ماڻهو کي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا هتي ئي ملي ٿي وڃي
مشتاق انصاري
مان
جڏهن صبح جو پنهنجي آفيس پهتس ته ڏٺم ته مون کان اڳ ۾ ئي اتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي چڪا
هيا جن ۾ پيرسن عورتون، پيرسن مرد ۽ ڪافي معذور به هيا. اهي سڀ اسان جي آفيس جي
ٻاهران زڪوات وٺڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هيا. آفيس جو هڪڙو ڪلارڪ هنن کي در کان پرتي ڌڪي
رهيو هو. ماڻهن سان هن جو رويو مونکي ڪجهه مناسب نه لڳو. هڪڙي پوڙهي عورت کي هن
ٻاهر ڪڍندي چيو ته :
” هيڏي ڪاڏي
ٿي اچين. نڪر ٻاهر.“
”ابا – مان
تنهنجي ماءُ جيڏي آهيان ڪجهه ته خيال ڪر. ڇو ٿو مونکي ڌڪا ڏين.“
ڌڪا
ڏيڻ جي ڪري اها پوڙهي عورت در جي ڏاڪي تان وڃي هيٺ ڪري. تڪليف جي ڪري هوءَ دانهون
ڪري رهي هئي. مان ڊڪندو وڃي هن کي سهارو ڏئي مٿي اٿاريو هن دعائون ڪندي مونکي چيو
ته :
”ابا تون
سدائين خوش هوندين. الله توکي وڌائيندو باقي هي زڪوات وارا ته هر وقت اسانکي
ڇڙٻيون ۽ ڌڪا پيا ٿا ڏين.“
آفيس ۾
داخل ٿيڻ کانپوءِ مون ان ڪلارڪ کي سمجهائيندي چيو ته :
”توهان
جيڪڏهن هنن غريبن کي ڪجهه ڏئي نٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ هنن سان توهان پيش ته چڱي
نموني اچو. اهي غريب الائي ڪٿان ڪٿان ٿا پنڌ ڪري اچن ان آسري تي ته هتان هنن کي
ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو پر ڪجهه ملڻ جي بجاءِ جو هن کي هتي رڳو ڌڪا ۽ ٿاٻا ملن ته
هنن جي دلين مان ڪهڙي دعا نڪرندي هوندي. ڪير به هجي هر ماڻهو کي پنهنجي عزت پياري
هوندي آهي.“
تنهن
جي اسانجي آفيس جو پٽيوالو مجتبيٰ شاھ
صاحب جنهن جي دل ۾ به غريبن لاءِ احساس هوندو هيو. ان مونکي ڏسي چيو ته :
”سائين توهان
بلڪل صحيح ٿا چئو، اسانکي هر ڪنهن سان عزت سان پيش اچڻ گهرجي. خاص طور اهڙن غريب ۽
مسڪين ماڻهن جو ته اسانکي وڌيڪ خيال ڪرڻ گهرجي. اسانجو مذهب به اسانکي عريبن جو
خيال رکڻ ۽ انهن سان پيار ۽ محبت سان پيش اچڻ سيکاري ٿو.“
مان
تازو جيڪب آباد کان بدلي ٿي لاڙڪاڻي پهتو هيس. مونکي هتي زڪوات جو مختيارڪار مقرر
ڪيو ويو هو. اسانکي آفيس ڪليڪٽري بلڊنگ جي اولاهين پاسي کان هئي. مون سان گڏ اسٽاف
جا ڪجهه ٻيا ماڻهو به هيا. زڪوات جو چيئرمين به ڪڏهن ڪڏهن آفيس ۾ اچي ويهندو هيو.
هتي هر وقت آفيس جي ٻاهران ماڻهن جي رش هوندي هئي. انهن کي ڏسي مونکي افسوس ٿيندو
هيو ته هنن ويچارن کان ڪو پڇڻ وارو به ڪو نه هوندو هيو. سڄو ڏينهن بک ۽ اڃ ۾
انتظار ڪرڻ کانپوءِ شام جو هو ائين ئي مايوس ٿي واپس موٽي ويندا هيا. مونکي افسوس
ان ڳالهه جو به هيو ته هتان زڪوات اهڙن ماڻهن کي ملي ويندي هئي جيڪي اثر رسوخ وارا
هوندا هيا يا جن جو ڪنهن نه ڪنهن سياسي ماڻهوءَ سان واسطو هوندو هيو. اهي ئي ماڻهو
زڪوات وٺي ويندا هيا جن وٽ اڳي ئي گهڻو ڪجهه هوندو هو پر پوءِ به انهن جا پيٽ نه
ڀربا هيا.
اسان
وٽان زڪوات جا پئسا حد جي چيئرمين ڏي موڪليا ويندا هيا جيڪي پوءِ اتان جي مستحق
ماڻهن کي ورهائي ڏيندا هيا. اسانجي آفيس ۾ ايندڙ ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه
ايندي هئي ته هتان کين ڪجهه به نه ملي سگهندو. هنن جو سڄو ڏينهن اتي بيهڻ اجايو
هيو. پر ڪو اهڙو ماڻهو به ڪو نه هيو جيڪو هنن کي اها ڳالهه چڱي طرح سمجهائي.
سيد
مجتبيٰ شاھ اسانجي آفيس جو پٽيوالو هيو. مون پنهنجي نوڪري جي سڄي عرسي دوران اهڙو
شريف ۽ ايماندار ماڻهو نه ڏٺو.هن جي شرافت جي ڪري هر ڪو هن جو گهڻو خيال ڪندو هيو
۽ عزت وچان کيس شاھ صاحب ڪري سڏيندا هيا، هن ڪڏهن به ڪا غلط ڳالهه نه ڪئي. هميشه
سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي ڪندو هيو. هن ۾ هڪڙي خاص ڳالهه اها هئي ته هو
ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا بخشش يا خرچي وغيره نه وٺندو هو ۽ نه ئي وري ڪنهن جي چانهن ئي
پيئندو هو. هن جي ان ڳالهه مونکي گهڻو متاثر ڪيو هو. هڪڙي دفعي هڪڙي لوڪل زڪوات
ڪميٽي جو چيئرمين اسانجي آفيس آفيس ۾ آيو جنهن اچڻ سان آفيس جي سڄي اسٽاف جي لاءِ
چانهن گهرائي، آخر ۾ وڃڻ وقت هن شاھ صاحب کي ڪجهه پئسا ڏيندي چيو ته :
”ان پئسن مان
تون وڃي چانهن پيئجانءِ.“
تنهن
تي شاھ صاحب انڪار ڪندي چيو ته :
”حڪومت جڏهن
مونکي پنهنجي محنت جو معاوضو ڏئي ٿي ته پوءِ مان تنهنجي چانهن ڇو پيئان“
شاھ
صاحب جڏهن به ڪنهن سان ڳالهائيندو هو ته ڏاڍي پيار ۽ شفقت سان ڳالهائيندو هو ائين
محسوس ٿيندو هيو ته ڪو وڏو پنهنجي ڪنهن ننڍي سان ڳالهائي رهيو آهي. ان کان علاوه
هن کي مذهب جي به سٺي ڄاڻ هئي. جڏهن به هو مذهب تي ڳالهائيندو هيو ته ان وقت سڀ هن
کي ويهي غور سان ٻڌندا هيا.
منهنجي
آفيس ۽ ڪلارڪ جي ويهڻ واري جڳهه جي وچ ۾ڪاٺ جا
ٻه ٽي ڪٻٽ رکي پارٽيشن ڏني وئي هئي. جنهن جي ڪري هنن جي ڳالهائڻ جو سڄو
آواز مونکي صاف ٻڌڻ ۾ ايندو هو. واندڪائي جي وقت شاھ صاحب به هنن وٽ وڃي ويهندو هو
۽ ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ويهي هنن سان بحث ڪندو هيو. هڪڙي ڏينهن ڳالهين ڪندي ڪنهن
ڪلارڪ چيو ته :
”زڪوات کاتي
مان به گهڻن ئي اسانجي اسٽاف جي ماڻهن فائدو ورتو آهي.“
ڪلارڪ
جي اها ڳالهه شاھ صاحب کي نه وڻي جنهن تي هن اُن ڪلارڪ کي سمجهائيندي چيو ته :
”هن وقت جنهن
آفيس ۾ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. اسانجي لاءِ اهو نهايت ئي اهم ۽ وڏي ذميواري وارو
ڪم آهي. اسانکي هتي غريبن جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. پر افسوس ان ڳالهه جو
آهي ته پنهنجي ذميواري نڀائڻ جي بجاءِ هتي هر ڪو پنهنجي مفاد خاطر ڪم ٿو ڪري. هتي
حقدارن کي حق ڪو نه ٿو ملي. غريبن ۽ مسڪين ماڻهن جي بجاءِ پنهنجي من پسند ماڻهن کي
ئي زڪوات ڏني ٿي وڃي. اسانجي ماڻهن کي اها
خبر ڪانه ٿي پوي ته غريب ۽ مسڪين ماڻهو جو حق کائڻ ڪيڏو نه وڏو گناھ جو ڪم آهي.
اسانجي مذهب ۾ زڪوات کي سڀ کان وڌيڪ اهميت آهي. نماز کان پوءِ ٻي نمبرتي هن جي
اهميت آهي. ڪفر ۽ اسلام جي فرق جي سلسلي ۾ به ان نماز ۽ زڪوات کي ئي معيار بڻايو
ويو آهي. ڪافرن خلاف جنگ ڪرڻ جو حڪم آهي. پر ساڳئي وقت اهو به حڪم آهي ته :
”جيڪڏهن هو
پنهنجي پوين بڇڙاين کان توبهه تائب ٿين ٿا، نماز پڙهڻ ۽ زڪوات جي پابنديءَ جو
اقرار ڪن ٿا ته پوءِ اهي به توهان جي برادريءَ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا.“
اسان
تي زڪوات شروع کان ئي فرض ٿي آهي. هر نبي سڳوري پنهنجي دور ۾ پنهنجي امت کي زڪوات
جي لاءِ تاڪيد ڪندا رهيا آهن. حضرت ابراهيم عليه السلام، حضرت اسماعيل عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام پنهنجي
پنهنجي امت کي نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪوات ڏين جي هدايت ڪندا رهيا. البت حضرت موسيٰ
عليه السلام جي زماني جا ماڻهو ڪجهه تنگ نظر ۽ ڪنجوس هيا. جيئن يهودي اڄ ڏينهن
تائين ڪنجوس طور مشهور آهن. انڪري حضرت موسيٰ عليه السلام کي خدا جي طرف کان حڪم
ٿيو ته:
”جيڪڏهن
تنهنجا ماڻهو زڪوات ڏيندا ته مان انهن کي
پنهنجي رحمت ۾ شامل ڪندس. ٻي صورت ۾ انهن جي لاءِ عذاب آهي.“
اسانجي
آخري نبي ﷺجي وفات کانپوءِ جڏهن ڪجهه قبيلن زڪوات ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته حضرت
ابوبڪر صديق انهن خلاف جنگ ڪئي هئي. ان مان ظاهر آهي ته نماز ۽ زڪوات اسلام جا ٻه
وڏا اهم ٿنڀا آهن، ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته جيڪا امت الله ۾ يقين رکندي هجي اها
ڪڏهن به انهن ٻنهي فرضن کان آجي رهي هجي.
زڪوات
جي معنيٰ آهي ته پاڪائي، مطلب ته جيڪو ماڻهو زڪوات ڏئي ٿو ته انجي باقي بچل دولت
صاف ۽ پاڪ ٿي وڃي ٿي ۽ ان سان گڏ ان ماڻهو جو نفس به پاڪ رهي ٿو. الله کي اهو شخص
پسند آهي جيڪو ان جي راھ ۾ خرچ ڪري ٿو. ان جي لاءِ ائين فرمايو اٿائين ته جيڪو
ڪجهه توهان غريبن کي ڏيندؤ. ان جو اجورو
توهان کي مان ڏيندس. پر جيڪو ماڻهو الله جي راھ
خرچ ته ڪري ٿو پر صرف پنهنجي نالي
خاطر ۽ ڏيکاءُ ڪري ٿو اهڙو شخص الله کي پسند ناهي. اسلام نٿو چاهي ته سموري دولت
ڪن چند ماڻهن جي هٿن ۾ رهجي وڃي. تنهن ڪري زڪوات جو حڪم ٿيو ته جيئن ان سان غريبن
جي مدد ٿي سگهي. ان عمل تي مسلمان جيڪڏهن هن وقت تائين قائم هجن ها ته شايد انهن
جي اها حالت نه هجي ها.
اها
حڪومت جي ذميواري آهي ته زڪوات جي ورهاست جو سٺي نموني بندوبست ڪري ته جيئن اها
اصل مستحق تائين پهچي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي بدديانتي نه ٿئي ۽ اهو به خيال رکيو
وڃي ته ڪنهن جي عزت مجروج نه ٿي. ان لاءِ ئي چيو ويو آهي ته خيرات اهڙي نموني ڏيو
ته جو هڪ هٿ کان ٻي هٿ کي خبر نه پوي. پر ڏسئون ٿا ته هتي زڪوات ڏيڻ وقت هر ماڻهو
کي خوار ۽ خراب ڪيو ٿو وڃي. مسڪين ماڻهو ته ڪجهه نٿا چون پر الله وٽ ان جو حساب
ضرور ڏيڻو پوندو.“
شاھ
صاحب جي گفتگو ٻڌڻ کانپوءِ هن کي مون
پاڻوٽ گهرايو ۽ چيو ته :
”زڪوات جي
باري ۾ ته تو کي چڱي ڄاڻ آهي. جيڪڏهن نه تو کي ڪا چڱي ڊگري هجي ها ته اسان وٽ اڄ
ڪنهن چڱي پوسٽ تي هجين ها،“
هن چيو
ته :
” بس سائين
قسمت جي ڳالهه آهي، منهنجون حالتون ئي ڪجهه اهڙيون هيون جو مان اڳتي پڙهي نه
سگهيس.“
مون هن
کي چيو ته :
”ڏسين ٿو ته
اسانجي آفيس ۾ سڄو ڏينهن ماڻهو رش ڪيون
بيٺا آهن ڪم ڪرڻ ئي نٿا ڏين. اڳتي تون هنن کي چڱي نموني سمجهائيندو ڪر ته هتي اچڻ
جي بجاءِ پنهنجي حد جي چيئرمين ڏي وڃن.“
گهڻي
سمجهائڻ جي باوجود به ڪٿي ٿا ماڻهو اسانجي ڳالهه کي سمجهن. رهندو اسانجي خلاف
شڪايتون وڌي ويون. ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي آفيس ۾ روزانو کليل ڪچهري ڪندو هيو. ماڻهو
هاڻي انسان ڏي اچڻ بجاءِ اوڏانهن وڃڻ لڳا.
ان وقت
لاڙڪاڻي جو ڊپٽي ڪمشنر هيو خسرو پرويز.قد جو ڊگهو، بدن جو ڀريل، رنگ ڀورو، اکيون
وڏيون ۽ وڏا شهپر، وڏي رعب تاب وارو شخص هيو. هن مونکي چئي ڇڏيو هيو ته جڏهن به هو
ماڻهن سان کليل ڪچهري ڪري ته ان وقت مان اتي ضرور موجود هجان ڇو جو زڪوات کاتي جون
گهڻيون شڪايتون هوندين هيون، هڪڙي ڏينهن هڪڙي ڪراڙي عورت اتي اٿي بيهي دانهون ڪرڻ
لڳي ته:
”سائين مان
الائي ڪيترن ڏينهن کان پنڌ ڪندي ٿي رهان پر هن وقت تائين مونکي زڪوات نه ملي آهي.
غريبن کي ڏيڻ لاءِ هنن وٽ پئسو ڪونهي پر پنهنجا ته کڻي محلات ٺهرايا اٿئون.“
مائي
جي دانهن ڪرڻ تي ڊي سي صاحب مون ڏانهن ڏٺو ته مون هن کي جواب ڏنو ته :
سر-مان
ته مسواڙي جاءِ ۾ ٿو رهان . باقي هيءَ مائي ته اسان وٽان ڪافي دفعا زڪوات وٺي وئي
آهي. ڪڏهن پنهنجي نالي تي ٿي وٺي وڃي ته ڪڏهن پنهنجي گهر جي ڀاتين جي نالي تي.“
ڊي
سيءَان عورت چيو ته:
”مائي ٻڌين
ٿي مختيارڪار صاحب ڇا ٿو چوي“
تنهن
تي مائي ڪو به جواب نه ڏنو،بنا ڪجهه چوڻ جي ٻاهر نڪري هلي وئي. ان تي ڊي سي صاحب
چيو ته اسان وٽ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي غلط بياني ڪري اصل غريبن جو حق کايون ويٺا
آهن.
جڏهن
به زڪوات جي چيئرمين خلاف ڪا شڪايت ايندي هئي ته ڪنهن ن ڪنهن آفيسر کان ان جي جاچ
ڪرائي ويندي هئي. مونکي ياد آهي ته جڏهن مان ڏوڪري ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار هيس ته اتي
هڪڙي چيئرمين جي خلاف شڪايت پهتي هئي. جنهن جي انڪوائري اتان جي مختيارڪار ڪئي
هئي. مختيارڪار صاحب آفيس جي خزانچي قربان سنديلي صاحب کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويو
هيو. جنهن پوءِ اچي انڪوائري جو سمورو حال احوال هيئن ڏنو.
”سائين اسان
اڄ هڪڙي ڏاڍي مزي جي انڪائري ڪري آيا آهيون. اسان جڏهن هتان روانا ٿياسين ته رستي
تي مختيارڪار صاحب ٻڌايو ته ڊي سي صاحب هن کي لکيو آهي ته سر زمين تي وڃي ماڻهن جا
بيان وٺي فورن انڪوائري ڪري رپورٽ ڪئي وڃي. ان لاءِ هن تپيدار کي چئي ڇڏيو آهي ته
ڌرين سميت سرزمين تي حاضر هجي، صوبيدار کي به چيل آهي ته پوليس نفري جو بندوبست
ڪري. هاڻي هلئون ٿا اها انڪوائري ڪرڻ.
اسان جڏهن ته تي پهتاسين ته تپيدار، ڪوٽوار ۽ راڄ جا سڀ ماڻهو اُتي موجود هيا.
اسانجي خدمت لاءِ اڳ ۾ ئي مٺائي جون پليٽون موجود هيون. ڊزنن جي حساب سان بسڪوٽ به
آيل هيا. چانهن آئي ته صاحب پهريان مٺائي سان مهاڏو اٽڪايو. ڏند نه هجڻ ڪري بسڪوٽ
چانهن ۾ ٻوڙي کائيندو رهيو. پنهنجي جواني جا قصا ۽ نوڪري دوران آفيسرن سان اٽڪڻ
جون ڊاڙون هڻندو رهيو. ڪلاڪ کن کان پوءِ مونکي چيائين ته ”پٽ اٿ ته هلئون“ تنهن تي
مون کيس ياد ڏياريو ته ”سائين اوهان کي ته چيئرمين جي خلاف انڪوائري ڪرڻي آهي.“ هن
چيوته ”ها انڪوائري ٿي وئي“ مون حيرٽ مان کيس چيو ته ”سائين انڪواري وري ڪيئن ٿي وئي“ هن چيو ته مٺائي کاڌئي، چانهن پيتئي،
بسڪوٽ کاڌئي، اڃا ڪهڙي انڪوائري ڪيون. اتي هلي، مان توکي ڊڪٽيشن ڏيندس. ڊي سي صاحب
کي ليٽر لکنداسين ته زڪوات جو چيئرمين هڪڙو شريف ماڻهو آهي، وڏو نيڪ نمازي ۽ تهجد
گذار آهي. مان پنهنجي نوڪري دوران هن جهيڙو ايماندار انسان نه ڏٺو آهي. زڪوات جا
پئسا هو وڏي ايمانداري سان ورهائي ٿو. هن مان بيوھ عورتون ۽ يتيم ٻار خوش آهن.
جيڪڏهن هي چيئرمين هٽايو ويو ته مسڪين ماڻهو دربدر ٿي ويندا. هي درخواست جنهن به ڪئي آهي سو تمام شرارتي ماڻهو آهي هو
عادتي درخواست باز آهي جنهن کي انگريزي ۾ mischief managar چئبو آهي.“
مان
اڃا اتي ئي ڏوڪري ۾ هيس ته ڊي سي آفيس کان مونکي اصلاح مليو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ لاڙڪاڻي وڃي مونکي زڪوات جو رڪارڊ چيڪ
ڪرڻو آهي، لاڙڪاڻي پهچڻ کانپوءِ اسان کي ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ ويهاريو ويو.
مونسان گڏ اتي ٻين تعلقن جا به اسسٽنٽ مختيارڪار آيل هيا. زڪوات جا چيئرمين به
پهتل هيا جيڪي پنهنجو رڪارڊ کڻي آيا هيا. رڪارڊ جي چيڪنگ دوران مونکي هڪڙي عجيب
ڳالهه نظر آئي. مون ڏٺو ته هڪڙي ساڳئي ئي ماڻهو جو نالو ٻن هنڌن تي لکيل هو. هڪڙي
هنڌ زڪوات جي چيئرمين جي حيثيت سان ته ٻي هنڌ وري مستحق جي حيثيت سان، رڪارڊ کڻي
ايندڙ شخص کان مون جڏهن ان باري ۾ پڇيو ته هن ٻڌايو ته :
”جي سائين
اهو واقعي ساڳيو ماڻهو آهي جنهن جو ٻن هنڌن تي
ذڪر آهي. اهو شخص اڳ ۾ ان ئي لوڪل زڪوات ڪميٽي جو چيئرمين هيو. جنهن بعد ۾
پاڻ کي مستحق ڏيکاري زڪوات کڻندو رهيو آهي. نه صرف ايترو پر هن پنهنجي سڄي فيملي
کي به زڪوات ڏني آهي. هن غريبن، مسڪينن ۽
محتاجن جو حق کاڌو آهي. ان کان علاوه صحتمند هجڻ جي باوجود هن زڪوات حاصل ڪرڻ لاءِ
پاڻ کي معذور بڻايو. اهڙي طرح هن الله جي نعمتن جي ناشڪري ڪئي. دنيا ۾ ته ماڻهو کي
جيڪي ڪجهه وڻي ٿو سو ڪري ٿو. پر الله وٽ هلڻ کانپوءِ ته هر ڳالهه جو حساب ڏيڻو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيو آهي جو ماڻهو کي پنهنجي ڪرتوتن جي هتي ئي سزا ملي
ٿي وڃي. توهان يقين ڪندو ته ان ناشڪري ماڻهو کي اهڙي ته اچي بيماري لڳي جو هاڻي هو
واقعي اکين کان معذور آهي“
سيد
عالم شاهه جي سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مونکي جن ٻن ڳالهين مٿس لکڻ جي
لاءِ اُتساهيو، انهن مان پهرين سندس سياسي ڪمٽمينٽ ۽ ٻي هن پاران پنهنجي اولاد جي
ڪيل سهڻي تربيت. عالم شاهه خوشنصيب آهي ته هن جون ڌيئرون ۽ پُٽ نه رڳو سياسي شعور
سان مالامال آهن، پر هو سٺي تعليم حاصل ڪري پنهنجن پنهنجن ميدانن ۾ مڃتا ماڻي رهيا
.
سيد
عالم شاهه سياسي شعور سنڀالڻ کان پوءِ جن ساٿين سان سياسي طور تي سلهاڙيو، هن جنهن
پارٽي ۽ نظريي کي صحيح سمجهيو، اڄ ڏينهن تائين ان ئي پارٽي، ان ئي نظريي ۽ انهن ئي
ساٿين سان سلهاڙيل آهي، ان عرصي ۾ گهڻائي لاها ۽ چاڙها آيا، سياسي ڀڃ ڊاهه ٿي،
نظرين چولا بدلايا، نظرين جي چولن بدلائڻ تي ماڻهن خسيس مفادن جي حصول لاءِ پنهنجا
رهبر ۽ پارٽيون بدلايون، ۽ اهي دوست جن جي صحبت ۾ اچي سيد عالم شاهه سياسي ۽
نظرياتي واٽ ورتي، انهن مان به ڪيترائي ٿڪي ۽ مايوس ٿي ويهي رهيا يا ڪن وري سياسي
واٽ بدلائي ڇڏي، پر سيد عالم شاهه ورچي نه ويٺو، جتي تو ڇڏيو، اتي ئي آهن وانگر
رهيو ۽ رهندو پيو اچي ۽ نه رڳو رهندو پيو اچي، پر باقاعده سرگرم به آهي. ان سياسي
۽ نظرياتي واٽ ۾ سيد عالم شاهه جيل به ويو، چونڊن ۾ به بيٺو، جهر جهنگ جاڳيو، ڳوٺ
ڳوٺ، وستي وستي ۽ واهڻ واهڻ ويو. نه رڳو سنڌ، پر سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به وڃي
پنهنجا هم خيال دوست ۽ ساٿي تلاش ڪيائين .
سيد
عالم شاهه جو جنهن طبقي سان واسطو آهي، اهو ابن الوقت، پنهنجي سياسي ڪمٽمينٽ ۾
بنهه ڪچو، گيدي، هر دور جي حڪمران طبقي جو سلامي، سون تي سيڻ مٽائڻ وارو ۽ عوام
دشمن رهندو پيو اچي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان وڏيرڪي طبقي مان ڪجهه املهه ماڻڪ ۽ هيرا موتي
پڻ پيدا ٿي پوندا آهن.
سالگرهه
واري ان تقريب ۾ جڏهن سيد عالم شاهه چيو ته ”آئون سيد هئڻ جي ناتي پير ۽ مرشد ۽
سياست ۾ هئڻ جي ڪري، فائدن وٺڻ تي اچان ها ته ارب پتي نه ته ڪروڙ پتي ضرور بڻجي پي
سگهيس.“ ته مونکي سندس ان ڳالهه سان سؤ سيڪڙو اتفاق ڪرڻو پيو، واقعي به سيد عالم
شاهه ٿورو پٽڙي تان لهي ها، ٿاٻو کائي ها، ٿورو اکيون پوري ها ته الائجي ڪٿي وڃي
پهچي ها، پر سيد عالم شاهه انهيءَ جي ابتڙ بهادر، عوام دوست ۽ ترقي پسند خيالن جو
رهندي، پنهنجي ڪلي تي مضبوط بيٺل رهيو.
گذريل
صديءَ جي سٺ، ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ ٺٽي ضلعي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ عوامي
سياست، اڌ بٽئي تحريڪ ۽ هارين جي حقن جي جدوجهد جي دوران ڪيترائي ڪردار اڀري آيا ۽
انهن ڪردارن مذڪوره جدوجهد جي ميدان ۾ اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ ماڻهن جي
ذهنن ۽ دلين ۾ اهڙا ته سوجهرا پيدا ڪيا، جو انهن ڪردارن تي لکجي ته جڳ مشهور روسي
ناولن جهڙوڪ: جب کيت جاگي، پهاڙون ڪي بيٽي، دارو رسن ڪي آزمائش، قافله شهيدون ڪا ۽
چراغ جلتا رها وغيره جهڙا ڪيترائي شاهڪار ناول سرجي پون، اهي ڪردار نه رڳو پاڻ
اڪيلي سر پر پنهنجن سڄي ڪٽنب، ڀائرن، ڀائٽن، ڌيئرن ۽ پٽن سميت جدوجهد جي ميدان ۾
ڪاهي پيا، اهڙن ڪردارن ۾ قاسم پٿر، سيد اڪبر شاهه، شير خان لنڊ، ابوبڪر لنڊ، علي
محمد پرويز، محمد يوسف ڪيڙانو، علي محمد سوڍو، ڏاڏا قادر رانٽو، ساٿي جبل ڏيٿو،
پنهون زنئور، غلام حسين شورو، محمد بخش راهو، مرحوم نجم ميمڻ، حاجي عباسي، زٽو
رنگيزو، ڪاڪا ايوب منڇري، ڪامريڊ ابو ملاح ۽ ٻيا انيڪ نالا آهن، جن جي ادا ڪيل
ڪردار ۽ جدوجهد جي پويان سنڌي پورهيتن، هارين، نارين، مزدورن، ڪمين ۽ ڪاسبين جي
خوشحالي، سک ۽ سلامتيءَ جا خواب هئا.
مون ۾
جڏهن ادبي ۽ سياسي شعور سرجڻ شروع ٿيو ته ان وقت مونکي جيڪي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ جي
لاءِ مليا، انهن ۾ هڪ رسالو ”تحريڪ“ به هو، ان جو ايڊيٽر سيد عالم شاهه هو. رسالا
ته ٻيا به گهڻائي نڪرندا هئا، پر تحريڪ رسالي جو پنهنجو هڪ ڌار نقطئه نظر هو،
منجهس جيڪو مواد ڇپجندو هو، اهو حب الوطنيءَ جا درس ڏيندو هو ۽ ذهنن جي آبياري
ڪندو هو، تحريڪ ۾ ڇپيل مواد ۾ عوام دوست نقطئه نظر جي ترجماني هوندي هئي، تحريڪ ۾
ڇپيل سياسي تجزين، ڪهاڻين، شعرن، مضمونن ۽ خطن جي هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ لفظ منهنجي ذهن
جي بند ٿيل تاڪين کي کڙڪائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ انهن تاڪين کلڻ شروع ڪيو ۽ مستقبل ۾
منهنجي لاءِ فڪري ۽ ادبي واٽ تعين ڪرڻ ۾ تحريڪ جي مواد رهنمائيءَ جو ڪم ڪيو.
وقت
گذرڻ سان گڏ سيد عالم شاهه سندس جهڙن ٻين انيڪ ڪردارن سان ملڻ جلڻ ٿيو، بحث مباحثا
ٿيا ته ڳالهين کي سمجهڻ ۽ وڌيڪ سکڻ جو موقعو مليو، ان وقت جي سياسي ماحول ۾ مون
جهڙن ڪيترن ئي دوستن کي اهڙن ڪردارن گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو انهن جي رهنمائي ۽
رهبريءَ ۾ اڳتي وڌيا، مونکي هتي اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ آيل سياسي
سجاڳيءَ ۾ سيد عالم شاهه پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ايمانداري ۽ خلوص سان ڪيو، اهو ئي
سبب آهي جو اسان سڀني جي دلين ۾ سيد عالم شاهه لاءِ عزت ۽ احترام وارا جذبا آهن ۽
کيس ”سرخ سلام“ ڪندي اطمينان پيو ٿئي.
sain jey sindh it is duty of every sindhi to promote his mother tounge sindhinlanguage
ReplyDeletenisar soomro
Thanks dear. I am expecting same of you.
Delete