو شهر منهنجي روح ۾ رَچيل آهي. انهيءَ شهر جي انهن سڀني گهٽين ۽ رستن سان مون کي اهڙو پيار آهي، جيڪو ڪڏهن به دل کان ڌار ناهي ڪري سگهبو، پر ڪرپشن جي ڪُڌي ڪاروبار شهر جو اهڙو حشر ڪري ڇڏيو آهي، جو مون لاڙڪاڻي کان واپس موٽندي سوچيو پئي ته، هي منهنجو لاڙڪاڻو ته ناهي!

No comments:

Post a Comment