اڳ عيد خرچي اسان کي به ملندي هئي
جيڪا بابا کانپوءِ بند ٿي وئي
مشتاق انصاري
اسان
پاڻ ۾ ڪل يارنهن ڀائر ڀينر آهيون. مان سڀني کان وڏو آهيان ۽ سڀ کان ننڍي آهي
اسانجي هڪڙي ڀيڻ، ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو آهي اسحاق احمد. ننڍي هوندي جڏهن اسان سڀ هڪ
هنڌ گڏ رهندا هياسي ته گهڻن ڀاتين هجڻ باوجود اسانجي گهر جو ماحول ڏاڍو سڪون وارو
هوندو هيو. نه گوڙ نه گهمسان ۽ نه هوندو هيو ڪو غم ۽ فڪر. سڄو ڏينهن کل خوشيءَ ۾
گذري ويندو هيو. بابا ۽ امان به هميشه اسانجي خوشيءَ ۾ پيا شامل ٿيندا هيا. ڪڏهن
به هنن اسانکي پنهنجي ڏک ۽ پريشاني جو احساس ٿيڻ نه ڏنو. خوشيءَ جي ان ماحول ۾
بابا اسان سڀني ٻارن کي پنهنجن اصلي نالن جي بجاءِ ٻين عجيب عجيب نالن سان پيو
سڏيندو هيو هڪڙي جو نالو هيو ”پٽاٽو“، ٻئي جو ”بلو“ ته ٽين جو هيو ”ڊومو“
اهڙي
طرح اسان وٽ ”ٽمي“، ”ٽيٽي“، ”ٽوني“، ”ٽزي“ ۽ آخري ۾ ”ادڙو“ به هيو. ”ادڙو“ نالو
هيو اسحاق احمد جو، جيڪو اڃا تائين اسانجي لاءِ ”ادڙو“ آهي.
ٻارن
کي انهن ٻين نالن سان سڏڻ جي ڪري بابا کان انهن جا اصلي نالا وسري ويندا هيا. هن
کي جيڪڏهن سڏ ڪرڻو هوندو هيو اخلاق احمد کي ته آفاق احمد کي سڏ ڪندو هيو. بيمار
اسحاق احمد ٿي پوندو هيو ته پنهنجي ڊائري ۾ اسحاق جي بجاءِ لکندو ته اڄ اشتياق
احمد کي سخت بخار ٿي پيو آهي“ هڪڙي عيد تي اتفاق سان اسان سڀ هڪ مهل بيمار ٿي
پياسي. اسپتال پهچي اسان سڀ ڊاڪٽر جي اڳيان وڃي قطار ڪري بيهي رهياسين. پهريائين
ته بابا منهنجي مدد سان پرچيءَ تي سڀني جا اصلي نالا لکرايا. پوءِ ويو هڪ هڪ کي سڏ
ڪندو. شروع ۾ ته هن ٻه ٽي نالا صحيح ورتا. پر پوءِ جڏهن هن اشاري سان هڪڙي کي سڏ
ڪندي چيو ته ”اخلاق احمد هاڻي تون هيڏي آ.“ ته هو اچڻ جي بجاءِ اتي ئي بيٺو رهيو.
هن کي جڏهن ٻيهر بابا ڪاوڙ مان سڏ ڪيو ته هن ڪن کي ڌوڻيندي چيو ته ”بابا مان اخلاق
احمد ناهيان. مان آفاق احمد آهيان.“
ان وقت
بابا روينيو کاتي ۾ اسسٽنٽ هيو. پگهار ٿوري هئي. ٻار گهڻن هجڻ ڪري هميشه ان ڪوشش ۾
هوندو هيو ته ڪا اهڙي نوڪري ڪجي جنهن ۾ پگهار گهڻي هجي. ان ڪري هن ڪافي هنڌن تي
درخواستون موڪلي ڇڏيون هيون. هڪڙي دفعي فيملي پلاننگ کاتي وارن کان هن ڏي انٽرويو
ڪال آيو. انٽرويو ۾ هن کان پڇائون ته :
”توهان جو
نالو“
”الهه بخش
انصاري“
”عمر گهڻي
اٿو“
”۴۵ سال“
”تعليم ڇا
آهي“
”گريجوئيٽ آهيان“
”هن وقت ڇا
ڪندا آهيو“
”روينيو کاتي
۾ نوڪري آهي.“
”روينيو جهڙو
سٺو کاتو ڇڏي، اسان ڏي ڇو ٿا اچڻ گهرو.“
”توهان وٽ
پگهار سٺي آهي“
”شادي ٿيل
اٿو“
”جي ها“
”گهڻا ٻار
اٿو“
”يارنهن“
”ايترا ٻار
ٿي ويا اٿو، هاڻي اسان ڏي اچي ڇا ڪندو.“
”سائين مان
ٻين ماڻهن کي ٻڌائيندس ته گهڻن ٻارن جي ڪري غريب ماڻهو سان ڪهڙي ٿي حالتن ٿئي.“
اهو
جواب انٽرويو وارن کي ڏاڍو وڻيو ۽ بابا کي ڪامياب قرار ڏنائون.
اها
حقيقت آهي ته گهڻن ٻارن جي هجڻ ڪري اسانجي گهر ۾ مسئلا به گهڻا پيدا ٿيندا هيا.
انهن جي کاڌي پيتي جو مسئلو. انهن جي پڙهائي لٽا ڪپڙا، بيماري يا انهن جي صحيح
تربيت اهي سڀ اهڙا مسئلا هيا جن کي ان وقت منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو هيو. اسانجي امڙ
انهن سڀني ڳالهين کي گهڻو محسوس ڪندي هئي. ڪنهن جي به تڪليف کي هوءَ ڏسي نه سگهندي
هئي. اندر ئي اندر پئي ڪڙهندي هئي. ان ڪري هن پاڻ کي بيمار ڪري ڇڏيو هيو. امڙ کي
ڏسي مونکي، ان جو ڏاڍو افسوس ٿيندو هيو ۽ گهر جي وڏي جي حيثيت سان سوچيندو هيس ته
ڪنهن نموني نوڪري ڪري ايترو ڪجهه ڪمايان جنهن سان گهر جون ضرور تون پوريون ٿي
سگهن. ان ڪري نوڪري لاءِ ڪوششون شروع ڪيم. انٽرويو به ٿيا پر ڪٿي ڪا نوڪري نه پئي
ملي. گهڻو انتظار به نه پيو ڪري سگهان انڪري هڪڙي ڏينهن مون بابا کي چيو ته:
”مان پنهنجي
مامي قمر الدين ڏي ڪراچي وڃڻ ٿو گهران، مونکي اجازت گهرجي.“
”ڇا جي لاءِ
ويندين.“
”اتي وڃي ڪا
نوڪري ڪندس.“
”ڪراچي ۾ وري
تو کي ڪهڙي نوڪري ملندي.“
”نوڪري نه
ملي ته مان اتي مزوري ڪندس.“
”مان چاهيان
ٿو ته اڃا تون اڳتي پڙهه.“
”مان نوڪري
ڪندس.“
”بي اي پاس
ڪئي اٿئي. وڌ ۾ وڌ ڪلارڪي ملندئي.“
”گهر جي
حالتن کي ڏسي، مان ڪلارڪي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
منهنجي
ڳالهه بابا سمجهي ويو ۽ هن منهنجي نوڪري لاءِ ڪوشش شروع ڪئي. مونکي روينيو کاتي ۾
ڪلارڪي ملي وئي. جڏهن نوڪري جو آرڊر مليو ته ڏاڍي خوشي ٿي. پهرين ڏينهن تي ئي مون
سوچيو ته هاڻي هر مهيني جيڪا مونکي پگهار ملندي اها سموري اچي مان پنهنجي امڙ کي
ڏيندس. ٿي سگهي ٿو ته ان مان هن جون ڪجهه پريشانيون گهٽ ٿين. منهنجي ذهن ۾ اهو هيو
ته نوڪري ملڻ سان ماڻهو وٽ ڪافي پئسو اچي ٿو. بنگلا گاڏيون، نوڪر چاڪر ۽ ٻيو گهڻو
ڪجهه هن کي ملي ٿو وڃي. نوڪري ڪندڙ گهڻن ئي ماڻهن وٽ مون اهي سڀ شيون ڏٺيون هيون.
پر اسان وٽ ته ڪجهه به نه هيو. رهڻ لاءِ پنهنجي جڳهه به ڪو نه هئي. انهن حالتن کي
ڏسي مون ارادو ڪيو ته جيڪڏهن نوڪري ۾ رهي بابا ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي ته هاڻي اهو
سڀ ڪجهه مان ڪندس. سوچو ته ائين مون گهڻو ڪجهه هيو. پر پوءِ محسوس ڪيم ته چوڻ ۽
ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي چاهيندي به مان ڪجهه نه ڪري سگهيس قدرتي طرح اولاد ۾ به اها
ساڳئي سوچ اچي ٿي وڃي جيڪا هنن جي وڏن جي آهي. نوڪري ملڻ سان بس ايترو ٿيو جو ان
ڏينهن کانپوءِ اسانجو گذر سفر چڱو ٿيڻ لڳو ۽ امڙ جي پريشاني به ڪجهه گهٽ ٿي.
بابا
جي اها طبيعت هوندي هئي جو هو گهر جي مسئلن تي ڪڏهن به پريشان نه ٿيندو هيو ۽ نه
ئي ٻئي ڪنهن کي پريشان ٿيڻ ڏيندو هيو. پنهنجي ڳالهين سان اهڙو ماحول پيدا ڪيو ويٺو
هوندو هيو جو هر ڪو خوش پيو نظر ايندو هو.
هڪڙي
ڏينهن اسانجي گهر جو در کڙڪيو. در کوليو ته هڪڙي پوڙهي عورت گهر ۾ گهڙي آئي ۽ اچي
کٽ تي ويهي خيرات گهرڻ لڳي. امڙ هن کي ڪجهه پئسا ڏنا پر پوءِ به هوءَ ويٺي رهي ۽
وڌيڪ پئسا گهرڻ لڳي. هن ٻڌايو ته هوءَ حاجاڻي آهي ۽ پنج حج ڪيا اٿائين. بابا ان وقت
ڪتاب پڙهي رهيو هيو، فقيرياڻيءَ بابا کي چيو ته ”ابا پير جان محمد ڏٺو اٿئي. مان
اتي ويٺي آهيان.“ بابا کيس ڪو به جواب نه ڏنو. ان تي مائي بابا جي پٺيءَ تي هٿ
رکيو. پٺيءَ تي هٿ رکڻ سان بابا اتي بيهي رهيو ۽ مائي کي ڏسي گونگن وانگر عجيب
عجيب آواز ڪڍڻ لڳو. مائي پريشان ٿي وئي ۽ ان کٽ تان اٿي ٻي کٽ تي وڃي ويٺي ۽ چوڻ
لڳي ته:
”الائي متان
وڙهي“ اسان سڀ کلڻ لڳاسين پر مجال آهي جو بابا جي منهن تي ٿوري به مرڪ اچي. مائي
اسانکي چوڻ لڳي ته:
”ويچارو وسن
جهڙو ڇوڪرو، الائي ڇا ٿيو اٿس. ڪاٿي زليخان ته نه پڙهي اٿائين. ويچارو ڀائرن ڀينرن
کي ڏسي چوندو هوندو ته جيڪر پاڻ به ائين ٻين وانگي ڳالهائي.“
مائيءَ
امان کان پڇو ته:
”امان ڇوڪري
کي ڪاٿي پرڻايو اٿئي يا نه.“
امان
جواب ڏنس ته:
”ڪير هن چرئي
کرئي کي ڏيندو“
مائي
افسوس جو اظهار ڪرڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي. ”امان رک الله تي. خدا کيس پٽن وارو ڪندو.“
ان تي
مون رڙ ڪئي؛ ”اڃا ٻيا ڀي“
مائي
روئي ويٺي ۽ بابا اندر ڪمري ۾ هليو ويو. مائي پوءِ امان کي چوڻ لڳي ته: ”وسن جهڙو
ڇوڪرو آهي. هن کي پير جان محمد تي وٺي وڃ، الله کيس سهڻي ڪنوار ڏيندو ۽ ست پٽيتو
ڪندو.“
بابا
وري ڪمري کان ٻاهر نڪري آيو ۽ اکيون ڦوٽاري مائي کي ڏسڻ لڳو. مائي اٿي کڙي ٿي ۽
ويندي ويندي به دعا ڪندي وئي ته: ”ڏس ڪيئن ٿو الله منهنجي ٻڌي هي به توهان وانگر
ڳالهائيندو ۽ اولاد وارو ٿيندو.“
عيد جي
ڏينهن اسان سڀ گڏ ٿيندا آهيون اهو سلسلو گهڻي وقت کان ٿو هلندو اچي. ننڍي هوندي ان
عيد ۾ ڪجهه ٻيو مزو هوندو هيو. مهينو ڏيڍ ان عيد جو انتظار ڪرڻ شروع ڪندا هياسين.
اسان کي ايترا سٺا ڪپڙا ۽ گهڻيون خرچيون ته ڪو نه ملنديون هيون. پر ان وقت بابا ۽
امان جن اسان سان گڏ هوندا هيا جنهن جي ڪري اهو ڏينهن وڌيڪ سٺو لڳندو هو. عيد جي
صبح جو سيون کائي سڀ گڏجي نماز پڙهڻ ويندا هياسين. مقام کان دعا گهري گهر پهچي
سڀني کي عيد مبارڪ ڏيندا هياسين ۽ پوءِ هلنديون هيون خرچيون. بابا سڀني پٽن کي ڏھ
ڏھ رپيا خرچي ڏيندو هيو. اهي ۱۰ رپيا
اسانجي لاءِ وڏي اهميت رکندا هئا. اها روايت اڃا تائين اسان وٽ هلندي ٿي اچي.
نوڪري جي ڪري هن وقت هر ڪو مصروف ٿي ويو آهي ڪو ڪٿي آهي ته ڪو ڪٿي، پر هر سال عيد
تي ضرور گڏ ٿيندا آهيون.
عيد جي
ٻئي ڏينهن تي شام جو اسان سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهيون. هر ڪو پنهنجي پنهنجي طرف کان
ڪجهه نه ڪجهه ٺاهي کڻي ايندو آهي. طرح طرح جا اتي کاڌا گڏ ٿي ويندا آهن. اسان کان
وڌيڪ هي زمانو اسانجي ٻارن جو آهي ائين گڏ ٿيڻ جي ڪري هنن کي هڪ ٻئي سان ملڻ جو موقعو ملي ٿو. پاڻ ۾
ويجهڙائپ محسوس ڪن ٿا، گڏجي ويهن ٿا. کلن ٿا خوش ٿين ٿا. هنن جي گڏ ٿيڻ جو هڪ ٻيو
وڏو فائدو اهو به آهي ته هنن کي پنهنجي خيالن جي اظهار جو موقعو ملي ٿو. هر عيد تي
ٻارن ۾ جدا جدا مقابلو ٿيندو آهي. ڪڏهن پينٽنگ جو، ڪڏهن ڪنهن موضوع تي تقرير ڪرڻ
جو ۽ ڪڏهن لطيفن ٻڌائڻ جو. هر ڪنهن کي آزادي هوندي آهي ته هن کي جيڪو وڻي سو چوي. اهڙي طرح هنن ۾ خود اعتمادي پيدا
ٿيندي آهي جيڪا اڳتي هلي هنن کي زندگيءَ ۾ ڪم ايندي.
ڪڏهن
ڪڏهن ٻار به ڏاڍا سٺا لطيفا ٻڌائيندا آهن. منهنجي پٽ صادقين ته هڪڙي دفعي منهنجو
ئي لطيفو سڀني کي ٻڌايو.
”هڪڙي دفعي
اسان بابا ڏي دادو وياسين. ان ڏينهن ڏاڍي تيز برسات پئي پوي. اسان ڏٺو ته ايڏي تيز
برسات ۾ بابا ڇٽي کڻي گلن کي ٿو پاڻي ڏئي.“
اسحاق
احمد جي پٽ آدريان لطيفو ٻڌايو ته :
هڪڙي
دفعي ٻه ڄڻا پاڻ ۾ گڏجي نوڪري جي سلسلي ۾ ڪٿي انٽرويو ڏيڻ ويا. پهريائين هڪڙي جو
انٽرويو ٿيو.
سوال:
تنهنجي تعليم ڇا آهي.
جواب:
بي اي.
سوال:
پاڪستان ڪڏهن آزاد ٿيو
جواب:
ڪوششون ته گهڻي وقت کان هلن پيون، نيٺ ۱۹۴۷ع ۾ ڪم ٿيو.
سوال:
پاڪستان جو وزير اعظم ڪير آهي؟
جواب:
ڪيئي، آيا ويا. هن وقت يوسف رضا گيلاني آهي.
ٻئي
ڇوڪري اهي سڀ سوال نمبر وار ياد ڪري ڇڏيا. هن سوچيو ته هن کان به ضرور ساڳيا ئي
سوال پڇندا. هن کان جڏهن سوال پڇائون ته هيئن پڇائون.
سوال:
تنهنجو نالو ڇا آهي؟
جواب:
بي اي
سوال:
تنهنجي پيدائش ڪڏهن ٿي.
جواب:
ڪوششون ته گهڻي کان وقت هلن پيون، نيٺ ۱۹۴۷ع ۾ ڪم ٿيو.
سوال:
تنهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي.
جواب:
ڪيئي آيا ويا، هن وقت يوسف رضا گيلاني آهي.
اهڙي
نموني منهنجي هڪڙي ڀاڻيجي عاليان به سٺو لطيفو ٻڌايو.
”اسپتال ۾ ٻه
ٽي ڊاڪٽر ويٺا هيا ته هڪڙو ماڻهو منڊڪائيندو اندر داخل ٿيو. ان کي ڏسي هر ڪنهن
پنهنجو پنهنجو رايو پيش ڪيو.
هڪڙي
ڊاڪٽر چيو ته ان کي ڄنگهه ۾ سور آهي. ٻي چيو ته ان کي پير ۾ ڌڪ لڳو آهي. ٽئين چيو
ته نه ان جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي. جڏهن ان همراھ کان پڇائون ته: ”تو کي ڪهڙي تڪليف
آهي؟“
تنهن
تي هن جواب ڏنو ته: مونکي ڪابه تڪليف ناهي، مان نئون بوٽ ورتو آ.“
پنهنجي
خاندان ۾ بابا اڪيلو فرد هيو. پر هن وقت جڏهن اسان سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهيون ته
گهر ۾ وڏي رونق اچي ويندي آهي. وڏن جي ڪچهري ۽ ٻارن جي گوڙ سان گهر پيو ٻهڪندو آهي
اسانجي گهر ۾ ائين ڪچهري به پئي هلندي آهي ۽ ان سان گڏ هر ڪو ٻارن کي عيد جي خرچي
به پيو ڏيندو آهي. اسان وڏن کي به اڳي عيد جي خرچي ملندي هئي. جيڪا بابا کانپوءِ
بند ٿي وئي آهي. ان روايت کي برقرار رکندي هاڻي اها ئي ساڳي خرچي مان پنهنجي ڀائرن
ڀينرن کي ڏيندو آهيان ۽ بقول انهن جي ان سان بابا جي ياد تازي ٿي ويندي آهي.
No comments:
Post a Comment