Wednesday, September 7, 2022

مُهين جي دڙي جو عالمي ورثي مان نڪرڻ جو خطرو؟ - زرار پيرزادو

مُهين جي دڙي جو عالمي ورثي مان نڪرڻ جو خطرو؟

زرار پيرزادو



¨ هونئن ته چؤماسي جي موجوده برساتن ۽ ٻوڏ وگهي سڄي سنڌ ٻڏل آهي، آفت جوڳي حالت ۾ آهي، جيئرا ماڻهو، آباد ڳوٺ شهر ۽ گهر، ڳوٺن، شهرن ۽ گهرن سان سلهاڙيل جذباتي وابستگيون، ساروڻيون سڀ لڙهي چڪيون آهن اتي حڪومت يا عام ماڻهن کي سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ قديمي آثارن جي تباهي جو ڀلا ڪهڙو ۽ ڪيترو اونو هوندو!


¨ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته باقي سڄي سنڌ اڳتي هلي وري جڙي سگهي ٿي، وري آباد ٿي سگهي ٿي پر جيڪڏهن قديم آثار ڌرتي تان ميسارجي ويا ته اهي وري ڌرتي جي مٿاڇري تي اڏي نٿا سگهجن. سو ان بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته اوليتي بنياد تي حڪومت کي سنڌ جي قديم آثارن جي مالڪي ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪا عالمي سطح تي تمام گهڻي امداد ملي آهي تنهن مان جيڪڏهن ڪجهه مالي حصو قديم آثارن خاص ڪري مهين جي دڙي لاءِ مخصوص ڪجي ته اهو تمام ڀلو ٿيندو يا وري آرڪيالاجي کاتو ان حوالي سان يونيسڪو کان الڳ مالي امداد وٺي جيڪڏهن فنڊن ۾ کوٽ آهي ته.

¨ بهرحال اها تمام سرهائي جي ڳالهه آهي ته مهين جي دڙي جي ڪيوريٽر پنهنجي انتظامي ذميواري کي ۽ مهين جي دڙي جي اهميت ۽حساسيت کي محسوس ڪندي سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي جي ڊائريڪٽر کي هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ موجب خط لکيو آهي جنهن ۾کيس گذارش ڪئي وئي  آهي ته جيڏو ريڪارڊ برساتون پيون آهن، ايڏو ئي نقصان مهين جي دڙي جي قديم ترين کنڊر کي ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي فوري بچاءُ جا غير معمولي طور تي انتظام نه ڪيا ويندا ته خطرو آهي ته مهين جي دڙي جي کنڊر کي عالمي ورثي جي لسٽ مان نه خارج ڪيو وڃي.

¨ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهين جي دڙي جي سائيٽ کي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ تمام بهترين ڪيو آهي، سياحت لاءِ ڪافي سهولتون ڏنل آهن جيڪي ماضي ۾ نه هيون پر اصل مهين جي دڙي جي کنڊر تي جيڪو غير معمولي ڪم ٿيڻ گهرجي تنهن ۾ اڃان وڏي گنجائش آهي.

¨ مثال طور مهين جي دڙي جي کنڊر اندر برساتي پاڻي جي نيڪال جو انتهائي جديد انتظام هئڻ گهرجي جيئن برساتي پاڻي کنڊرن ۾ بيهي نه سگهي ۽ ڀتين تي اهڙو ڪيميڪل وڌو وڃي جو اهي وڌيڪ ڀري ۽ جهري نه سگهن.

¨ سو ان ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مهين جي دڙي جي سائيٽ تي به ايمرجنسي لاڳو ڪري هنگامي بنياد تي ڪم ٿيڻ گهرجي ۽ ان ڪم لاءِ جنهن سطح تي به مدد جي ضرورت هجي سا وٺڻ گهرجي.

¨ جيستائين مهين جي دڙي کي عالمي ورثي جي لسٽ مان خارج ڪرڻ واري امڪان جو معاملو آهي ته اهو واقعي به ممڪن آهي. جيڪڏهن حڪومتون ڪنهن کنڊر يا يادگار کي سنڀالي نه سگهن ته ان کي عالمي ورثي جي لسٽ مان خارج ڪرڻ جو قانون موجود آهي.

¨ اڳ مڪلي کي به عالمي ورثي جي لسٽ مان ڪڍڻ جو چتاءُ ڏنو ويو هو ۽ تمام گهڻين ڪوششن کانپوءِ اهڙي فيصلي کي پوءِ روڪرايو ويو هو پر مهين جي دڙي جي حوالي سان اڃا اهڙي وارننگ نه ڏني وئي آهي انگريزي اخبار ۾ ڪيوريٽر جو ڇپيل موقف سندس ذاتي انديشو آهي پر پنهنجا جيڪي  پرڪار آهن تن کي ڏسندي ان خوشفهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته اهو انديشو خوفناڪ حقيقت به ٿي سگهي ٿو.

¨ سنڌ جي حقن جي حوالي سان سال ۲۰۱۰ع کان اڳ تائين وڏي پئماني تي اهو مطالبو ڪيو ويندو هو ته سنڌ کي جنهن ۾ مهين جو دڙو، رني ڪوٽ ۽ مڪلي جهڙا عالمي ورثي جو فخر بڻيل يادگار آهن تنهن صوبي کي پنهنجو آرڪيالاجي کاتو ملڻ گهرجي، جيڪو هاڻي به مڪمل طور تي ناهي ٺهيو پر ان کي سنڌ ثقافت کاتي جو ذيلي ادارو بڻايو ويو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو ڌار ۽ مڪمل آرڪيالاجي کاتو قائم ٿيڻ گهرجي، جيڪو مهين جي دڙي جي عظيم تهذيبي ورثي کي مڪمل طور تي ايئن سنڀالي سگهي جو ان جي عالمي ورثي جي لسٽ مان خارج ٿيڻ جو ڪو خطرو نه رهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment