Sunday, August 14, 2016

رزاق مهر بابت لاڙڪاڻي جي ليکڪن جا تاثرات - رضوان گل

رزاق مهر
لاڙڪاڻي جي ليکڪن جا ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ شاعر بابت تاثرات
سهيڙ: رضوان گل
۱
رزاق مهر ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ستايل ڪردارن ۽ غريبن سان نه رڳو همدرديءَ جو اظهار ڪيل آهي پر انهن کي ”هيرو“ ڪري پڻ پيش ڪيو ويو آهي. رزاق پنهنجي ڪهاڻين ۾ غير جانبدار نه آهي. ڦورو ۽ پرماري ڪردارن کان نفرت هن جي ڪهاڻين ۾ برابر موجود آهي. رزاق سنڌي هيٺئين / وچولي طبقي جو هڪ اهڙو فرد آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏکن ڏوجهرن، محرومين، ۽ خواهشن جي قتلام جهڙن ڪيترن ئي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي. ذهني دٻاء، قديم سنڌ وڏيرڪي قدرن سان جڙيل فيملي، ان جون پراڻيون روايتون ۽ هن نئين ٽهيءَ جي نوجوان جون نيون حرڪتون. ٽڪراءُ لازمي هو. سيڪس ۽ مذهب ۾ به اهڙا عنصر آهن جيڪي اڄ جي نوجوان کي ڌونڌاڙي، هن کي مصيبتن ۾ وجهي، هن جي روحاني قوت جي آزمائش ڪندا آهن. نارمل سنڌي نوجوان مذهب يا سيڪس تان ڪاوڙبو ۽ باغي ٿي ويندو. سو رزاق به مذهبي ڪٽرپڻي ۽ پابندين واري سماجي ۽ جنسي زندگيءَ کان بيزار ٿي ڪجهه سوچڻ لڳو ۽ پوءِ انهن سوچن کي لفظن جو روپ ڌارڻ واري علم يعني ادب جي تلاش ۾ لڳي ويو. (انور پيرزادو ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل)
۲
جيتوڻيڪ سنڌ رزاق مهر کي هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر جي روپن ۾ سڃاڻي ٿي ۽ هن پيش لفظ ۾ مون کي ڇڙو رسم ۽ روايت طور هن جي ڪهاڻين تي ئي لکڻو آهي پر هن جا ٻيا به روپ آهن. هن سٺيون ۽ خوبصورت ڪهاڻيون ۽ معياري رسالو ”نئين دنيا“ ئي نه ڏنو آهي پر هن تمام سٺي شاعري به ڪئي آهي ته ويجهي ڏهاڪي ۾ جيڪڏهن ڪنهن معياري اسٽيج ناٽڪ ڏنا آهن ته انهن ۾ رزاق ئي شايد سنڌ جو اڪيلو اسٽيج ناٽڪ ڪار آهي جنهن سطحي ۽ بازاري ناٽڪن کان هٽي گهرائيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ناٽڪ لکي پيش ڪرايا آهن. هن جو لکيل ناٽڪ بدحواس هيڊ ڪلارڪ اڄ جي اسٽيج جي گدلي سينور ۾ ڪنول جو گل آهي ۽ هڪ وڏو جتن پڻ جنهن سان شايد سنڌي ناٽڪ اُردو سطحي ناٽڪن ۽ فارمولائي پنجابي فلمن جي نقالي ڇڏي وري پنهنجي پراڻي شاندار روايت (ورهاڱي کان اڳ واري) تي هلڻ شروع ٿو ڪري. اوور ٽائيم رزاق مهر جي اها ڪهاڻي آهي جنهن پهريون ڀيرو ادبي پارکن جو ڌيان ڇڪائي وڌو ۽ ان ئي ڪهاڻيءَ سان رزاق پهريون ڀيرو سيکڙاٽ ڪهاڻيڪارن جي ڊگهيءَ قطار مان ٻاهر نڪري نروار ٿيو ۽ نه رڳو سجاڳ پڙهندڙن جي دل ۾ جاءِ جوڙي ورتائين پر ان ڪهاڻيءَ سان سنڌ جا سڄاڻ ڪلاڪار به هن کي عزت ۽ اُميد جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. رزاق جي لکڻين جي سونهن تڏهن چڱيءَ طرح محسوس ٿي سگهي ٿي جڏهن لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”نئين دنيا“ رسالي ۾ لکيل هن جا ايڊيٽوريل پڙهيا ويندا. ايبسٽريڪٽ، فيلسوفانا، اُتساهه ڏيندڙ حقيقتون، اُگهاڙيون ۽ علامتي انداز سان جارحانا حملا ۽ سماجي تنقيد، بي ڊپائي، باغي ۽ جوشيلي اسٽائل. رزاق، سريش ۽ واجد وارو سٻنڌ لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ چڱيءَ طرح ڄاتل سُڃاتل آهي. هي ۽ ڪجهه ٻيا دوست جهڙوڪ ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي، زيب سنڌي، ممتاز ابڙو ۽ امان شيخ انٽيليڪچوئل ماحول ۾ جوشيليون ۽ انتهاپسند (ڪڏهن ڪڏهن) لهرون اُڀاريندا رهيا آهن. رزاق پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين باشعور سنڌي نوجوانن وانگي اڄ جي دنيا ۾ رائج مڙني ادبي ۽ سياسي نظرين جي ڄاڻ رکندڙ آهي پر پنهنجي فن ۽ تخليق جي سلسلي ۾ رزاق آبجيڪٽوٽي يا معروفيت جو قائل آهي. (ڪيهر شوڪت ــ ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ تان ورتل)
۳
رزاق مهر سان منهنجو ويجھو تعلق رهيو اسان هڪ ئي ڪاليج ۾ گڏجي ڪم سين، هو هڪ محبوب شخصيت رکندڙ پيارو انسان هو، هن پنهنجي محبتي رويي جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون. سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به اسان گڏ رهيا سين جن ۾ رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، سليم ڪورائي، واجد، افضل قادري، عنايت ميمڻ، ڪيهر شوڪت ۽ ٻيا دوست شامل ٿيندا ها. ان ئي دور ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ انيس انصاري به انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا ها. هن زندگيءَ ۾ ڏاڍا ڏک ڏٺا، سندس مزاج ۾ برداشت تمام گھڻي هئي، دوستن کي گڏ کڻي هلڻ وارو ماڻهو هو سندس شاعري به اهميت رکندڙ آهي. سندس ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاري جو رنگ نمايان آهي هن جا ڊراما تمام گھڻا مقبول ٿيا هن بيباڪي ۽ بي ڊپائي سان لکيو. قلم سان سندس ناتو آخري ساهن تائين رهيو سنڌي ادب ۾ سندس نالو اڻ مٽ لڪير جيان آهي. (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)
۴
رزاق مهر وڇڙي ويو آهي پر هو هر وقت اسان کي ياد آ. ستر واري ڏهاڪي ۾ منهنجي ساڻس دوستي ٿي جيڪا ڀائپي ۾ تبديل ٿي وئي. هو منهنجي وڏي ڀاءُ جيان هو، هن جيون جي تلخ حقيقتن کي تمام ويجھو کان ڏٺو يتيم هو ۽ يتيم واري زندگي گذاريندي به هو ايڪٽو رهيو. واجد، ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي ۽ رزاق مهر اسان سڀ گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا سين. ڪيهر شوڪت جي ڳوٺ آگاڻين ۾ زيتونن جي باغن جي وچ ۾، ڍنڍن جي ڪنارن تي، لوڪ ڏاهپ تي ڳالهائيندي اسان تمام گھڻو خوبصورت وقت گذاريو. اهي سڀ تجربا رزاق مهر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڏنا. هو تمام وڏو ۽ شاندار ڪهاڻيڪار هو، هو سڪون جي ڳولها ۾ ئي رهيو. رزاق جڏهن ڊرامو ”جياپو“ لکيو ته ڊرامي جي حوالي سان هو تمام وڏي ڏاڪي تي پهچي ويو. هن جديد ڊرامه لکيا نون موضوعن کي ڇُهيو. (اخلاق انصاري)
۵
رزاق مهر هڪ انتهائي مهربان، شفيق ۽ پرخلوص دوست هو، هن جا ليکڪ طور ڪيترائي ئي حوالا آهن. هن لکڻ جي شروعات شا
عري سان ڪئي، سندس پهريون شعر ”سهڻي“ رسالي ۾ ڇپيو. جنهن کانپوءِ هو ڪهاڻي طرف آيو، سندس پهريون ڪهاڻيون امر جليل جي رنگ ۾ لکيل آهن جنهن کانپوءِ هن پنهنجي رنگ ۾ لکڻ شروع ڪيون ”ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان“ سندس پهرين ڪهاڻي آهي. رزاق مهر جو پهريون ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ۾ بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. رزاق مهر جو ڪهاڻيڪارن ۾ قد تمام اتاهون آهي.سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”جنم جلي“، ”پيڙا جي ڪوهيڙن ۾“، ”هڪ شخص جو موت“، ”شڪست“ ۽ ٻيون ڪافي ساريون ڪهاڻيون سنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون آهن، سندس ٻيو ڪتاب ”ڊهندڙ ليڪا“ مون پنهنجي ڪوششن سان ڪاڇو پبليڪيشن کان ڇپرايو، ان ۾ اٺ ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي پڻ انتهائي شاندار ڪهاڻيون آهن. هو هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار هو. رزاق ڊرامن جي شروعات سولو پليز کان ڪئي، هن پهريون ڊرامو ”زندگيءَ ڏانهن“ لکيو جيڪو پي ٽي وي تان نشر ٿيو هو جنهن کانپوءِ ”سهرو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ کوڙ سارا ڊراما لکيا ”جياپو“ سندس ڊرامه سيريل هو هن جياپو لکي خانگي جيلن جي نشاندهي ڪئي. سندس ٻيو ڊرامه سيريل ”وڇوٽيون“ ٽيون سيريل ”پاتال“، چوٿون سيريل ”نبيرو“ هو. رزاق جو اڃا به ڪيترو ئي مواد موجود آهي سندس اڻ ڇپيل مواد کي ڇپرائڻ گھرجي. مان هڪ دوست جي حيثيت ۾ ساڻس ٽيهه سال گڏ گذاريا هاڻي مونکي زندگيءَ جي هر وک تي سندس ڪمي محسوس ٿيندي آهي. (محمد علي پٺاڻ)
۶
رزاق مهر منهنجو انتهائي ويجھو دوست هو، هن خاموش ٿي ڪم ڪيو هو هڪ فل ٽائيم ليکڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي ادب کي ارپي ڇڏي هئي. هن جي شاعر وارو حوالو پڻ اهم آهي. هن ڀرپور ڊرامه لکيا. زندگي هن سان ساٿ نه نڀايو وقت کان گھڻو اڳ ۾ هو اسان کان وڇڙي ويو. هن ڪاميابين جا سفر تيزيءَ سان طئي ڪيا هن سنجيدگيءَ ۽ محنت سان ڪم ڪري مڃتا ماڻي. اسان رزاق کي مري ويل نه ٿا سمجھون هو اسان جي دلين ۾ زنده آهي. هو بهترين ڪهاڻيڪار به هو ته تمام بهترين انسان ۽ پيارو دوست به هو. (عنايت ميمڻ)
۷
رزاق مهر خاموش طبع انسان هو، سندس اها خوبي هئي ته هر ماڻهو کيس پنهنجو ويجھو دوست سمجهندو هو، هن جي تڏي تي هر ماڻهو جي اک آلي هئي، هو هڪ مخلص ماڻهو هو. سندس ڪهاڻيون پڙهي احساس ٿيندو هو ته هو ڪيڏي بلند پايي جو ڪهاڻيڪار هو. اسان جو اسٽيج سان تعلق هو رزاق صاحب جا به اسٽيج ڊرامه ٿيندا هئا، مان پاڻ کي رزاق مهر جي پيٽرن تي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس مان کانئس متاثر هيس هو هڪ بيباڪ ليکڪ هو. سندس ڪهاڻين جا موضوع سماجي حقيقت نگاري تي مشتمل هئا. (احمد علي صابر چانڊيو)
۸
رزاق کي مان دوست جي حيثيت ۾ ائين محسوس ڪيو ته هو هڪ معصوم ٻار جيان هو، سندس مزاج ۾ حساس پڻو شدت سان موجود هو، اسان اڄ به رزاق جي ڪمي محسوس ڪريون ٿا، هو هڪ هڪ دوست هو جيڪو هر پل صلاحن مشورن ۾ شامل رهندو هو. هن هڪ ٽو ايڪٽ ڊرامو ”بد حواس ڪلارڪ“ لکيو جنهن کي مان ڊائريڪٽ ڪيو اهو ڊرامو مزاحيه انداز ۾ لکيل هو. رشين ليکڪن جا ڪتاب اسان هڪ ٻي کي پڙهائيندا هئا. اسان هڪ وڊيو فلم ”رڻ جو مسافر“ ٺاهڻ لاءِ به ڪوشش ورتي هئي جيڪا ڪن حالتن سبب اسان کان نه ٺهي سگھي. رزاق جون محبتون سڀني سان هيون پر مونسان سندس پيار بي انتها هو. واجد، انور پيرزادو، رزاق ۽ مان راتين جون راتيون ويهي ڪچهري ڪندا هئا سين جنهن جو اڪثر موضوع ادب هوندو هو. منهنجي جيون ۾ سندس ڪردار هڪ راهه ڏيکاريندڙ وارو رهيو اهو ئي سبب آهي جو مان اڄ به سندس ڪمي شدت سان محسوس ڪري رهيو آهيان. (ممتاز ابڙو)
۹
رزاق مهر جھڙا ماڻهو وڇڙندا ضرور آهن پر وسرندا ناهن، اهو ئي سبب آهي جو هيڏا سال گذرڻ باوجود به هو اسان جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو، هن جون يادون، هن جون لکڻيون اسان وٽ موجود آهن اهي ڪتابي صورت ۾ هجن يا ڊرامي جي صورت ۾ هجن اسان انهن کي پڙهون به ڏسون به ٿا. هو ٻاجھاري طبيعت جو انسان هو سندس اهم خوبي اها هئي ته هو دوستن جي وچ ۾ پُل وارو ڪردار ادا ڪندو هو دوستن جون رنجشون ختم ڪري محبتن سان گڏ ويهاريندو هو. سندس ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“ ڇپيو ته کيس هڪ ٽرينڊ سيٽر ڪهاڻيڪار واري سڃاڻپ ملي، سندس ڪهاڻين جو بنياد سماجي حقيقت نگاري آهي. سندس ڪهاڻيون ”سڪون ڪٿي آهي“، ”تڏي تي ويٺل ماڻهو“، ”اَجھل هوا“، ”هڪ شخص جو موت“، ”ڊهندڙ ليڪا“ اهڙيون ڪهاڻيون آهن جن جا موضوع سماج جي ڪک مان جنم وٺن ٿا، هن اڇوتن موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ ڊرامه لکي پاڻ مڃرايو. هن جيڪي اسٽيج ڊراما لکيا اهي پڻ ان زماني ۾ تمام گھڻا مقبول ٿيا بعد ۾ هن پي ٽي وي تي ڊرامه لکيا جن جو ماڻهو پورو هفتو انتظار ڪندا هئا، رزاق صاحب کي هڪ ڊرامه نگار طور سڄي سنڌ ۾ تمام گھڻي مقبوليت ملي ۽ ”جياپو“ ڊرامي کانپوءِ ساڻس سڄي سنڌ ۾ رهاڻيون ملهايون ويون هيون اسان به سچل ادبي مرڪز پاران ساڻس رهاڻ رچائي هئي. 13 آگسٽ تي ڪاليج ۾ ٿيل هڪ گڏجاڻي ۾ مان ساڻس آخري ڀيرو مليو هيس اسان هڪ ئي ڊپارٽمينٽ ۾ گڏجي ڪم ڪيو سين، رزاق مهر جڏهن گذاري ويو هو ته ائين محسوس ٿيو هو ته ڄڻ وقت بيهجي ويو آهي پر وقت ظالم آهي اهو هلندو رهي ٿو. (ڊاڪٽر احسان دانش)
۱۰
ڪجهه ماڻهن جي وڇڙڻ بعد به اهو احساس هوندو آهي ته اهي ڪنهن سفر تي ويل آهن ۽ وري واپس اچي اسان سان ملندا رزاق مهر جي وڇڙڻ بعد به ئين ئي محسو ٿيندو آهي ته هو اسان سان واپس اچي ملندو. هن جي شخصيت ۾ نماڻائي، صبر ۽ بردباري هئي هو جنهن سان به ملندو هو ان جو دوست ٿي ويندو هو. رزاق صاحب جونيئر لکندڙن کي اتساهه ڏيندو هو. حقيقت نگاري جي حوالي سان سندس لکيل ڪهاڻين جا ڪردار درد جي علامت آهن انهن ڪردارن جون ڪيفيتون پڙهندڙ کي محسوس ٿيڻ لڳن ٿيون هن جي قلم مان نڪتل لفظ گھرو اثر ڇڏيندڙ آهن. (ڊاڪٽر فياض لطيف)
۱۱
رزاق مهر جو انداز ۽ لهجو پيار ڀريو هوندو هو، سندس لکيل ڊرامي ”جياپو“ تي تما گھڻا سوال اٿيا، ماڻهن چيو ته شايد اهو تصوراتي ڪهاڻي تي مشتمل آهي پر پوءِ اهڙا ظالم وڏيرا بي نقاب ٿيا ۽ الائي ڪيترا خاندان خانگي جيلن مان آزاد ٿيا جنهن جو ڪريڊٽ رزاق مهر ڏانهن وڃي ٿو. (انور ڏنگڙائي)
۱۲
رزاق مهر جو ڪم ۽ ڪردار ڀرپور رهيو آهي ليکڪ جي تحرير ڳالهائيندي آهي اها تحرير ئي اصل ۾ ليکڪ جي زبان هوندي آهي هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي گفتگو سماج جي مجموعي دردن جي ڪٿا آهي. رزاق صاحب پنهنجو آواز ان دور جي واحد ميڊيا پي ٽي وي تي ڊرامن ذريعي اٿاريو ۽ اهڙن موضوعن تي لکيو جيڪي ان دور جي اڀرندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪندڙ هئا. (رياضت ٻرڙو)
۱۳
رزاق صاحب پنهنجي لکڻين ۾ هڪ منفرد ليکڪ هو هن پاڻ کي نکارڻ لاءِ نه لکيو پر هن سماج ۾ موجود مسئلن کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيو. جيڪو ماڻهو دل سان ڪم ڪري ٿو ان کي موٽ به ملي ٿي هن دل سان ڪم ڪيو ۽ کيس بهترين موٽ ملي. هن جا ڪردار معصوم، نهٺا ۽ عام طبقي سان تعلق رکندڙ آهن هن پنهنجي پذيرائي نه چاهي پر هن سماجي اجتماعي ڏکن کي قلم جي ذريعي بيان ڪري پنهنجو فرض نڀايو. (عزيز منگي)
۱۴
موت، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا پيارا ماڻهو کسي ويندو آهي، جن جي جدائي جيءُ جهوري وجهندي آهي. محبت، دوستي، خلوص، پنهنجائپ ۽ ڪَسُ کائڻ وارا ماڻهو ڏاڍا گھٽ هوندا آهن. دوستن تي سِرُ ڏيڻ وارن ۽ رشتن جي نزاڪتن کي ڄاڻڻ وارن اهڙن ئي محبتي انسانن مان رزاق مهر به هڪ هو. سندس ڊرامو ”جياپو“ هن جي خاص سڃاڻپ بڻيو. جڏهن ”جياپو“ پي ٽي وي تان نشر ٿيندو هو ته ماڻهو دڪانن ۽ هوٽلن جي ٻاهران به ڊرامو ڏسڻ لاءِ بيهجي ويندا هئا ۽ سنڌ جي وڏيرڪي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف روڊن تي نعرا هڻڻ لڳندا هئا. رزاق مهر ان ڊرامي ۾ پهريون ڀيرو خانگي جيلن تي قلم کڻي هڪ سماجي ناسور تان پردو کنيو جنهن تي بعد ۾ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن ڪهاڻيون ۽ ڊراما لکيا. ان کان علاوه ”وڇوٽيون“، ”پاتال“، ”زخم زندگيءَ جا“، ”اعتراف“، ”ڦيرو“، ”ڇوٽڪارو“، ”راهه جو پٿر“ ۽ سندس ٻيا ڊراما به تمام گهڻو مقبول ٿيا، جنهنڪري رزاق مهر جي هڪ تمام برجستي ڊرامي نگار طور به سڃاڻپ ٿيڻ لڳي. هن جا اسٽيج ڊراما ”بدحواس ڪلارڪ“، ”ٽي خانداني بي روزگار“، ”مولوءَ مت وڃائي“ ۽ ”ايف آءِ آر“ پڻ ڪافي مقبول ٿيا. رزاق مهر جي ڪهاڻين، ڊرامن، ڪالمن ۽ ٻين لکڻين ۾ سماج جي نظر انداز ڪيل طبقي جي نمائندگي ٿيل آهي. هن غريب کي ڪنهن سِرَ ڦِري سردار يا مير کان وڌيڪ مانائتو ڏيکاريو آهي. هن جا لکيل لفظ ظالم ۽ جابر لاءِ باهه جا شعلا به آهن، ته ڪنهن مسڪين ۽ محتاج لاءِ آٿت به آهن. سندس سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي لکيل ڪالم هڪ دؤر جي تاريخ ۽ سچائي پيش ڪن ٿا. سندس قلم ڌمڪي ۽ دڙڪي کان ڊڄڻ وارو نه، پر سماج لاءِ ناسور بڻجي ويل رشوت خورن ۽ بدمست وڏيرن لاءِ تلوار بڻيل رهيو. مون کي خوشي آهي ته مان رزاق مهر سان سندس حياتيءَ جي آخري ٻن سالن ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ساڻس گڏ استاد رهيس. سندس ڀاڪر وجهي ملڻ جي انداز ۽ ڪچهرين مان ڪڏهن به ائين محسوس نه ٿيو ته آءٌ ڪو کانئس ادبي عمر ۾ ننڍو آهيان. هو دوستن جي وچ ۾ اختلافن کي اُڀرڻ نه ڏيندو هو، دوستن جي درميان سندس ڪردار پُل جهڙو هو. هو هڪ بهترين ليکڪ سان گڏ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن وٽ پيار ۽ پنهنجائپ هئي. (رضوان گل)
۱۵
سائين رزاق مهر جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو ان دور تي امر جليل جا تمام گھڻا اثرات هئا، پر جڏهن اسان رزاق مهر جا افسانا پڙهون ٿا ته سواءِ هڪ اڌ جي هن جو پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجو انداز آهي سندس موضوع ۽ انهن ۾ پيش ڪيل ڪردارن جي اذيت، زندگي ۾ انهن سان پيش ايندڙ واقعا ۽ انهن ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس جيڪو رزاق مهر ڏيکاريو آهي اهو ڏاڍو اميد ڏيندڙ ۽ اتساهه ڀريو آهي، سندس اڪثر ڪردار ڀوڳنائن ۾ ورتل آهن جيڪي زندگيءَ ۾ ويساهه گهاتين جو شڪار آهن ۽ تذليل ۾ زندگي گذارن ٿا، هن انهن ڪردارن جي اندر جو درد ايڏي مهارت سان بيان ڪيو آهي جو انهن ڪردارن سان پڙهندڙ وٽ همدردي جو جذبو پيدا ٿي پوي ٿو. رزاق جون ڪهاڻيون پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهن انهن تي ڪنهن جي به ڇاپ نه آهي. رزاق صاحب جي ڊرامي ”جياپو“ کان پوءِ کيس مستقبل جي ليکڪ طور سڃاڻپ ملي جو هن انهن مسئلن تي قلم کنيون جيڪي مستقبل ۾ سامهون اچڻا آهن يا ته لڪيل آهن جن کي هن ڊرامن ۽ ڪهاڻين ذريعي اجاگر ڪيو. هن خودڪشي جي به ڪوشش ڪئي پر پنهنجي لکڻين ۾ وري به سماج کي اتساهه ڏنو. (ممتاز لوهار)
۱۶

جن ماڻهن زندگيءَ کي تمام ويجھڙائيءَ سان ڏٺو ۽ زندگيءَ جي تلخين ۽ شيرينين جي ڪٿ ڪئي رزاق مهر انهن ليکارين منجھان هيو. هن جي سمورين لکڻين، پوءِ اهي ڪهاڻيون هجن يا ڊراما، اخباري ڪالم هجن يا ادبي رسالي جا ايڊيٽوريل، انهن لکڻين ۾ زندگيءَ جون سموريون سچايون پنهنجي مڪمل تاثر سان ملن ٿيون. ڇو ته رزاق پنهنجي نجي زندگيءَ ۽ فن ۾ هميشه سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان قربت رکي. هن پنهنجي فڪشن ۾ به زندگيءَ جي ٺوس سچائين کي پنهنجي فن جي ڪمال انداز سان اهڙي طرح چٽيو آهي جو انهن منجھان تلخ حقيقتن جي ڪڙاڻ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. جنهن جو مثال هن جا ڊراما (خاص طور اسٽيج ڊرامو ”ايف آءِ آر“ ۽ ٽي وي ڊراما سيريل ”جياپو“) ۽ سندس ڪهاڻيون آهن. رزاق مهر پنهنجي ذاتي لڳ لاڳاپن ۾ به انهيءَ ساڳي سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ جو قائل رهيو، انڪري هو اڄ ڏينهن تائين دوستن جي دلين ۾ زندھ رهي ٿو، مرشد ڀٽائيءَ جي هنن سٽن وانگر ته، جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاھ سپرين سين. تڏهان ڪر تر جيترو، وير م وسريام اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري. (قاسم ڪيهر)

No comments:

Post a Comment