Monday, December 18, 2023

لاڙڪاڻي جو هڪ تصويري دستاويز - الطاف شيخ

لاڙڪاڻي جو هڪ تصويري دستاويز

الطاف شيخ

ڪتاب: Larkano: The Pictorial Profile

ليکڪ: آصف رضا موريو



ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته؛ “هڪ سٺي ڪتاب جو مطالعوکليل اکئين خواب ڏسڻ جيان هوندو آهي”. آصف رضا موريو جو هي پيار ڀريو پورهيو Larkano: The Pictorial Profile ڏسي مونکي اڄ ان چوڻي تي نه رڳواکيون ٻوٽي ويساهه ڪرڻو پيو پر هن ڪتاب يا مصنف جي سنگت ۾ لاڙڪاڻو شهر کي نئين سر ڏسڻ جو خواب پڻ دل ۾ اسريو آهي. ڪتاب جي پرنٽنگ ۾ ۱۵۰ گرام جو ميٽ پيپر استعمال ٿيل آهي جڏهن ته ۸ - ۱۲ انچ سائيز واري هن ڪتاب جا سمورا ورق رنگين آهن. پڙهڻ دوران هي ڪتاب مونکي ڪنهن اهڙي سامونڊي سفر جيان لڳو جيڪو شروع ٿيڻ کان پوءِ دل چاهيندو آهي ته ختم ئي نه ٿئي ڇوته پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي پر هن ڪتاب کي ڏسڻ مان ئي دل ڪونه پيو ڀرجي. اهو ئي سبب آهي جو هي ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ڏسڻ وٽان هئڻ سبب پڙهي نه سگهڻ وارا اڻ پڙهيل ماڻهو به ڏسڻ لاءِ ضرور وٺندا. ڪتاب جو هر ورق ڪنهن به سٺي ڪتاب جي ٽائيٽل جيتري محنت سان جڙيل آهي جيڪو مصنف پنهنجي ذاتي اداري انڊس ڪلچرل اينڊ لٽرري آرگنائيزيشن طرفان ڇپرايو آهي.


ڪتاب جو مصنف آصف رضا موريو سنڌ جو هڪ متحرڪ لکاري ۽ جاکوڙي ڪردار آهي جنهن جو تعلق لاڙڪاڻو ضلع جي تعلقي ڏوڪري ۾ موجود ڳوٺ سومر خان موريو (عرف ڪوٽ مرزا ڪالو) جي پڙهيل ڳڙهيل گهراڻي سان آهي. هو هڪ آازاد منش آدي واسي آهي جيڪو دنيا جي بهترين ادارن سان تاريخ، آثارقديمه، علم الانسان وغيره جهڙن موضوعن متعلق سهڪاري ڏيتي ليتي سان گڏ تحقيق ۽ تدوين جا مختلف پروجيڪٽ کڻندو آهي پر ڪم پنهنجي طريقي سان ڪندو آهي. هو کوڙ ساري بين الاقوامي خابرو ادارن جي ادارتي ٽيمن ۽ اين جي اوز سان سلهاڙيل هئڻ سان گڏ بين الاقوامي انگريزي جريدي Jewel Time جو ايسوسيئيٽ ايڊيٽر ۽ ۳۰ کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف آهي.

آصف رضا جو Indus Valley Civilization Mohen-jo-Daro: Mysterious city of نالي پهريون ڪتاب ۲۰۰۷ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هيو. سندس تازو ڪتاب هي آهي جنهن متعلق توهان تبصرو پڙهي رهيا آهيو ۽ سندس ايندڙ ڪتاب Leading Land of Ancient Civilizations آهي. ۷ مهينا اڳ مصنف Moriro Fisherman and the Shark of Kalachi جي نالي سان هڪ بهترين ناولٽ اسان کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هيو.

 Larkano: The Pictorial Profileجي مهاڙي مهين جو دڙو جي برسات کان ترت پوءِ ورتل شاندار پورٽريٽ ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي مقبري جي تصوير سان سينگاريل آهي جيڪو آگرا جي تاج محل جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. ڪتاب جي شروعات ڌڻي سائين جي نالي سان ٿئي ٿي جنهن جي پاڇي ۾ ٻئي ورق تي ڀٽائي سرڪار جي سموري ڪائنات واسطي سڪار جي دعا ڪتاب جي سڀني ورقن تي پڻ ڇانورو ڪندي نظر اچي ٿي. ستين ورق تي لکاري طرفان سندس هيءَ سموري محنت لاڙڪاڻو جي زرخيزمٽي مان ڄم وٺندڙ انتهائي مهان شخصيتن سورگ واسي سوڀوگيانچنداڻي ۽ مرحوم عثمان فليش مين کي انتساب ٿيل آهي جن سان مصنف جو محبت ۽ عقيدت ڀريو ناطو ورهين کان وٺي سندن پرلوڪ سڌارڻ تائين رهيو.

اهڙي ريت هن ڪتاب ۾ مواد جي شروعات تيرهين ورق کان مهين جي دڙي جي مضمون سان ٿئي ٿي ۽ اختتام ۱۵۲ ورق تي ڏنل فهرست تي ٿئي ٿو. ان وچ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جي اهم اهڃاڻن جهوڪر جو دڙو ۽ ڌامراها جو دڙو کان ٿيندي لاڙڪاڻو جي تاريخي پسمنظر، مکيه شهرن، يادگارن، خاص ڪاروباري بازارن، آبي گزرگاهن، ريلوي اسٽيشنن، انڊسٽرين، تاريخي عمارتن، اتهاسڪ پسمنظر رکندڙ خانگي گهرن، سماجي ۽ تهذيبي اهميت رکندڙ عمارتن، مذهبي نوعيت وارين عمارتن کان پوءِ تعليمي ادارن، اسپتالن، ضلع جي انتظامي عمارتن، بينڪن وغيره جي تاريخي دستاويزي بعد ڪتاب جي آخر ۾ لاڙڪاڻو جي ۳۰ خاص شخصيتن جا سوانحي خاڪا ڏنا ويا آهن. تنهن کان پوءِ هڪ نئين ۽ خاص ڳالهه پڻ هن ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي جيڪا مان پهريون ڀيرو ڪنهن سنڌي ڪتاب ۾ ڏٺي آهي يعني صلاحڪاري ۽ سهڪاري بورڊ جنهن ۾ مصنف انهن ماڻهن جا نالا ڏنا آهن جن هن ڪتاب جي تحقيق، تدوين ۽ جاکوڙ دوران ڪنهن به قسم جي اخلاقي مدد يا تعاون ڪيو. ڪتاب جي پٺئين ٽائيٽل تي خشونت سنگهه، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، سائين عطا محمد ڀنڀري، ڊاڪٽر مبارڪ علي، الطاف شيخ، اشتياق انصاري ۽ ڪاشف رحمان جا شڀڪامنائن ڀريا تاثرات پڻ آفرين انگيز آهن.

هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻو جي پراڻي تاريخي ۽ تهذيبي آثارن، قديم ۽ جديد تاريخ، تهذيب، تمدن، اڏاوتن، خاص شخصيتن جي سوانحي خاڪن وغيره جو اڀياس انتهائي عمدگي سان اوتيو ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته هي تاريخي ڪتاب قديم و جديد باقيات، جزيات ۽ ثابيات سان ٽٻٽار هئڻ ڪري لکيل کان وڌيڪ پگهرجي پورهئي سان جوڙيل ڀانئجي ٿو. توڙي جو مان تاريخدان ڪونه آهيان پر هڪ ڪتاب دوست ۽ علم دوست هئڻ ناطي پنهنجي تجربي آهر چئي سگهان ٿو ته سنڌ جي ڪنهن به تاريخي ۽ تهذيبي پسمظر تي اهڙو ڪو جامع ۽ مڪمل دستاويز منهنجي نظر اڳيان پهريون ڪونه گذريو آهي.

هڪ لکاري هئڻ جي ناطي مان سمجهي سگهان ٿو ته هڪ عام ڪتاب لکڻ به تمام ڊگهي ٿڪائيندڙ ۽ اوٻرائيندڙ جدوجهد هوندي آهي ته پوءِ اهڙي شاندار ڪتاب لکڻ ۾ آصف رضا موريو کي ته يقينن بيشمار ۽ مختلف شخصي، سماجي، نفسياتي توڙي سياسي للڪرن سان منهن ڏيڻو پيو هوندو ۽ آئيندي ۾ به ڪي مهاڏا سندس سامهون اچڻ جا گمان رد ڪري نه ٿا سگهجن ڇوته هڪ سچي لکاري، جاکوڙي قلمڪار ۽ کاهوڙي تحقيق نگار هئڻ ناطي سندس تحرير ۾ گهڻي ڀاڱي سختي، سچائي، لهجي جي کرائپ ۽ لفظن جي اکڙتائپ گهوريندي ملي ٿي جيڪا ڪڏهن به ڪنهن ٽرڙي دماغ کي چيڙائي سگهي ٿي.

هن ڪتاب جو هر ورق اٿلائيندي نه رڳو توهان جي علم ۾ اضافو ٿيندو پر مصنف جي ڳوڙهي مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو قائل پڻ ٿيڻو پوي ٿو. تحريرن ۾ پوڻ کان اڳ ئي تصويرن جا خوبصورت فريم، زاويا ۽ هنرمندي توهان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ سان گڏ ڪتاب جا موضوع جايون، ماڳ، مڪان، باغ، باغيڇا، مسجدون، مندر، چرچ، دريا، نديون، وڻ وغيره پنهنجي هجڻ متعلق محسوسات ڏيندي پڙهندڙ کي ڄڻ ته پاڻ سان گڏ ورتيون هلندا نظر ايندا. مصنف جي پنهنجي ڪم تي تمام گهڻي دسترس هئڻ سبب ڪتاب جا ڪردار تصويرن جي سنگت ۾ پنهنجي افاديت ۽ اثر انگيزي جا پر پکيڙيندي ملن ٿا.

ڪنهن به وڏي موضوع کي اوتڻ ۽ اولڻ لاءِ ايترا ورق تمام ٿورا ٿيندا آهن پر توڙي جو ايتري پيٽ ۾ تمام شاندار مواد سمائڻ جو پوري پوري ڪوشش ڪئي وئي آهي پر پوءِ به ورقن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي خاص طور تي شخصي خاڪن ۾ کوڙ شخصيتن جو نه هجڻ محسوس ٿيو. ڪتاب جي اندر جيڪڏهن الڳ الڳ موضوعن پٽاندر جيڪڏهن باب ڏنا وڃن ها ته پڙهندڙ لاءِ بهتري ۽ تحقيق نگار لاءِ سولائي ٿئي ها. هن ڪتاب ۾ مون پهريون ڀيرو مواد جي فهرست ڪتاب جي آخر ۾ ڏٺي جيڪا پاڪستان ۾ ڇپجندڙ ڪتابن اندرگهڻو تڻو ڪتاب جي منڍ ۾ هوندي آهي جڏهن ته بين الاقوامي ادارا اها فهرست آخر ۾ ڏيندا آهن.

لاڙڪاڻو جي تاريخ تي هي هڪ مڪمل ۽ جامع ڪتاب آهي ڇوته هن کان اڳ لاڙڪاڻو جي تاريخ تي ڳولهڻ سان به ڪو مستند ڪتاب ڪونه پيو ملي. ڪنهن دور ۾ لاڙڪاڻو ميونسپالٽي وارن “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” نالي سان هڪ سٺو ڪتاب ترتيب ڏياري ڇپرايو هيو پر ان ڪتاب ۾ موضوعن جو وراجاءُ تمام گهڻو هيو. تنهن کان پوءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو لکيل هڪ ننڍڙو ڪتاب “لاڙڪاڻو، ماضي ۽ حال” به سامهون آيو جيڪو مظهر ميمڻ ڇپرايو هيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو ترتيب ڏنل “لاڙڪاڻو صدين کان” به منظر عام تي آيو پر اهي ٽئي ڪتاب هاڻي ناپيد آهن. هڪ ڪتاب “لاڙڪاڻو، تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو” احسان دانش به ترتيب ڏنو ۽ عبدالستار ڀٽي پڻ هڪ سٺو ڪتاب “لاڙڪاڻي جون امر خاص شخصيتون” تي سرجيو هيو.

آصف رضا موريو جو هي ڪتاب نه رڳو لاڙڪاڻو پر سنڌ جي سماجي، سياسي، تاريخي ۽ تهذيبي پسمنظر جو اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ جهاتي پائي اسان جو اتهاس جاچيندڙ انساني نسلون تحقيق جي کيڙي ۾ قدم رکندي گهڻو لاڀ ماڻينديون. توڙي هي ڏيڍ سو ورق شروعات ڪندي اٿلائن سان اڪلائجي به وڃن ٿا پر منهنجو تجربو آهي ته ڪجهه اهڙا ڪتاب به هوندا آهن جن جي پڄاڻي ڪونه ٿيندي آهي، آصف رضا موريو جو هي شاهڪار به اهڙن ڪتابن منجهان آهي. منهنجي دعا آهي ته مصنف کي ڌڻي پاڪ پنهنجي ڪيل پورهئي جو پورو صلو عطا فرمائي.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي ڪاوش دنيا ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment