Monday, August 7, 2017

لاڙڪاڻي مان- مير اعظم علي ٽالپر

لاڙڪاڻي مان
واٽ ويندي
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ واٽ ويندي لکندي چار هفتا مڪمل ٿي رهيا آهن، جن جي شروعات ضلعي گهوٽڪي کان ٿي هئي، ان بعد ضلعو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي ڳوٺ، ڳوٺ ۽ واهڻ وستي وڃڻ لاءِ گاڏي ڊوڙائڻي پئي. ڪن علائقن، خاص ڪري درياهه جي اندر ۽ ڪچي واري علائقي ۾ جتي اڳ عام ماڻهو نه ويندو هو يا خوف محسوس ٿيندو هو، هاڻي صورتحال بلڪل مختلف هئي. حالانڪ ان جي باوجود به اسان کي احتياط ۽ محتاط سان رهڻ جا مفت مشورا ملندا رهيا ۽ سج لٿي کان اڳ ئي واپس موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي رهڻ جو چيو ويو هو. اتفاق سان شڪارپور ۾ هڪ علائقو جاڳڻ آهي، ان لاءِ حڪم هو ته جلدي واپس ايندا ۽ ڪو واقفڪار گڏ کڻندا. ان لاءِ ايم پي اي شهريار مهر جو باڊي گارڊ گڏ هليو. بهرحال ان کانپوءِ قافلو ضلعي لاڙڪاڻو پهتو، لاڙڪاڻي شهر لاءِ سنڌ ۾ عام پهاڪو مشهور هو ته ”هُجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ پر سالن کان هلندڙ اهو پهاڪو زماني جي گردش سبب تبديل ٿي هن طرح بڻجي ويو ”هُجئي ناڻو ته ڇَڏَ لاڙڪاڻو.“ ان لاڙڪاڻي ”گهمڻ“ ۽ ”ڇڏڻ“ ۾ فرق جو سبب شايد هڪ نه پر گهڻا ڪارڻ هجن! پر لاڙڪاڻي کي سنڌ ۾ سياستدانن جي سرزمين چيو وڃي ٿو، جنهن وڏا ڪامورا ۽ علم وارا انسان سنڌ ۽ پاڪستان کي ڏنا، پر انهن انسانن ڪڏهن سنڌ ۾ ”واهه واهه“ ڪرائي ته ڪڏهن پنهنجي ڪردار ۽ وقت جي تقاضا ۽ سياسي مصلحت سبب سنڌ واسين کي ڏک به رسايو. البته لاڙڪاڻي جي هر انسان جا ماضي ۾ ڇڏيل نشان سندس ويندڙ واٽ تي واضح ۽ صاف نظر اچن ٿا.

مُهين جو دڙو - زرار پيرزادو

مُهين جو دڙو
سرڪاري لاپرواهي جو شڪار
زرار پيرزادو
مُهين جي دڙي جو هيءُ ماڳ نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو تهذيبي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. ان عالمي تهذيبي ورثي کي بچائڻ لاءِ سنڌ، پاڪستان ۽ باقي دنيا ڪيترو سنجيده آهي، تنهن جو جائزو وٺڻ بيحد ضروري آهي.
مُهين جي دڙي جي کنڊر جي تحفظ لاءِ، حڪومتي سطح تي جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري وئي آهي، اچو ته تنهن جو جائزو پيش ڪيون. پر ان کان اڳ ۾ اچو ته ڏسون ته مُهين جو دڙو ڪيئن دريافت ٿيو.

Tuesday, June 27, 2017

اڳ عيد خرچي اسان کي به ملندي هئي - مشتاق انصاري

اڳ عيد خرچي اسان کي به ملندي هئي
جيڪا بابا کانپوءِ بند ٿي وئي
مشتاق انصاري
اسان پاڻ ۾ ڪل يارنهن ڀائر ڀينر آهيون. مان سڀني کان وڏو آهيان ۽ سڀ کان ننڍي آهي اسانجي هڪڙي ڀيڻ، ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو آهي اسحاق احمد. ننڍي هوندي جڏهن اسان سڀ هڪ هنڌ گڏ رهندا هياسي ته گهڻن ڀاتين هجڻ باوجود اسانجي گهر جو ماحول ڏاڍو سڪون وارو هوندو هيو. نه گوڙ نه گهمسان ۽ نه هوندو هيو ڪو غم ۽ فڪر. سڄو ڏينهن کل خوشيءَ ۾ گذري ويندو هيو. بابا ۽ امان به هميشه اسانجي خوشيءَ ۾ پيا شامل ٿيندا هيا. ڪڏهن به هنن اسانکي پنهنجي ڏک ۽ پريشاني جو احساس ٿيڻ نه ڏنو. خوشيءَ جي ان ماحول ۾ بابا اسان سڀني ٻارن کي پنهنجن اصلي نالن جي بجاءِ ٻين عجيب عجيب نالن سان پيو سڏيندو هيو هڪڙي جو نالو هيو ”پٽاٽو“، ٻئي جو ”بلو“ ته ٽين جو هيو ”ڊومو“

Tuesday, June 13, 2017

ماڻهو کي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا هتي ئي ملي ٿي وڃي - مشتاق انصاري

ماڻهو کي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا هتي ئي ملي ٿي وڃي
مشتاق انصاري
مان جڏهن صبح جو پنهنجي آفيس پهتس ته ڏٺم ته مون کان اڳ ۾ ئي اتي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي چڪا هيا جن ۾ پيرسن عورتون، پيرسن مرد ۽ ڪافي معذور به هيا. اهي سڀ اسان جي آفيس جي ٻاهران زڪوات وٺڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هيا. آفيس جو هڪڙو ڪلارڪ هنن کي در کان پرتي ڌڪي رهيو هو. ماڻهن سان هن جو رويو مونکي ڪجهه مناسب نه لڳو. هڪڙي پوڙهي عورت کي هن ٻاهر ڪڍندي چيو ته :
” هيڏي ڪاڏي ٿي اچين. نڪر ٻاهر.“

ڊرائنگ جو برش نوريئڙي جي پڇ مان ٺهندو آهي؟ مشتاق انصاري

ڊرائنگ جو برش نوريئڙي جي پڇ مان ٺهندو آهي؟
مشتاق انصاري
منهنجي پڙهڻ جي شروعات شڪارپور کان ٿي. مامي عثمان جي گهر ڏانهن ويندي رستي تي خليفي غلام حيدر جو هڪ ننڍڙو اسڪول هيو جيڪو دڪان نما هڪڙي ڪمري تي مشتمل هيو. ان ۾ اوڙي پاڙي جا ٻار قرآن شريف جو سبق وٺڻ ايندا هيا. ان سان گڏ انهن کي اتي اسڪولي ڪتاب به پڙهايا ويندا هيا. ان اسڪول وٽان لنگهندي مان ڪجهه وقت اتي بيهي ٻارن کي پڙهندي ڏسندو هيس. ڪن ٻارن جو قرآن شريف پڙهڻ جو انداز ۽ آواز ايترو ته سٺو هوندو هيو جو انهن کي ڏسي مونکي به پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. گهر پهچي امڙ سان مون پنهنجي خواهش جو اظهارڪيو، جنهن مونکي خوشي سان اجازت ڏني. منهنجي ماساتن فدا حسين ۽ عاشق حسين کي به چيو ويو ته هو به مون سان گڏ پڙهڻ وڃن. صبح جو مامو قمر الدين اسان ٽنهي کي خليفي غلام حيدر وٽ ڇڏي آيو ۽ ان کي اسان ٽنهي جي پارت به ڪيائين. پهرين ڏينهن پڙهڻ کان پوءِ جڏهن واپس گهر آياسين ته گهر ۾ اسان جي ڏاڍي خاطر تواضح ڪئي وئي. اسان کي هر ڪو عزت جي نگاھ سان پيو ڏسي. شام جو اسان جي نانيءَ مٺو ڀت ٺاهي پاڙي جي ٻارن ۾ ورهايو هيو.

گم ٿيل گھوڙا- زيب سنڌي

گم ٿيل گھوڙا
زيب سنڌي

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا شهر ۾ ٽه ڦيٿا رڪشا نه پهتا هئا. شهر جا روڊ رستا ڪشادا ۽ صاف هوندا هئا. انهن ڏينهن ۾ سواريءَ لاءِ ماڻهو ٽانگو استعمال ڪندا هئا. ٽانگن لاءِ وچ شهر ۾ هڪ بگي اسٽان هوندو هو، جتان هر وقت بگيون يا ٽانگا ملندا هئا. انهن ئي ڏينهن ۾ سئنيما جو عروج هو ۽ ماڻهو سئنيما تي ايندي ويندي ٽانگن تي چڙهندا هئا.“ نامياري ليکڪ منظور جوکيي جي لاڙڪاڻي شهر جي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻي ”اَيوءَ جو گهوڙو“ جون اهي سٽون پڙهيم ته مون کي لڳ ڀڳ اڌ صدي اڳ وارو اهو لاڙڪاڻو ياد اچي ويو، جڏهن لاڙڪاڻي شهر جي رستن تي فقط ٽانگا ۽ سائيڪلون ئي نظر اينديون هيون. عام ماڻهوءَ وٽ ذاتي سواري سائيڪل هوندي هئي ۽ جنهن شيءِ کي اڄ اسين پبلڪ ٽرانسپورٽ چئون ٿا، سا تنهن زماني ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر فقط بگيون ۽ ٽانگا ئي هئا. لاڙڪاڻي جهڙي سنڌ جي اهم شهر ۾ موٽر سائيڪل به ٿورن ماڻهن وٽ هوندي هئي ۽ چئن ڦيٿن واري سواري، يعني جيپ يا ڪار ته ڪجهه ڳاڻ ڳڻين امير ماڻهن وٽ ئي هوندي هئي. صبح هجي يا شام، ڪنهن به وقت شهر ۾ نڪربو هو ته رستن تي فقط سائيڪلن جون آڱوٺي جي زور سان وڄندڙ گهنٽيون ٻُڌڻ ۾ اينديون هيون يا وري ٽانگن ۾ جوٽيل گهوڙن جي آهستي آهستي ڊوڙڻ جا ٽاپ ٽاپ وارا آواز. چڱي دير کان پوءِ ڪنهن موٽر سائيڪل جو آواز ٻڌبو هو، باقي ڪا جيپ يا ڪار ته ورلي ڪو نظر ايندي هئي. شهر جا رستا صاف سٿرا ۽ انڪروچمينٽ نه هئڻ ڪري ڪشادا هوندا هئا. شوقين نوجوان ٽريفڪ جي پرواهه ڪَرڻ کان سواءِ وچ رستي تي ايئن هلندا هئا، ڄڻ اهو روڊ نه پر فوٽ پاٿ هجي! ٽريفڪ جو گوڙ شور نه هئڻ سبب شام جو رش واري وقت به ايتري خاموشي هوندي هئي جو ماڻهو پاڪستان چوڪ جهڙي مصروف هنڌ تي دڪانن ٻاهران ٺهيل ٿَلهن تي ويهي، بجليءَ جي پول ۾ لڳل لائوڊ اسپيڪر تان لوڪل براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ گانا ۽ خبرون ٻُڌندا هئا. انهن ڏينهن ۾ به لاڙڪاڻو اپر سنڌ جو سکر کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر هوندو هو پر شهر اندر رڪشا جو ڪو نالو نشان نه هو. اپر سنڌ ۾ رڪشا فقط سکر ۽ خيرپور ميرس ۾ نظر ايندا هئا. خيرپور ميرس شهر ته ان وقت به سکر توڙي لاڙڪاڻي کان ننڍو هو، پر هيو ڊويزنل هيڊڪوارٽر ۽ سکر توڙي لاڙڪاڻو خيرپور ڊويزن جا ضلعا هئا.

Wednesday, May 17, 2017

لاڙڪاڻو ڪيڏو نه بدلجي ويو آهي - لياقت راڄپر

لاڙڪاڻو ڪيڏو نه بدلجي ويو آهي!
شهر ڪهاڻي
لياقت راڄپر
مان پاڻ کي ڏاڍو خوشنصيب سمجهندو آهيان ته منهنجو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو آهي، جنهن انيڪ شخصيتن کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان جهڙا پتڪڙا ماڻهو به ڪنهن ڪنڊ پاسي کان بيٺل آهن، يادون ته هن شهر سان لاتعداد آهن پر ان جو ذڪر ڪيترن لکڻين ۾ ڪري چڪو آهيان ۽ باقي رهيل شيون به لکيون. هن شهر کان ڪراچي نوڪريءَ جي ڪري اچڻ ٿيو. هونئن ته اڪثر اچبو رهبو هو پر جڏهن 1990ع جون ۾ شادي ڪيم ته ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪجهه مجبورين جي ڪري ڪراچي رهڻو پيو.