Tuesday, June 13, 2017

گم ٿيل گھوڙا- زيب سنڌي

گم ٿيل گھوڙا
زيب سنڌي

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا شهر ۾ ٽه ڦيٿا رڪشا نه پهتا هئا. شهر جا روڊ رستا ڪشادا ۽ صاف هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سواريءَ لاءِ ماڻهو ٽانگو استعمال ڪندا هئا. ٽانگن لاءِ وچ شهر ۾ هڪ بگي اسٽان هوندو هو، جتان هر وقت بگيون يا ٽانگا ملندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سئنيما جو عروج هو ۽ ماڻهو سئنيما تي ايندي ويندي ٽانگن تي چڙهندا هئا.“ نامياري ليکڪ منظور جوکيي جي لاڙڪاڻي شهر جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي ”اَيوءَ جو گهوڙو“ جون اهي سٽون پڙهيم ته مون کي لڳ ڀڳ اڌ صدي اڳ وارو اهو لاڙڪاڻو ياد اچي ويو، جڏهن لاڙڪاڻي شهر جي رستن تي فقط ٽانگا ۽ سائيڪلون ئي نظر اينديون هيون. عام ماڻهوءَ وٽ ذاتي سواري سائيڪل هوندي هئي ۽ جنهن شيءِ کي اڄ اسين پبلڪ ٽرانسپورٽ چئون ٿا، سا تنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر فقط بگيون ۽ ٽانگا ئي هئا. لاڙڪاڻي جهڙي سنڌ جي اهم شهر ۾ موٽر سائيڪل به ٿورن ماڻهن وٽ هوندي هئي ۽ چئن ڦيٿن واري سواري، يعني جيپ يا ڪار ته ڪجهه ڳاڻ ڳڻين امير ماڻهن وٽ ئي هوندي هئي. صبح هجي يا شام، ڪنهن به وقت شهر ۾ نڪربو هو ته رستن تي فقط سائيڪلن جون آڱوٺي جي زور سان وڄندڙ گهنٽيون ٻُڌڻ ۾ اينديون هيون يا وري ٽانگن ۾ جوٽيل گهوڙن جي آهستي آهستي ڊوڙڻ جا ٽاپ ٽاپ وارا آواز. چڱي دير کان پوءِ ڪنهن موٽر سائيڪل جو آواز ٻڌبو هو، باقي ڪا جيپ يا ڪار ته ورلي ڪو نظر ايندي هئي. شهر جا رستا صاف سٿرا ۽ انڪروچمينٽ نه هئڻ ڪري ڪشادا هوندا هئا. شوقين نوجوان ٽريفڪ جي پرواهه ڪَرڻ کان سواءِ وچ رستي تي ايئن هلندا هئا، ڄڻ اهو روڊ نه پر فوٽ پاٿ هجي! ٽريفڪ جو گوڙ شور نه هئڻ سبب شام جو رش واري وقت به ايتري خاموشي هوندي هئي جو ماڻهو پاڪستان چوڪ جهڙي مصروف هنڌ تي دڪانن ٻاهران ٺهيل ٿَلهن تي ويهي، بجليءَ جي پول ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪر تان لوڪل براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ گانا ۽ خبرون ٻُڌندا هئا. انهن ڏينهن ۾ به لاڙڪاڻو اپر سنڌ جو سکر کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر هوندو هو پر شهر اندر رڪشا جو ڪو نالو نشان نه هو. اپر سنڌ ۾ رڪشا فقط سکر ۽ خيرپور ميرس ۾ نظر ايندا هئا. خيرپور ميرس شهر ته ان وقت به سکر توڙي لاڙڪاڻي کان ننڍو هو، پر هيو ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۽ سکر توڙي لاڙڪاڻو خيرپور ڊويزن جا ضلعا هئا.


ڳالهه پئي ڪئيسين لاڙڪاڻي جي بگين ۽ ٽانگن جي، وڃي نڪتاسين سکر ۽ خيرپور! سو لاڙڪاڻي شهر اندر پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نالي ۾ فقط اهي بگيون ۽ ٽانگا ئي هوندا هئا ۽ اهي ٽانگا ڏاڍا سينگاريل ۽ سهڻا به هوندا هئا. شام جو ڪي ماڻهو بگيءَ تي چڙهي لاهوري ريگيوليٽر وٽ، رائيس ڪينال جي ڪپر تي تفريح لاءِ ويندا هئا ته ڪي وري پنهنجن ننڍڙن ٻارن کي ٽانگي تي سوار ڪرائي تجر باغ، جنهن کي هاڻي جناح باغ به چيو وڃي ٿو، جي در تي اچي لهندا هئا. ڳوٺن ۾ رهندڙ زميندارن ۽ وڏيرن وٽ به ذاتي سواريءَ لاءِ ٽانگا ئي هوندا هئا، جن تي چڙهي هو ڪمن ڪارين لاءِ شهر ايندا هئا. تڏهن غيبي ديري وارو نواب سلطان احمد چانڊيو ئي پنهنجي وليز جيپ ۾ شهر اندر ايندي نظر ايندو هو. جيسين شهر ۾ رڪشائون نه آيون، تيسين شهر جو ماحول اهڙو ئي سانتيڪو ۽ پُرسڪون رهيو. لاڙڪاڻي شهر ۾ پهرين رڪشا ۱۹۷۲ع يا ۱۹۷۳ع ۾ نظر آئي. ڪجهه ڏينهن تائين ته اها هڪڙي ئي رڪشا شهر ۾ هلندي رهي، جنهن کان پوءِ وقفي وقفي سان ڪجهه ٻيون رڪشائون به اچي ويون. جڏهن ويهارو رڪشائون ٿي ويون ته ٽانگي وارن هڪ ڏينهن رڪشائن جي خلاف هڙتال ڪئي ۽ سوين ٽانگا وي آءِ پي روڊ تي ڊي سي آفيس اڳيان وڃي بيهاريا، پر وريو ڪجهه به ڪو نه. ٽانگي وارن جي هڙتال جو ڪو اثر نه ٿيو ته انهن پنهنجي ڪاوڙ ايئن مارڻ شروع ڪئي ته، ڪنهن وقت ڪو ٽانگي وارو تيز رفتار رڪشا کي ويندي ڏسي هَڪَلَ ڪندو هو؛ ”هلا ٿي ٽَر ٽَر...“ ۽ پوءِ رڪشائن جا اهي ٽَر ٽَر وارا آواز شهر ۾ وڌندا ويا. وقت سان گڏ ماڻهن وٽ پئسو آيو ته سائيڪلن جي جاءِ، موٽرسائيڪلن والاري ورتي ۽ شهر ۾ ذاتي سواريءَ لاءِ ڪارن جو تعداد به تيزيءَ سان وڌندو رهيو. رڪشائن جو تعداد وڌي اڳ ۾ سَون ۾ ۽ پوءِ هزارن تائين پهتو. نتيجي ۾ شهر منجهان ٽانگن جو تعداد تيزيءَ سان گهٽجڻ ته لڳو پر تڏهن به ٽانگن جو مڪمل خاتمو نه ٿيو ۽ ڪيترا ئي ٽانگا شهر ۾ نظر ايندا هئا. ٽانگي وارن سڄي ٽانگي جو ڀاڙو وٺڻ بجاءِ في سواريءَ جي حساب سان ڪِرايو وٺڻ شروع ڪيو ۽ بندر روڊ تي ٽانگا اسٽينڊ به آباد رهيو. پوءِ جڏهن ڪي سال اڳ چائنا کان آيل چنگچي رڪشا ملڪ ۾ لٿا ته انهن به لاڙڪاڻي شهر ۾ ٽانگن جيان في سواريءَ جو ڪِرايو وٺڻ شروع ڪيو. ساڳئي مفاصلي تي جتي ٽانگو اڌ ڪلاڪ ۾ ٿي پهتو، اتي ساڳئي پنڌ ۽ ساڳئي ڀاڙي تي چنگچيءَ ڏهن منٽن ۾ ٿي پهچايو، جنهن جي نتيجي ۾ شهر منجهان ٽانگن جو خاتمو شروع ٿيو. اهڙي صورت حال ۾ شهر جا ڪيترا ٽانگي وارا ٻين ننڍن شهرن ڏانهن هليا ويا ته ڪيترن ٽانگي وارن وري پنهنجا ٽانگا کپائي وڃي رڪشا ۽ چنگچي ورتا. ڪجهه مهينا اڳ، منهنجو لاڙڪاڻي وڃڻ ٿيو ته بندر روڊ واري انهيءَ مکيه ٽانگا اسٽيڊ تي هڪ به ٽانگو نه هو، پر انهيءَ ٽانگا اسٽينڊ تي مختلف شيون وڪرو ڪندڙن جا ريڙها ۽ گل فروشن جون مانڊڻيون ئي رکيل نظر آيون هيون. ڪجهه ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران سڄي شهر ۾ مون کي ڪو هڪڙو به ٽانگو نظر نه آيو هو! هاڻي ته انهيءَ لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي ۾ هر طرف بيشمار چنگچيون ۽ رڪشا، وڏن آوازن سان دونهون ڇڏيندي ۽ مٽي اُڏائيندي، ڊوڙندا نظر اچن ٿا. جتي اڳي شهر جا شوقين ٻانهن لوڏيندي وچ رستي تي هلندا نظر ايندا هئا، اتي هاڻي اهو ساڳيو رستو پار ڪندي به خوف محسوس ٿيندو آهي. لاڙڪاڻي جيان سنڌ جي ٻين شهرن جي صورت حال به ساڳي وڃي ٿي آهي. جتي صفائي هوندي هئي، اتي گند جا ڍير آهن ۽ جن رستن تي سڪون سان هلي سگهبو هو، انهن رستن تي هاڻي ننڍا ننڍا ٻار به موت جي کوهه جيان رڪشا ۽ چنگچيون ڊوڙائيندا نظر اچن ٿا ۽ گهوڙي جي پُرسڪون رفتار واري ٽاپ ٽاپ جو آواز گم ٿي ويو آهي!
اسان ته پنهنجين ڪيترين سهڻين روايتن کي وساري ڇڏيو آهي، جن ۾ ٽانگي جي سواري به شامل آهي پر برطانيا جي شاهي خاندان جا فرد ڪجهه خاص موقعن تي اڄ تائين بگيءَ ۾ نظر اچن ٿا ۽ گهوڙي سواري به ڪن ٿا. گهوڙي کي شانَ، بهادريءَ ۽ طاقت جي علامت به سمجهيو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي وڏن چترڪارن گهوڙي کي پنهنجي فن جو موضوع بڻايو آهي ته ساڳئي وقت سنڌيءَ سميت دنيا جي ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۾ به گهوڙي جو ذڪر شانَ مانَ سان ڪيو ويو آهي. لنڊن توڙي دنيا جي ٻين ڪيترن اهم شهرن جي مشيني زندگيءَ ۾ اڄ به رستن تي وڪٽوريا ٽائيپ جون سهڻيون بگيون نظر اچن ٿيون، جن ۾ صحت مند گهوڙا جوٽيل هجن ٿا، پر اسان وٽ ٽانگن جي خاتمي سان گهوڙو به ڄڻ ته بي موت مَري رهيو آهي.

اهڙو عڪس ئي انهيءَ ساڳئي ڪهاڻي ”اَيوءَ جو گهوڙو جي پڄاڻيءَ ۾ به نظر اچي ٿو؛ ”ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان جڏهن پنهنجي شهر ويس ته خبر پئي ته ويچارو اَيو گذاري ويو. وري جڏهن ٻئي ڀيري ويس ته خبر پئي ته اَيو جي پونئيرن سندس گهوڙي جي سار سنڀال نه لڌي ۽ اهو به ويچارو مري ويو!“

No comments:

Post a Comment