Wednesday, May 17, 2017

لاڙڪاڻو ڪيڏو نه بدلجي ويو آهي - لياقت راڄپر

لاڙڪاڻو ڪيڏو نه بدلجي ويو آهي!
شهر ڪهاڻي
لياقت راڄپر
مان پاڻ کي ڏاڍو خوشنصيب سمجهندو آهيان ته منهنجو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو آهي، جنهن انيڪ شخصيتن کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان جهڙا پتڪڙا ماڻهو به ڪنهن ڪنڊ پاسي کان بيٺل آهن، يادون ته هن شهر سان لاتعداد آهن پر ان جو ذڪر ڪيترن لکڻين ۾ ڪري چڪو آهيان ۽ باقي رهيل شيون به لکيون. هن شهر کان ڪراچي نوڪريءَ جي ڪري اچڻ ٿيو. هونئن ته اڪثر اچبو رهبو هو پر جڏهن 1990ع جون ۾ شادي ڪيم ته ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪجهه مجبورين جي ڪري ڪراچي رهڻو پيو.


هن دفعي جڏهن 16 جنوري جي رات جو ساڍي ٻارهين وڳي لاڙڪاڻي شهر ۾ قدم رکيو ته سڀ کان پهريائين اسان جو استقبال اوندهه ڪيو ۽ جتان به لنگهي پنهنجي ڀيڻ جي گهر شيخ زيد ڪالوني پهتس ته هو اسان جي انتظار ۾ جاڳي رهيا هئا. سياري جو وقت هو، ان لاءِ ڪا خاص گهر اندر تڪليف محسوس نه ٿي پر اهو معلوم ٿيو ته هت سئي گئس 11 وڳي رات جو هلي ويندي آهي ۽ صبح جو 6 کان پوءِ واپس ايندي آهي، پر اها ٻرڻ ۾ ايتري ته گهٽ هئي جو توهان ٻارن لاءِ نيرن به پوري طرح سان تيار نه ڪري سگهندؤ.
مان صبح جو تيار ٿي شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪتس پر رڪشن جا ڀاڙا ٻڌي ڪن ئي ٺري ويا، سو اتي ئي رهندڙ دوست نعيم کي فون ڪيم جيڪو موٽر سائيڪل کڻي آيو ۽ اسان شهر ڏانهن روانا ٿياسين. جيئن ئي ڪالوني ٽپي مين روڊ تي پهتاسين ته هوا ۾ ڌوڙ اڏامندي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، منهنجون ته اکيون ئي نه پيون کلن، ان لاءِ دوست مون کي رومال ڏنو جنهن جي ڪري ڪجهه بچاءُ ٿيو. هن صورتحال جي ڪري مون کي هر روز ٽي ڀيرا وهنجڻو ٿي پيو، منهن، نڪ ۽ وات ۾ مٽيءَ وسڻ ڪري بدن ۾ تڪليف، پٽ کوهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. ٽريفڪ جي ڪري گهٽين مان اچڻو ۽ وڃڻو ٿي پيو.
منهنجي حيرانيءَ جي انتها نه رهي جڏهن مون ڏٺو ته شهر جي اندر رائيس ڪئنال، گهاڙه واهه ۽ پنج پلي ۾ هڪ ته پاڻي صاف نه هو، پر گٽرن مان جيڪو پاڻي ايڏانهن ڇوڙ ڪيو ويو آهي، ان ۾ مينهون ويٺل نظر آيون جيڪي گندو پاڻي پي به رهيون هيون، جڏهن اڳتي هليس ته منيهون، ٻڪريون ۽ ڳئون ڪني ڪچري تي بيٺل هيون ۽ گند کائي رهيون هيون. اچڻ وڃڻ وارا ماڻهو اڻڄاڻ ٿي، اک بچائي گهمي رهيا هئا. اهو ظلم صبح ۽ شام ڏسن ٿا پر ڪو به تدارڪ نه ٿا ڪن. هن ڏس ۾ سپريم ۽ هاءِ ڪورٽ جا حڪم آهن ته شهر جي گٽرن جو پاڻي Treatment plant ذريعي صاف نه ٿو ٿئي.
پر ڪنهن جي به مٿي تي جونءِ نه ٿي چري ته هي قهر روڪن، جنهن مان Hepatitis ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون جنم وٺي رهيون آهن. مون ڪجهه ڪاسائين کان پڇا ڪئي ته ڪٺل مينهن جو جيرو ڪيئن ٿو ٿئي، انهن ٻڌايو ته ڪافي جانورن جو جيرو ڳريل ٿئي ٿو، جيڪو ڪٽي ۽ باقي کپائجي ٿو. ڪافي جانورن جي گوشت ۾ بدبوءِ ٿئي ٿي ۽ ڳريل به ٿئي ٿو. اهو ٻڌايو ته اهڙن جانورن جو گوشت اسان کائون ٿا ۽ کير پيئون ٿا، جڏهن ته اونهاري ۾ جڏهن واهن ۾ پاڻي اچي ٿو ته ڳوٺن وارا اهو پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا.
شهر ۾ جڏهن داخل ٿيس ته جيستائين منهنجي نظر ٿي پئي ته رڳو چنگچي هئي، لڳي پيو ته شايد ڪو سياسي ليڊرن جو جلوس آهي. ان سان گڏجي تماشائي موٽر سائيڪلون هوا سان ڳالهيون پيون ڪن. رڪشا، ڪارون هڪ ٻئي جي پٺيان قطار ٺاهي رڪيل نظر آيا، ڇو جو رستا سوڙها ۽ گاڏيون حد کان وڌيڪ، پيدل هلڻ وارن لاءِ فوٽ پاٿ به نه هئي ۽ جتي هئي اتي دڪانن ۽ چانهه وارن هوٽلن جون ڪرسيون، ٽيبلون ۽ ٻيو سامان پيل هو. ٻڌڻ ۾ آيو ته حڪومت 1972ع واري لاڙڪاڻي کي واپس آڻڻ لاءِ قبضن کي هٽائي رهي آهي. هي عمل ڪجهه هنڌن تي نظر آيو پر جتي سفارش يا طاقتور ماڻهو هئا اتي هي ايڪشن رڪيل نظر آيو. روڊن تي رڳو هارن جا آواز ۽ آسمان ڏانهن اڏامندڙ مٽي ۽ دونهون ڇانيل هو. خاص ڪري هن حالت ۾ وڌيڪ خرابي تڏهن وڌي ٿي وئي جڏهن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موڪل ٿي رهي هئي.
هاڻي تمام غريب ٻار پنڌ ڪندي نظر آيا نه ته باقي اسڪول کان ٻارن کي وٺي اچڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ هر قسم جي سواري روڊن تي مکين وانگر بيٺي هئي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽريفڪ جام ٿي رهي. صرف وي آءِ پي جي ٻارن لاءِ پوليس ۽ ٻيو عملو جاءِ ڪرائڻ ۾ مصروف هو. ان کان علاوه ٽريفڪ جا عملدار انهن روڊن تي ٽريفڪ کي هلائڻ ۾ رڌل ڏٺم، جتي عدالتون، سرڪاري اهم آفيسون ۽ وڏن سرڪاري عملدارن جي رهائش هئي يا وري وي آءِ پي جي چرپر هئي. مان هيڏي عرصي ۾ ڪٿي به سارجنٽ نه ڏٺو. رات جي وقت لاڙڪاڻي شهر جي روڊن ۽ گهٽين تي اوندهه جو راڄ نظر آيو. بجلي اچڻ جي صورت ۾ به لائٽ صرف چند اهم هنڌن تي هئي جيڪي روڊ ۽ گهٽيون سياسي ليڊرن ۽ بيورو ڪريٽس جي رهائش يا آفيس ۾ آهن.
ڪروڙين روپيه سولر سسٽم تي خرچ ڪيا ويا آهن، پر اهي ٻرندي نظر نه آيا، سواءِ وي آءِ پي روڊ جي انهن حصن وٽ، جتي ڊي سي هائوس، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي هائوس ۽ ٻيا اهم ۽ پاور فل ادارن جا عملدار رهن ٿا. پراڻي بس اڏي تي وڃڻ ٿيو، جتي ائين لڳو ڄڻ هي ڪو حصو ڪنهن زلزلي ۾ تباهه ٿيل آهي. مان ته حيران آهيان ته نه صفائي هئي، نه روشني ۽ نه وري ڪو تحفظ. خبر پئي ته اتي ڪيترا دفعا دڪاندارن کان ڦر ٿي چڪي آهي ۽ اها به ڏينهن ڏٺي جو جڏهن ته رات ۾ ته ويراني ڇانيل آهي. نئين بس ٽرمينل ڏسڻ جو اتفاق تڏهن ٿيو جڏهن مان رتوديرو وڃڻ لاءِ اوڏانهن ويس. ڪروڙين روپيه خرچ ٿيڻ کانپوءِ به اهو ٽرمينل ويران ۽ اڻ استعمال واري صورت ۾ هو، ساڳيو ئي اڏا ٻاهر هلي رهيا هئا. وائيس ڪئنال مٿان ٺهيل پلون جام ٿي رهيون ۽ ايندڙ ويندڙن جا منهن مٽيءَ سان اڇا ٿيل هئا. بس رڳو ڪراچي وڃڻ لاءِ وڏيون بسون عدالت جي حڪم ڪري شهر کان ٻاهر هيون، جتي ماڻهو آرام سان اچي ۽ وڃي پيو.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ جيڪي روڊ ٺهيا آهن، اهي تمام سٺا آهن، جن ڪري ڪراچي، سکر ۽ شڪارپور وڃڻ لاءِ فاصلو نه صرف گهٽجي ويو آهي پر وقت گهٽ لڳي ٿو ۽ سفر آرامده ٿي پيو آهي. رستي ۾ رات جو به امن امان جي صورتحال سٺي هئي ۽ شهر ۾ به ڪرائيم گهٽ نظر آيو ۽ چيڪنگ مسلسل هئي، باقي ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن وڃڻ وارو نظام اڃا صحيح نه آهي، جنهن جو تجربو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن مان سائين سيد ديدار حسين شاهه، جيڪو اڳوڻو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ نيب جو چيئرمين به رهيو آهي، ان سان ملڻ رتوديرو ويس. ويگن اندر سوڙهه، گرمي، بوءِ ۽ ماڻهن کي ٻڪرين وانگر سٿڻ، زور سان ٽيپ وڄائڻ ۽ ڪنڊيڪٽر جي لهجي مان جهالت ظاهر ڪري رهي هئي، ان کان علاوه مقرر هنڌ تي نه لاهڻ لاءِ ڪوڙا سبب هئا، پر هي سڀ تڪليفون شاهه صاحب جي قرب، عزت ۽ اسان جي اوسيئڙي ۾ انتظار ختم ڪري ڇڏيون. سدائين وانگر مهمان نوازي جو انداز اسان کي موهي وڌو.
لاڙڪاڻي ۾ کاڌي پيتي جو شوق ته ڏاڍو رهيو آهي، پر هوٽلنگ جيتري هاڻي ڏٺم جو هر روڊ، چوڪ ۽ شهر جي بارڊر تي رڳو هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ٺهيل هئا، جتي ماڻهو رات جو ڪراچي وانگر ويٺل نظر آيا پر ان مان جيڪي نتيجا نڪرن ٿا، انهن ۾ مون ڏٺو ته شهر ۾ رڳو پرائيويٽ ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون، ميڊيڪل سينٽر، ليبارٽريون ۽ ميڊيڪل اسٽور هر قدم تي ٺهيل آهن، جيڪي ڊاڪٽرن جا پنهنجا آهن. هنن هنڌن تي مريضن ۽ انهن سان آيل ماڻهو مکين وانگر لامارا ڏئي رهيا هئا. فيون ڳريون، ليبارٽري ٽيسٽ ضروري، دوائون اهي لکي ٿا ڏين جن جون ڪمپنيون هنن کي ٻاهر جا ٽوئر ڪرائين ٿيون ۽ وري وڏو تحفو جنهن ۾ ڪار به آهي وٺي ڏين ٿا. سرڪاري اسپتالن ۾ صرف اهي ماڻهو ڌڪا پيا کائن جن وٽ خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. بس سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي ۾ هميشه رش نظر آئي.
جڏهن ڪنهن سان گڏجي لينار، جيڪا ڪينسر جي علاج واري اسپتال آهي، جيڪا ڀُٽي صاحب ٺهرائي هئي ۽ هي وفاقي ادارو آهي. هن اسپتال ۾ مون کي Discipline نظر آيو، جنهن ۾ سيڪيورٽي نظام کان علاج ۽ معالج به شامل آهي. هن اسپتال ۾ 8 وڳي فڪس ڊاڪٽر ۽ ٻيو اسٽاپ اچي پنهنجو ڪم شروع ٿي ڪيو.
مون وٽ ڪافي وقت هو، ان لاءِ شهر جو چڪر به هڻندو هئس ۽ ان تلاش ۾ رهندو هئس ته ڪو پراڻو واقف ماڻهو ملي پر لکن ۾ ڪو هڪ واقفڪار ملندو هو، جنهن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿيندي هئي، اسان جي اکين ۾ به لڙڪ هوندا هئا ته اڳيون شخص به روئي پوندو هو ۽ چوندو هو ته سائين توهان اصلوڪا رهاڪو هليا ويا، اهو ته شهر بظاهر ته وسندو نظر اچي ٿو پر اهو ويران آهي.
ماڻهن جي رهڻ وارو معيار وڌي ويو آهي، شهر ۾ وڏيون وڏيون عمارتون ٺهي ويون آهن، شهر ۾ ڊراءِ فروٽ ۽ بوٽن جا دڪان، موبائل فون جي خريداري جا مرڪز، نون سبيل ڪپڙن جون مارڪيٽون، بيوٽي پارلر صورتن لاءِ ورزش ڪرڻ، ڪمپيوٽر جي سکيا وٺڻ ۽ ٻيا خريداري جا مرڪز وڌي ويا آهن. عورتن لاءِ ٺهيل بازار جنهن کي ريشم گلي چون ٿا، اها تمام گهڻي وڌي وئي آهي پر اتي رهندڙن گهڻي قدر دڪان ٺهرائي رهڻ لاءِ ٻئي هنڌ هليا ويا آهن پر جيڪي آهن اهي ڏينهن جي وقت پنڌ به نه ٿا هلي سگهن، پر اتي مرد موٽر سائيڪلن تي تيز رفتاري سان هلن ٿا. هتي به سولر سسٽم هڻائڻ هر ماڻهوءَ جي ضرورت ٿي پئي آهي.
شهر ۾ پنج سئنيمائون هيون، چار ڊهي ويون آهن ۽ انهن جي جاءِ تي مارڪيٽ ٺهي چڪا آهن، باقي هڪ سئنيما قلوپطره موجود آهي، جنهن ۾ فلمون هلن ٿيون ۽ اسٽيج ڊرامن جا فيسٽيول ٿيندا رهندا آهن. ڪو زمانو هو ته سائيڪل ڪرائي ته ملندي هئي، هاڻي موٽر سائيڪل ۽ موٽرڪار ٿي ملي. جڏهن ڌوٻي واهن تي ڪپڙا ڌوئيندا هئا ۽ وري سڪائي اچي دڪان تي ڪوئلن سان هلندڙ وزني استري سان ڪپڙا استري ڪندا هئا، هاڻي گهر گهر واشنگ مشين آهي، شهر ۾ نيون مهانگيون ڪالونيون اڏجي ويون آهن. شهر جي پلاٽن جا اگهه 500 کان 1000 دفعا مهانگا ٿي ويا آهن، جيڪي پراڻا رهاڪو آهن، اهي اڄ به ڪرائي جي گهر ۾ رهن ٿا، جڏهن ته ٻاهران لڏي آيلن شهر ۾ ملڪيتون ورتيون آهن.
ڪو زمانو هو گهرن ۽ گهٽين ۾ کوهيون ۽ هٿ جا نلڪا هئا، هاڻي هر ماڻهو اليڪٽرڪ موٽر استعمال پيو ڪري ۽ بجلي جي بحران جي ڪري وري هٿ جي نلڪن ڏانهن موٽي پيو، پر هاڻي جر جو پاڻي 150 فٽن کانپوءِ ٿو ملي ۽ ان ۾ arsenic مليل آهي، جڏهن ته ڪو وقت هو جو لاڙڪاڻي جو پاڻي مٺو کنڊ وانگر هو، هاڻي گهر گهر ۾ گٽر آهن، جن جو پاڻي ٻاهر نالين ۾ وهي ٿو ۽ اتان Dispose of نٿو ٿئي ۽ گهٽين ۽ روڊن تي بيٺل آهي، جتي مڇرن سان گڏ ٻيون ڪيتريون بيماريون جنم وٺن ٿيون. گهر جو ڪچرو روڊن ۽ گهٽين ۾ سڙي ٿو. ميونسپل جو عملو ڪٿي آهي؟ اهو وڃي ڳوليو. شهر مان وڻ ڪٽجي ويا آهن، گهٽين مان وڻن جو نالو نشان ظاهر ڪونهي، ٻهراڙين مان وڻ ۽ ٻيلا ڪٽي گرمي پد ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڻن تي پکي هوندا هئا، وڻن هيٺان پاڻيءَ جا مَٽَ گم آهن، ڳجهون جيڪي قدرتٰ زمين تي گندگي صاف ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهن، انهن جو نسل ختم ٿي ويو آهي.
2010ع ۽ 2011ع ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏن جي ڪري ڳوٺن مان ماڻهو شهرن ڏانهن لڏي آيا ۽ لاڙڪاڻي شهر ۾ به وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچي ويا، جنهن جي ڪري آبادي وڌي وئي ۽ شهر جي رهڻ کائڻ، ڪمائڻ ۽ ٻين شين تي اثر پيو. هر طرف خالي پيل پلاٽن تي قبضا ٿي ويا آهن. شهر جي پسگردائي وارن هنڌن تان انبن، فارون ۽ زيتونن جا وڻ ڪٽجي ويا آهن ۽ جانورن لاءِ جيڪو گاهه پوکبو هو اهو به ختم ڪري اتي گهر ۽ ڪارخانا قائم ٿي ويا آهن، جنهن ڪري هاڻي مينهن نه ٿا پون. پاڻيءَ جي کوٽ ٿي وئي آهي، زمين جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي. گهاڙ واهه جنهن جي ڪري لاڙڪاڻو آباد ٿيو، وڌيو ۽ خوشحالي ٿي، اهو هاڻي لَٽجي ويو آهي، جتي قبضو ڪندڙن پنهنجا گهر ٺاهيا آهن. هنن واهن ۾ درياههِ سنڌ کان مڇي لڙهي ايندي هئي، جيڪا کائڻ ۾ لذيذ ۽ طاقتور هئي، ان جي جاءِ تي هٿرادو مڇي فارم ٺهي ويا آهن، جنهن جو مقدار گهڻو آهي پر سواد ڪونه آهي. ٻهراڙين ۾ به هاڻي ديسي ڪڪڙ ۽ ان جا انڊا نه ٿا ملن.
ڪچا گهر بدلجي پڪيون سيمينٽ ۽ لوهه جون عمارتون ٺهي ويون آهن، پر محبتون ۽ مهمان-نوازي، خون جا رشتا گهر ۾ ختم ٿي رهيا آهن. سنڌ جون رانديون ملهه، ٻيلهاڙو، ڪوڏي ڪوڏي ونجهوٽي، والي بال آخري پساهن ۾ آهن. ڪرڪيٽ هر راند جي جاءِ ورتي آهي ۽ هاڪي به پوري ٿي چڪي آهي. ڀٽو طرفان ٺهرايل اسٽيڊيم ڪئي سال گذرڻ بعد به اڃا مرمت نه ٿي سگهيو آهي. کهڙا ڪامپليڪس جي حالت به ڏسڻ وٽان ناهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ميڊيم تي نه پر FM طور هلي رهيو آهي. پي ٽي وي جي خبرن جو دفتر ڪڏهن به هلي نه سگهيو، موئن جي دڙي ايئرپورٽ تي روزاني فلائٽ ڪونهي، ٽوئرزم جو کاتو غير فعال آهي، ماڻهن مان شعور وارو حصو ختم ٿي اتي لوڀ ۽ لالچ اچي ديرو ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ويجها رشتا پورا ٿيندا نظر اچن ٿا.
لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن جيڪا جنڪشن هئي، هاڻي ان جو اهو اعزاز ختم ٿي چڪو آهي، جتي 12 گاڏيون اپ ۽ ڊائون هلنديون هيون، وڃي ٻن گاڏين تي بيٺيون آهن، گڊس ٽرين نه ٿي هلي، ڊراءِ پورٽ بند ٿي بدترين حالت ۾ آهي. سنڌ سمال انڊسٽري جو ٻيڙو ٻڏي چڪو آهي. ريلوي جي ملڪيتن تي قبضا ٿي ويا آهن. تجر بلڊنگ جنهن جي هڪڙي تاريخ آهي، بند پئي آهي ۽ 45 سالن کان ان جي نه ته مرمت ڪئي وئي آهي ۽ نه وري ڪنهن استعمال هيٺ آهي، انهن دوستن کي ڇا چئجي جيڪي ٺاهي ته ڪجهه به نه سگهيا آهن، پر جيڪي ٺهيل شيون هيون انهن کي به تباهه ڪيو ويو آهي.
مان جڏهن المرتضيٰ هائوس کان گذريو هئس ته اتي ويراني ڏسي روئي ويٺس. هائوس جون ٻاهريون ڀتيون ڪرڻ واريون ٿي ويون هيون پر جلد ئي اهي ٺاهيون ويون آهن. واپڊا جي آفيس ۾ جيڪو پاور هائوس هو، اهو به غير فعال آهي، پر ان کي تاريخي حيثيت ڏني وڃي، تجر بلڊنگ کي به تاريخي ورثو ڄاڻايو ويو آهي پر ان جي پرگهور ڪونهي. اسان اتي اڄ به لوڪل براڊ ڪاسٽنگ هائوس ٿا ڳوليون، بورس لائبريري ٿا پڇون. لاڙڪاڻي جا باغ سڄي شهر ۾ پکڙيل هئا، اهي گم آهن، انهن جي ايف آءِ آر ڪٿي داخل ڪيون. هاڻي ڪجهه پارڪ ٺاهيا ويا آهن پر اهي به ڪنهن خاص ڌيان ۾ نٿا اچن. هاڻي وڃي ليڊيز ڪلب ٻيهر آباد ٿيو آهي پر اڃا اتي صرف چند خواتين جو اچڻ وڃڻ آهي پر شڪر آهي ان کي قبضي مافيا کان بچايو ويو. لاڙڪاڻو سٽيزن ڪلب ڏٺم ته اتي شادين جي دعوتن جي ڌوم هئي، ڇاڪاڻ جو آفيسرز ڪلب کلڻ سان سڀ اوڏانهن هليا ويا آهن. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته آفيسرز ڪلب آهي اتي شهرين کي به ميمبر شپ ڏني وئي آهي جي ائين آهي ته پوءِ اُن جو نالو بدلايو وڃي.
سٽيزن ڪلب ٻاهران ۽ پريس ڪلب لاڙڪاڻي جي ڀرسان هڪ ننڍڙو پارڪ آهي، جنهن کي جمعي فقير جي نالي سان منسلڪ ڪيو ويو آهي پر ان جو ڪو به خيال نٿو رکيو وڃي. جمعي فقير جي تصوير ڦاٽي وئي آهي ۽ پارڪ تباهه حال آهي. لاڙڪاڻي شهر اندر آرٽ ڪائونسل جو قيام سٺو آهي پر ان کي سياسي باهه ۾ اڇليو ويو هو. جن به آرٽ ڪائونسل جي فنڊن ۾ گڙٻڙ ڪئي آهي انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان کي غير متعلقه ميمبرن کان پڪو ڪيو وڃي. شهر ۾ نئون ڪو به قبرستان نه هجڻ ڪري پراڻن قبرستانن تي وڏو ٻوجهه آهي، ماڻهن قبرستانن تي به قبضا ڪري ڇڏيا آهن ۽ جنهن به دفن ٿيل جا قريب نٿا اچن ته انهن قبرن کي ڊاهي وڪڻيو ٿو وڃي. ان کان علاوه مان جڏهن لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ڏي ويس ته حيراني جي حد نه رهي. جيل جي چوڌاري گهر ٺهي ويا آهن ۽ جيل جي چوديواري ڀڳل آهي.
لاڙڪاڻي شهر ۾ ٺهيل ٽاور وڏي اهميت رکن ٿا پر خبر ناهي ته ڇو انهن جي خاص اهميت وارن خانن ۾ نه آهن ۽ جيڪي ڦوهارا ٺاهيا ويا آهن، اهي نٿا هلن. شهر ۾ انجنيئرنگ ڪاليج، ڊينٽل ڪاليج ۽ انڊسٽريل زون قائم ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي پر انڊسٽريل زون تي اڃا ڪم شروع نه ٿيو آهي، جڏهن ته ZABIST جي نئين عمارت هڪ سٺو اضافو آهي پر ڀٽي طرفان ٺهرايل مارڪيٽ تي قبضو ۽ گندگي واري حال ۾ ڏسي ڏک ٿيو، جڏهن ته پي پي جي آفيس ڊيڪوريٽ ٿيل آهي ان کان علاوه چيمبر آف ڪامرس وارن جي آفيس به جهڙي هئي اهڙي ئي آهي. ڪيڏو وڏو ادارو آهي ۽ حال اهو اٿس. ڪيٽل ڪالوني جيڪا انسان ڪالوني آهي ان تي به ڌيان ڪو نه آهي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو عمارت جيڪا به هڪ تاريخي ورثو آهي، اها به نه ٺهي سگهي آهي. شاهه لطيف لائبريري جنهن تي قبضو ۽ هڪ پراڻي لائبرري ان تي به قبضو، ڇو جو اردو ڳالهائڻ وارن جي وڃڻ کانپوءِ قبضا گروپ آزاد آهن ۽ انهن کي صرف اقتداري پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪرڻو آهي.
هڪ دفعو ٽريفڪ پوليس واري ڪنهن چنگچي واري کي چيو ته هو چوڪ تي نه بيهي ته ان هڪدم هڪ پي پي جي سرگرم ليڊر کي فون ڪئي ته هاڻي تون ووٽ وٺڻ اچجانءِ ته پوءِ توکي ڏسبو، اسان کي هڪ سپاهي تنگ ڪري رهيو آهي ۽ توهان حيران ٿيندا ته اهو پارٽيءَ جو اڳواڻ اچي پهتو ۽ ان پوليس واري کي بي عزتو ڪيو. هڪ ٻئي واقعي ۾ ڪنهن اسڪول ۾ هڪ جونيئر هيڊ مسٽريس کي رکيو ويو ۽ جڏهن ته اُتي سينئر موجود هُئي، جنهن جي مڙس هڪ وزير کي چيو ته اسان توکي ووٽ ان لاءِ ڏنو ته اسان سان زيادتي ٿئي. هاڻي ماڻهن جي سوچ ٻن شين طرف آهي هڪ ته پئسو ڪيئن ڪمائجي ۽ ٻيو پرائو حق لٽ مار ڪري ڪيئن کائجي. مردن ڇوڪرين کي پڙهائڻ شروع ڪيو آهي، نه صرف اهو پر انهن ڇوڪرين کي نوڪري ڪرڻ جي به اجازت ڏني آهي. ٻهراڙيءَ جي ڪيترن ماڻهن کي ڏٺو هو هاڻي موٽر سائيڪل تي ٻه ٻه عورتون به کڻي هلن ٿا.
لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪ شيءِ اڄ به ساڳي آهي ته اتي هر روز تازي ۽ سستي ڀاڄي ملي ٿي. لاڙڪاڻي لا ڪاليج جي عمارت نئين ٺاهي وئي آهي ۽ عورتون خاص ڪري لا پڙهڻ ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن. شهر ۾ هيروئن جا عادي تمام گهڻا ڏٺم ۽ فقيرن ۾ پيرسن عورتن ۽ نوجوانن جو تعداد به گهڻو رهيو. شهر ۾ هڪ نوجوان همٿ ڪري گيان باغ جنهن کي هاڻي باغ ذوالفقار چون ٿا اتي گندي پارڪ کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري اتي عورتن ۽ ٻارن جي تفريح لاءِ جاءِ ٺاهي آهي، جنهن ۾ عورتون واڪ ڪرڻ به اچن ٿيون پر ان کي رستي واري هنڌ کان ڀت نه هجڻ ڪري عورتن کي اچڻ ۽ گهمڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي. هتي ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر صرف وي آءِ پي ڊيوٽيون ڏيڻ ۾ پورا هيا. مون چاهيو ته شهر جي صورتحال جي باري ۾ ملاقات ڪيان پر خبر پئي ته صاحب اجلاس ۾ مصروف يا وري وي آءِ پي movement ڏانهن ويل آهي. جڏهن سياري وڃڻ واري ڪئي ته اونهاري جي ڏينهن اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون. هاڻي رات جو ننڊ ڪو نه پئي ٿي، ڇو جو هڪ گرمي ۽ ٻيو وري مڇر ۽ ڏينهن جو سج جي تپش. شهر اندر رڪشائن ۽ ٽريڪٽرن ۾ لڳل ٽيپ رڪارڊ وڏي آواز ۾ گانا هلائي رهيا هئا ۽ خاص ڪري صبح جو جڏهن ٻار اسڪول وڃن پيا. هاڻي ٻهراڙي ۽ شهرن ۾ مون کي ڪو به فرق نظر نه آيو. ڳوٺن ۾ به هاڻي هوٽل، ڪيبل، موبائل، فرج، جرنيٽر، اي سي، موٽر سائيڪلون، موٽر ڪار، فرج وغيره موجود هيون. شهر ۾ سدائين روڊ پيا ٺهن ۽ انهن جي کوٽائي نٿي ٿئي ۽ موجود روڊ يا گهٽي کي ڪجهه ڪٽ ڏئي ان جي مٿان هي روڊ ٺاهيا ٿا وڃن جنهن جي ڪري گهر هيٺ ٿي ويا آهن ۽ گٽرن جو پاڻي واپس گهرن ۾ وڃي ٿو.

اهو به ڏٺم ته ماڻهو نئين سياسي قيادت لاءِ واجهائي رهيا هيا ۽ سندن چوڻ هو ته مجبورن هو پي پي کي ووٽ ڏين ٿا. ڇو جو ٻي ڪا به اهڙي ليڊر شپ ناهي. ماڻهو مايوس هيا ۽ پاڻ کي سياسي يتيم پئي سمجهيائون. ڪجهه ماڻهن جو رجحان مذهبي پارٽين ڏانهن نظر آيو. جنهن شهر ۾ شادين جي موقعي تي مٽ مائٽن کي مهينن جا مهينا اڳ ۾ گهرائبو هيو، هاڻي اتي به شادي هال ۾ ماني کارائي خدا حافظ چئجي ٿو. شهر مان بوٽ پالش وارا ذري گهٽ ختم ٿي ويا آهن. ٽانگا گهمڻ لاءِ ته ڇا ڏسڻ لاءِ به نٿا ملن. محبت ۽ مهمان نوازي شهر مان موڪلائي وئي آهي. ماڻهو هڪ ٻئي سان بنا مطلب جي ڪو نه ٿو کيڪاري ۽ وڏائي ۽ ڪاوڙ ماڻهن ۾ وڌي وئي آهي.

No comments:

Post a Comment