Tuesday, June 13, 2017

ڊرائنگ جو برش نوريئڙي جي پڇ مان ٺهندو آهي؟ مشتاق انصاري

ڊرائنگ جو برش نوريئڙي جي پڇ مان ٺهندو آهي؟
مشتاق انصاري
منهنجي پڙهڻ جي شروعات شڪارپور کان ٿي. مامي عثمان جي گهر ڏانهن ويندي رستي تي خليفي غلام حيدر جو هڪ ننڍڙو اسڪول هيو جيڪو دڪان نما هڪڙي ڪمري تي مشتمل هيو. ان ۾ اوڙي پاڙي جا ٻار قرآن شريف جو سبق وٺڻ ايندا هيا. ان سان گڏ انهن کي اتي اسڪولي ڪتاب به پڙهايا ويندا هيا. ان اسڪول وٽان لنگهندي مان ڪجهه وقت اتي بيهي ٻارن کي پڙهندي ڏسندو هيس. ڪن ٻارن جو قرآن شريف پڙهڻ جو انداز ۽ آواز ايترو ته سٺو هوندو هيو جو انهن کي ڏسي مونکي به پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. گهر پهچي امڙ سان مون پنهنجي خواهش جو اظهارڪيو، جنهن مونکي خوشي سان اجازت ڏني. منهنجي ماساتن فدا حسين ۽ عاشق حسين کي به چيو ويو ته هو به مون سان گڏ پڙهڻ وڃن. صبح جو مامو قمر الدين اسان ٽنهي کي خليفي غلام حيدر وٽ ڇڏي آيو ۽ ان کي اسان ٽنهي جي پارت به ڪيائين. پهرين ڏينهن پڙهڻ کان پوءِ جڏهن واپس گهر آياسين ته گهر ۾ اسان جي ڏاڍي خاطر تواضح ڪئي وئي. اسان کي هر ڪو عزت جي نگاھ سان پيو ڏسي. شام جو اسان جي نانيءَ مٺو ڀت ٺاهي پاڙي جي ٻارن ۾ ورهايو هيو.


لاڙڪاڻي اچڻ کانپوءِ بابا مونکي ڪليڪٽري جي مسجد واري مولوي جي حوالي ڪيو. صبح جو جڏهن بابا ڪيلڪٽري ۾ قائم پنهنجي آفيس ايندو هو ته مونکي به پاڻ سان گڏ وٺي ايندو هيو. مونکي مسجد ۾ ڇڏي پاڻ پنهنجي آفيس هليو ويندو هيو. امڙ مونکي هڪڙي ڪپڙي جي ٽڪر ۾ ماني ٻڌي ڏيندي هئي، جيڪا مان اتي مسجد ۾ ئي ويهي کائيندو هيس. منجهند جو آفيس ٽائيم پوري ٿيڻ کانپوءِ بابا سان گڏجي گهر موٽي ايندو هيس.
موڪل واري ڏينهن بابا مونکي پاڻ سان گڏ گهمائڻ وٺي ويندو هو. اسان ڪڏهن گهاڙ واھ جي ڪڙ سان ته ڪڏهن پير شير روڊ سان نڪري ويندا هياسين. ان وقت گهاڙ جي ٻنهي طرفن کان گهاٽا باغ ۽ ڏاڍي ساوڪ هوندي هئي. ان ساوڪ مان هر وقت سرهائي پئي ايندي هئي. اتان لنگهندي ڏاڍا خوبصورت قدرتي نظارا ڏسندا ويندا هياسين. وڻن تي ويٺل پکي جدا جدا لاتيون پيا لنوندا هيا يا ڪنهن مهل ڪا مڇي ٻاهر ٽپو ڏئي وري ڇپڪو ڪري پاڻي ۾ ڪرندي هئي. اهڙي وڻندڙ ماحول ۾ گهمندي ڏاڍو مزو ايندو هيو. پير شير واري روڊ سان اسان ڪڏهن پير شير جي مزار تي وڃي ڪجهه وقت ويهندا هياسين ته ڪڏهن اڃا ٿورو اڳتي وڃي دادو ڪئنال جي پل تان ٿي موٽندا هياسين. رستي تي هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ سان گڏ بابا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اسڪول جي زماني جون به ڳالهيون ڪندو هيو. جيڪي ڏاڍيون مزيدار ۽ دلچسپ هونديون هيون. هڪڙي ڏينهن هن ڳالهه ڪئي ته:-
”ننڍي هوندي مان پنهنجي چاچي رسول بخش کي ڏاڍو پيارو هوندو هيس. منهنجا سڀ انگل سهندو هيو. جيڪو چاهيندو هيس اها شيءِ مونکي ملي ويندي هئي. منهنجي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو جڏهن وقت آيو ته ان ڏينهن مونکي وڏي اهتمام سان تيار ڪيو ويو. سٺا ڪپڙا پارايا ويا. خاڪي زين جي ٿيلهي ۾ ٻاراڻو ڪتاب، سليٽ ۽ قلم وجهي ڏنو ويو. خرچي ڏني وئي ۽ پوءِ چاچو هٿ کان وٺي، مونکي اسڪول ڇڏڻ ويو. اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کانپوءِ جيئن ئي چاچو دروازي کان ٻاهر ٽپيو ته مان رانڀاٽ ڪري روئڻ لڳس. ماستر گهڻو ئي مونکي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان ڪاٿي ٿو بس ڪيان، ويتر وڃن پيون منهنجون رڙيون وڌنديون. نيٺ تنگ ٿي هڪڙي ڇوڪري هٿان مونکي گهر اماڻيو ويو.“
”ٻي ڏينهن تي گهر وارن مونکي ڇيٽ جي گلن واري سٿڻ پارائي اسڪول موڪليو. اسڪول پهتس ته ڇوڪرا مونکي ڏسي ’ڇوڪري ڇوڪري.‘ ڪري چيڙائڻ لڳا ان مهل ئي مان روئندو گهر موٽي آيس.“
”هڪڙي ڏينهن اسڪول ۾ ماستر اسان ڇوڪرن کي قطار ۾ ڪري بيهاريو ۽ هر هڪ کان واري واري سان سوال پڇڻ لڳو. جيڪو جواب صحيح پيو ٻڌائي ته ان کي هڪ نمبر اڳتي ٽپائي بيهاريو پيو وڃي. اهڙي طرح سوالن جا جواب ڏيندو مان سڀني کان اڳيان پهرئين نمبر تي وڃي بيٺس. ماستر وري هڪ سوال پڇو ان جو به مون صحيح جواب ڏنو. صحيح جواب ٻڌائڻ تي مونکي پنهنجي اڳيان واري ڇوڪري کان نمبر وٺڻو هيو. پر منهنجي اڳيان ته ڪو هيو ئي ڪو نه. مان منجهي پيس جڏهن ٻيو ڪجهه مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته مان پوئتي موٽڻ لڳس ۽ پنهنجي پٺيان بيٺل ڇوڪري کان نمبر وٺڻ لڳس. ان تي سڀئي کلڻ لڳا.“
”هڪڙي دفعي هڪڙو گورو صاحب اسان جو اسڪول گهمڻ آيو. جنهن وقت هو آيو ته اسان سڀني شاگردن هن کي سلام ڪيو. مون سامهون واري ڇوڪري کي ڏٺو جنهن طرف واري هٿ سان هن سلام ڪيو هيو ته مون به ان طرف واري هٿ سان سلام ڪيو يعني، هن سڄي هٿ سان سلام ڪيو ته مون کٻي هٿ سان. صاحب جڏهن مون وٽ آيو ته هن منهنجو کٻو هٿ هيٺ لاهي سڄو نرڙ تي رکيو. هن هٿ ڇڏيو ته مان سڄو هٿ لاهي وري کٻو نرڙ تي رکيو. جنهن تي صاحب کلڻ لڳو.“
بابا جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ مونکي به شوق ٿيندو هو ته مان به جيڪر ڪنهن اسڪول ۾ داخل ٿيان. هڪڙي ڏينهن اها خواهش به پوري ٿي، جڏهن بابا مونکي پرائمري اسڪول علي گوهر آباد ۾ داخل ڪرايو. اسڪول اسانجي گهر جي ويجهو هيو. انڪري مونکي اچڻ وڃڻ ۾ ڪا به ڏکيائپ نه ٿيندي هئي، رڳو هڪڙو روڊ ٽپڻو پوندو هيو. پران وقت ٽريفڪ گهٽ هجڻ جي ڪري مونکي ايتري پريشاني نه ٿيندي هئي. هڪڙي استاد جي لاءِ جيڪو ڪجهه مون پنهنجي ذهن ۾ سوچي رکيو هيو. ان اسڪول ۾ مونکي سڀ اهڙا ئي استاد نظر آيا. سٺا ۽ پيار ڪندڙ. هنن جي اها سوچ هوندي هئي ته ”سختي ڪرڻ سان ٻار بگڙجي ٿو. پيار سان جيڪا شيءِ سمجهائجي ٿي اها سمجهه ۾ به جلدي اچي ٿي ۽ اثر به رکي ٿي.“ پر وقت تي پيار سان گڏ استاد ٿوري سختي به ڪندا هيا. هر ڪنهن استاد جي پنهنجهي پنهنجي طبيعت هوندي هئي سزا ڏيڻ جو طريقو به هر ڪنهن جو پنهنجو هو. سائين نور محمد پيٽ ۾ چونڊي پائيندو هو. سائين فيض محمد عينڪ جي مٿان ڏسندو هيو ۽ ڪاوڙ وقت، پنهنجي زبان کي ڏندن هيٺان ڏئي، ڇوڪري کي مٿي ۾ پينسل ٺڪاءُ ڪندو هيو. سائين گل حسن کي سدائين مٿي تي ڊگهي گل واري ڳاڙهي ترڪي ٽوپي هوندي هئي. انڪري اسان هن کي سڏيندا ئي ”سائين ٽوپي“ هياسين. هن کي جڏهن ڪاوڙ ايندي هئي ته هڪڙي هٿ سان ڇوڪري جي ڪن کي جهلي، ٻئي هٿ سان چپاٽ وهائي ڪڍندو هو.
سائين عبدالرشيد اسانجي اسڪول جو هيڊ ماستر هيو. اهو سائين ڏاڍي پياري شخصيت جو مالڪ هيو. هميشه سٺا ۽ صاف ڪپڙا پائيندو هو. سندس چهري تي ڊگهي اڇي ڏاڙهي هوندي هئي. طبيعت جو ڏاڍو نرم ۽ رحمدل هو. اسان سڀ هن کي ”سائين وڏو“ ڪري چوندا هياسين. هر ڪو هن جي عزت ڪندو هيو پر ڪي شرارتي ڇوڪرا به هيا جيڪي هن جي نرم مزاجي مان فائدو وٺندي هن کي ”سائين وڏي جو ڀوڙينڊو“ چوندا هيا.
سائينءَ کي به ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ اچي ويندي هئي. هڪڙي ڏينهن ڪلاس هلندي ڪنهن ڇوڪري ڏاڍيان ڳالهائڻ شروع ڪيو. گوڙ تي سائين جي پڙهائڻ جو سلسلو ٽٽي ويو ۽ کيس ڪاوڙ اچي وئي. هنجي ميز جي خاني ۾ اسڪول جون چاٻيون پيون هونديون هيون ڪاوڙ ۾ اچي هن اهو چاٻين جو ڇڳو کڻي ان ڇوڪري کي پري کان ئي اهڙو زور سان هنيو جو ان جي مٿي مان رت وهڻ لڳو. رت وهندو ڏسي سائين پريشان ٿي ويو. ان ڇوڪري جي زخم کي سائين پاڻ ئي ڌوئي صاف ڪيو ۽ ان کي پٽي ٻڌائين ۽ پوءِ ڇوڪري کي پنهنجي کيسي مان خرچي ڏئي گهر موڪلي ڇڏيائين.
پنهنجي اسڪول ۾ مان سڀني کان وڌيڪ ماٺيڻو ۽ غريب طبيعت وارو شاگرد ليکبو هيس. پر پوءِ ڪن ڇوڪرن جي چوڻ ٿي مان به ڪڏهن ڪڏهن اسڪول مان گسائڻ لڳس. هڪڙي دفعي رسيس ۾ هڪرو ڇوڪرو مونکي پنهنجي ڳوٺ پٻڻ جي ڏوڏي کارائڻ لاءِ وٺي ويو، ڳوٺ جي ٻاهران پاڻي جي هڪڙي کڏ هئي. ڇوڪرو مونکي  ان جي ڪناري تي هڪڙي وڻ هيٺان ويهاري پاڻ پنهنجي گهران ٿي اچڻ لاءِ چئي هليو ويو. گرمين جا ڏينهن هيا. منجهند جي وقت ٻاهر ڪو به مانهو گهمندي نظر نه پئي آيو. اڪيلائپ ۾ مونکي ڪجهه ڊپ ٿيڻ لڳو. ڪجهه وقت کانپوءِ مون ڏٺو ته هڪڙو همراھ ڪلهي تي ڪهاڙي رکيون مو ڏانهن وڌندو ٿو اچي. اچڻ سان هڪل ڪري پڇيائين ته ”ڪير آن“ هن کي ڪهاڙي ڏسي منهنجي نڙي ۽ چپ خشڪ ٿي ويا ۽ ڀئَه ۾ مونکان آوز ئي نه پيو نڪري. هن وري ٻيهر ڌمڪي آميز لهجي ۾ چيو ته ”جيڪو به اوپرو ماڻهو اسان جي ڳوٺ ۾ ايندو آهي ته انکي مان هن ڪهاڙي سان ماري ان کڏ ۾ ڦٽي ڪندو آهيا. تون به مرڻ لاءِ تيار ٿي.“ اهو ٻڌي مونکان پگهر نڪري آيا. دل بيهندي محسوس ٿي ۽ منهنجا هٿ پير ڏڪڻ لڳا. مون پڪ سمجهو ته اڄ منهنجو آخري ڏينهن  آهي. ايتري ۾ مون پنهنجي دوست کي پري کان ايندي ڏٺو ته ڪجهه پيٽ ۾ ساھ پيو. هن اچڻ سان ان همراھ سان منهنجي واقفيت ڪرائي ته هو سندس مائٽ آهي ۽ ائين ئي مذاق ۾ مونکي ڊيڄاري رهيو هو. هن جي لاءِ ته مذاق هئي پر مان ايترو ته خوف ۾ هيس جو ٻيو ڪجهه چئي نه سگهيس. پنهنجي دوست کي مون رڳو ايترو چيو ته ”مونکي ٿورو اڳتي ڇڏي آ“ ان مهل مون کان پٻڻ کائڻ به وسري وئي.
ٻئي دفعي صبح سان ئي مون پنهنجي طبيعت خراب هجڻ جو بهانو بڻايو ۽ دير تائين سمهيو پيو رهيس. دير تائين سمهڻ جي ڪري امڙ مونکي ننڊ مان اٿارڻ آئي.
”پٽ اٿي دير ٿي وئي آهي، تيار ٿي اسڪول وڃ.“
”نه امان اڄ مان نه ويندس. مونکي پيٽ ۾ سور آهي.“
اهو ٻڌي امڙ پريشان ٿي وئي ۽ رڙ ڪري بابا کي چوڻ لڳي ته :
”ٻڌين ٿو! مشتاق کي پيٽ ۾ سور آ.“
بابا ڀڄندو وڃي ڪاٺ جي ٺهيل ننڍڙي پيتي مان هوميو پيٿي جون دوائون جاچڻ لڳو انهن مان هڪڙي دوا کڻي اچي مونکي ڏنائين.
”ها هي وٺ هن سان پيٽ جو سور لهي ويندءِ.“
مان اهي گوريون وات ۾ وجهي چوسڻ لڳس. هونءَ به اهي گوريون مٺيون هجڻ ڪري مونکي ڏاڍيون وڻنديون هيون جڏهن به بابا گهر ۾ نه هوندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان اهي چورائي به کائيندو هيس. بابا جي ڏنل انهن گورين مونکي فائدو ڪيو يا نه پر مونکي اسڪول مان موڪل ملي وئي.
پيٽ ۾ سور هجڻ جي ڪري منجهند جو مونکي ماني به نه ملي، مونکي چيو ويو ته يا ته هڪڙو ٽائيم ماني نه کاءُ يا توکي کچڻي ٺاهي ٿا ڏيون. مونکي کچڻي کارائي وئي. منجهند جو جڏهن بابا آفيس کان آيو ته پاڻ سان گڏ هڪڙو وڏو هنداڻو کنيو آيو. ڏاڍو خوش ٿيس. منهنجون ته اکيون ئي کلي ويون ڇو جو هنداڻو مونکي ڏاڍو وڻندو آهي. انتظار ڪرڻ لڳس ته ڪڏهن ٿو هنداڻو وڍجي ۽ مونکي ملي. لالچي نظرن سان ان کي ڏسندو رهيس. آخر هنداڻي کي وڍيو ويو. بابا سائين ۽ امڙ منهنجي سامهون کائڻ لڳا. بابا مونکي چيو ته ”تو کي پيٽ ۾ سور آهي انڪري توکي نه ملندو.“ مان ڏاڍو پريشان ٿي ويس. مونکي ته پيٽ ۾ سور هيو ئي ڪونه مون ته رڳو بهانو بڻايو هيو. وري به سوچڻ لڳس ته متان بابا جن مذاق ڪندا هجن ۽ ٿوري دير کانپوءِ پاڻ ئي سڏ ڪري ڏين پر جيڪو نه ملڻو هيو سو نه مليو. لڳي ٿوته بابا شايد سمجهي ويو هو ته مون پيٽ ۾ سور جو بهانو بڻايو آهي. ۽ اهڙي طرح مونکي ڪوڙ ڳالهائڻ جي سزا ملي.
سنڌي پنج درجا پاس ڪري مان ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انگريزي پڙهڻ ويس. ان اسڪول ۾ مان ٿورو وقت رهيس ڇو جو جلد ئي بابا جي ڏوڪري بدلي ٿي وئي. ۽ اسان سڀ اوڏانهن هليا وياسين.
ان مختصر عرصي دوران مان اتان جي ڊرائنگ ٽيچر ناصر الدين کان گهڻو متاثر ٿيو هيس. هن جي شخصيت نهايت ئي وڻندڙ هئي. هن جي ڳالهائڻ ۾ پنهنجائپ ۽ سڪ پئي محسوس ٿيندي هئي. اردو ڳالهائيندڙ هيو پر سڀني شاگردن سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪندو هيو. سڀني سان هڪ جيتري پيار ۽ شفقت سان پيش ايندو هو. هن جي چهري تي ڊگهي اڇي ڏاڙهي هئي ۽ پنج ئي وقت نماز جو پابند هيو. مذهب جي گهڻو ويجهو هجڻ جي ڪري هو صرف گل ٻوٽن ۽ قدرتي نظارن جون تصويرون ٺاهيندو هو. ڊرائنگ هال ۾ چئني طرفن کان لڳل هن جون سڀئي تصويرون نهايت ئي دلڪش ۽ وڻندڙ هيون. پر انهن مان هڪڙي ڪناري تي بيٺل ٻيڙيءَ جي پٺيان لهندڙ سج جي منظر واري تصوير ته شاهڪار هئي. انهن تصويرن کي ڏسي مونکي به ڊرائنگ جو شوق پيدا ٿيو. شروع ۾ ڪاغذن تي ابتا سبتا ليڪا ڪڍڻ لڳس ۽ جڏهن ڪاغذ نه ملندو هيو ته گهر ۾ فرش تي ڪوئلي سان تصويرون ٺاهي وري انهن کي ڊاهي ڇڏيندو هيس. ائين ڪرڻ سان منهنجا هٿ پير ۽ لٽا سڀ ڪارا ٿي ويندا هيا. منهنجي شوق کي ڏسي بابا مونکي ڊرائنگ جو سڀ سامان وٺي ڏنو ۽ پاڻ سان گڏ ويهاري پنهنجي ۽ منهنجي ٺاهيل تصويرن جو مقابلو ڪرائيندو هو  جنهن  ۾ اڪثر منهنجون تصويرون وڌيڪ سٺيون قرار ڏنيون وينديون هيون.
جڏهن مان انگريزي چوٿون درجو پڙهندو هيس ته ان وقت اسان باڊھ شهر ۾ رهندا هياسين. باڊھ هاءِ اسڪول۾ سائين لعل بخش اسانکي ڊرائنگ سيکاريندو هيو. منهنجي ڊرائنگ جي شوق کي ڏسي اسڪول ٽائيم کان پوءِبه سائين ڪجهه وقت ويهي مونکي ۽ ٻين ڇوڪرن کي ڊرائنگ سيکاريندو هو. اتي هڪڙي ڇوڪري مونکان پڇيو ته ”هي جيڪو ڊرائنگ جي رنگن جون برش آهي اهو ڪنهن جي وارن مان يا ڪهڙي شيءِ مان ٺاهيندا آهن.“
مون هن کي چيوته :-
”نوريئڙو ڏٺو اٿئي جيڪو وڻن تي ڊڪندو وتندو آهي.“
هن چيو ته :-
”ها“
مون چيو ته :
”ان نوريئڙي کي ماري ان جو پڇ ڪٽي، ان کي اس ۾ سڪائي ان سڪل پڇ مان برش ٺاهيو ويندو آهي.“
ٻئي ڏينهن تي اسان معمول مطابق اسڪول ۾ پهتاسين. ٻيو پيرڊ هيو. اهو پيرڊ ميٿ جو هيو. اسانجي ميٿ جو استاد سائين شفيع محمد هيو جيڪو ڏاڍي سخت طبيعت جو مالڪ هيو. اسان ڪڏهن به هن جي منهن تي مرڪ نه ڏٺي. ڪلاس ۾ ايندو هو ته جاڏي ڪاڏي سانت ٿي ويندي هي. مجال آ جو ڪو ڇوڪرو لفظ ڪڇي ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي. پيريڊ شروع ٿيو ته سائين به اچي پهتو. اچڻ سان بورڊ تي ميٿ جو درجو لکڻ بيهي رهيو.ان وقت بينچ تي منهنجي ڀرسان ڪلهوڪو ڇوڪرو ويٺو هيو جنهن مونکان ڊرائنگ جي برش جي باري ۾ پڇو هيو. سائين جو بورڊ ڏي منهن هيو. ڇوڪري پنهنجي جاميٽري جو باڪس کولي مونکي ڏيکاريو. هن مونکي چيو ته:
”هي ڏس!“
مون ڏٺو ته ان جي جاميٽري باڪس ۾ نوريئڙي جو وڍيل پڇ پيو هيو. مون گهڻو ئي پاڻ کي روڪيو پر تنهن هوندي به مون کان زوريءَ ٽهڪ نڪري ويو. سائين بنا اورتي ڏسڻ جي چيو ته :
Keep Quite
مان خاموش ٿي ويس. سائين جي ڪاوڙ سُجهي پئي. ڇوڪري محسوس ڪيو ته پڇ ڏسڻ سان مونکي کل ٿي اچي ته هن کي مذاق لڳي ۽ ٻيهر جاميٽري باڪس کولي مونکي پُڇُ ڏيکاريو. مون کان وري کل نڪري وئي. پوءِ ته سائين جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ اچي جو مونکي رول سان ڪٽڻ لڳو ته هن کي خبر ئي نه پئي پوي ته هو مونکي ڪيترو زور سان ماري رهيو آهي. خبر تڏهن پئي جڏهن مونکي پنهنجو هٿ ويڻي وٽان ٽٽندي محسوس ٿيو. ڏاڍو سور ٿيڻ لڳو. سور جي شدت جي ڪري دانهون ڪرڻ لڳس. منهنجي اها حالت ڏسي سائين کي ڪجهه خيال ٿيو ۽ مونکي ان وقت موڪل ڏئي گهر موڪلي ڇڏيائين، گهر آيس ته بابا مونکي هڪڙي ڪنڀر کي ڏيکاريو جنهن ڏسي چيو ته؛ ”خير آهي. هٿ ڀڳو ناهي سور جي شدت جي ڪري هٿ سُڄي پيو آهي.“
سڄي رات منهنجي تڪليف ۾ گذري. ٻئي ڏينهن تي منهنجي ڪلاس جا سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مون کان طبيعت پڇڻ آيا. انهن مان هڪڙي ڇوڪري ويندي ويندي وري مونکان پڇو ته:

”ڊرائنگ جو برش جائي به نوريئڙي جي پڇ مان ٺهندو آهي.“

No comments:

Post a Comment