بيگم عتيق الزمان منزل
شاندار حويلي
آصف رضا موريو
ورهاڱو متحده هندستان جو هڪ اهڙو
الميو رهيو آهي جنهن سبب ٻه ملڪ آزاد ته ٿيا پر انهن ملڪن جون گهڻيون تڻيون
آباديون جن عذابن مان گذريون انهن جا زخم اڃان تائين ڪونه ڀريا آهن. ٻنهي ملڪن جي
مختلف علائقن مان لکين ماڻهو پنهنجا پنهنجا گهر، دوست يار، محبوب، گهر وارا، ٻنيون
ٻارا، باغ باغيچا،گيان ڀوميون، پريم ڀوميون ۽ سرزمينون لاوارثي جي حالت ۾ ڇڏي ٻچا ٻار
۽ سر بچائي ڀڄڻ تي مجبور ٿيا. ورهاڱي ماڻهن کان نه رڳو انهن جا گهر گهاٽ کسي ورتا
پر سندن صدين پراڻا تشخص ۽ سڃاڻپون مٽائي ڍير ڪيون. لاڙڪاڻو ۽ شهر جي ويجهڙائي مان
به هزارين سنڌي هندو خاندان پنهنجا آباد ڳوٺ، گهر، تر ۽ ويڙها لڏي هندستان وڃن تي
مجبور ڪيا ويا جن تي اتان جا لڏي آيل مهاجر ٺهيل ٺڪيل گهرن ۾ اچي آباد ٿيا.
لاڙڪاڻو جي لاهوري محلي ۾ واقع
هن شاندار بيگم عتيق الزمان منزل نالي حويلي ۾ پنهنجي مالڪن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ
لکنو کان هجرت ڪري آيل چوڌري خليق الزمان کي سندس دوست محمدايوب کهڙوڪليم ۾ کڻي ڏني
هئي. افسوس آهي جو ڏاڍي ڪوششن جي باوجود مون ان عمارت متعلق هندو مالڪن جو ڪو سر، پير
پتو ڪونه ملي سگهيو.
ان دور ۾ لاڙڪاڻو شهر ۾ ٽي وڏي
پائي جا سياستدان هوندا هيا جن مان هڪ سر شاهنواز ڀٽو، ٻيو نواب امير علي لاهوري ۽
ٽيون محمد ايوب کهڙو هوندو هيو. هنن ٽنهي جا نه رڳو هڪ ٻئي سان گهڻا گهرا ۽ دوستاڻا
تعلقات هوندا هيا پر رائل گهراڻن سان تعلق هجڻ ڪري انهن جو حلقو پوري هندستان ۾ پکڙيل
هوندو هيو. ورهاڱو ٿيو ته هتان هجرت ڪري ويندڙ هندو لوڪن جي جائدادن، زمينن ۽ گهر
گهاٽن تي طاقتور ماڻهن پنهنجي پنهنجي دوستن احبابن کي ويهارڻ شروع ڪيو ۽ ان سلسلي
۾ ڪراچي مان دل برداشته ٿي آيل چوڌري خليق الزمان کي به هندن جون ڇڏيل ڪجهه جڳهون ڏيکاريون
جن مان کيس لاهوري محلي جي هي حويلي پسند آئي.
چوڌري خليق الزمان ان حويلي ۾
گهڻو عرصو ڪو نه رهيو جو جلد ئي ڪراچي هيلو ويو جتي قائدِ اعظم کيس پاڪستان مسلم
ليگ جي صدارت حوالي ڪئي هئي جتي هو پنهنجي مصروفيت سبب هتي ڪڏهن ڪڏهن ايندو رهندو
هيو پر سندس اولاد هتي باقاعدگي سان رهندي هئي.
چوڌري خليق الزمان ان دور ۾
متحده هندستان ۽ پوءِ پاڪستاني سياست ۾ وڏو نالو رهيو جنهن جو جنم ۲۵
ڊسمبر ۱۸۸۹ع ڌاري
هندستاني اترپرديس جي مرزاپور ضلع جي ڳوٺ چنار ۾ چوڌري محمد زمان جي گهر ۾ ٿيو جيڪو
برٽش انڊيا جي متحده صوبن جو روينيو آفيسر هوندو هيو. سال ۱۹۱۶ع ۾ چوڌري خليق الزمان ايني بسنت جي هوم رورل تحريڪ جو رڪن بڻيو ۽ لکنو پيڪٽ
دوران انڊين نيشنل ڪانگريس جي نمائندگي ڪئي. هو خلافت تحريڪ جو متحرڪ حصو رهيو ته
عدم تعاون تحريڪ ۾ شموليت سبب کيس گرفتار ڪري لکنو جيل ۾ بند ڪيو ويو هيو جتي ڪجهه
عرصو جواهرلال نهرو ۽ سندس والد موتي لال نهرو سان گڏ سزا ڪٽي.
خليق الزمان ورهاڱي وقت به
هندستان جي ڪانسٽيٽيوئنٽ اسيمبلي جو رڪن هيو ۽ هو جواهرلال نهرو، ڊاڪٽر راجيندر
پرشاد ۽ ڊاڪٽر راڌا ڪرشن کان پوءِ چوٿون رهنما هيو جنهن هندستان جي پارليامنٽ جي
مرڪزي هال ۾ دستورساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو هيو. مهاتما گانڌي جي سفير طور هو آڪٽوبر
۱۹۴۷ع ۾ جناح لاءِ هڪ پيغام کڻي ڪراچي
آيو ته جيئي سنڌي هندن کي پاڪستان مان هجرت ڪرڻ کي روڪيو وڃي پر جناح سان سندس
نظرياتي اختلافن سبب هن هندستاني مسلمانن جي معاملن کي ترڪ ڪندي پاڪستان ۾ رهڻ جو
فيصلو ڪيو جنهن سان مٿس هندستان جا مسلمان ڪاوڙجي پيا ۽ انهن سندس ان عمل کي وعدي
خلافي سمجهندي سندس خلاف احتجاج ڪيا جنهن سان چوڌري صاحب سياست کي خيرآباد چئي ڪراچي
کان لاڙڪاڻو منتقل ٿيو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ قائد اعظم
کيس پاڪستان مسلم ليگ جو پهريون صدر بڻايو جتي هو ٻن سالن تائين پنهنجون خدمتون
سرانجام ڏيندو رهيو. ۱۹۵۳ع ڌاري
سال ڏيڍ تائين بنگال جو گورنر ۽ پوءِ فلپائين ۽ انڊونيشيا جو سفارتڪار پڻ رهيو. هن
Pathway to Pakistan نالي شاندار
ڪتاب لکيو هيو. چوڌري صاحب عمر جي آخري حصي ۾ سياست کي خيرآباد چئي ڪراچي ۾ پرسڪون
زندگي گذارڻ لڳو هيو جتي ڪافي عرصو بيمار رهڻ ۽ ڪئي هفتا ڪوما ۾ رهڻ کان پوءِ ۱۸ مئي ۱۹۷۳ع تي وفات ڪري ويو ۽ کيس ميوه
شاهه قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
پاڪستان جو معروف سائنسدان، پاڪستان
اڪيڊمي آف سائنسز جو باني، پاڪستان ڪونسل آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جو چيئرمن ڊاڪٽر
سليم الزمان صديقي چوڌري خليق الزمان جو ننڍو ڀاءُ هيو جيڪو نه رڳو آئنسٽائن جو
شاگرد هيو پر کيس پاڪستان ۾ سائنسي تعليم، ٽيڪنالوجي ۽ کوج جو بابو آدم ڪري سڏيو وڃي
ٿو.
توڙي جو چوڌري خليق الزمان لاڙڪاڻو
واري ان حويلي ۾گهڻو عرصو ڪونه رهيو پر هو اڪثر هتي ايندو رهندو هيو ۽ هي عمارت
سندس دوستن، دانشورن ۽ سياسي شخصيتن جي ميزباني ڪندي رهندي هئي. هڪ ڀيرو سندس دعوت
تي سردارعبدالرب نشتر جڏهن لاهوري محلي جي ننڍي ننڍي وروڪڙدار گهٽين مان گهمندي
عمارت ۾ داخل ٿيو ته ان جو خوبصورت نقشو ۽ هنرمندي ڏسي حيران ٿيندي چيائينس ته؛
”چوڌري صاحب توهان جي حويلي ته گودڙي ۾ لال جهڙو مثال آهي“.
خليق الزمان ٻه شاديون ڪيون
هيون، سندس هڪ گهرواري هن حويلي ۾ رهندي هئي سا اتي ئي وفات ڪري وئي هئي ۽ سندس
تدفين به لاڙڪاڻو ۾ ٿي هئي جڏهن ته زاهده بيگم نالي ٻين گهرواري ڪراچي ۾ رهندي
هئي. کيس جلال زمان، زمان الزمان، عتيق الزمان، رفيق الزمان وغيره نالي پنج پٽن ۽
چار نياڻين جي اولاد هئي. سندس هڪ گهرواري، هڪ ڌيءُ ۽ عتيق الزمان ۽ رفيق الزمان
نالي ٻه پٽ پنهنجي ٻارڙن سان لاڙڪاڻو واري هن حويلي ۾ رهندا هيا جڏهن ته سندس ٻيون
اولادون ڪراچي ۾ رهنديون هيون.
چوڌري خليق الزمان جو پٽ عتيق
الزمان هڪ ڪاروباري ماڻهو هيو جڏهن ته سندس گهرواري سڪينه جو سياسي ۽ سماجي ڪردار
لاڙڪاڻو ۾ عورتن جي حقن ۽ لوڪل سياست ۾ گهڻو متحرڪ هوندو هيو. هوءَ بيشمار خانگي،
ادبي ۽ سماجي ادارن، انجمنن ۽ تنظيمن جي روح روان هوندي هئي. سندن قابل پٽ رفيع
الزمان به ملڪ جو هڪ معروف بيوروڪريٽ ۽ سفارتڪار رهيو آهي جڏهن ته سندس ڌيءُ جو
نالو بيگم انور رياست حسين هيو.
ست سو گزن تي پکڙيل سرن جي
بهترين ۽ خوبصورت استعمال ۽ وشال ڍانچي جيان ڏيک ڏيندڙ هي عمارت ٽن ماڙن ۽ ٻن حصن
۾ تقسيم ٿيل آهي جنهن جي ڇتن ۾ ٽيئرن ۽ گيڊرن جو استعمال ٿيل آهي. عمارت جي اڏاوت
۾ سرن جي مختلف ڊيزائنن، ترتيبن ۽ سينگار جون خوبصورت ترڪيبون رکيون ويون آهن. هن
عمارت جا ٻه مرڪزي دروازا هوندا هيا جن مان هڪ چمن نالي گهر جي پارڪ طرف ۽ گاڏين
جي پارڪنگ طرف کلندو هيو جڏهن ته مرڪزي عمارت جو داخلي دروازو ٿلهي ڀت سان سلهاڙيل
اوڀر واري گهٽي ۾ کلندو آهي. هن عمارت جي ٽنهي ماڙن جي اڏاوت ۾ تمام گهڻي ڪاريگري،
نفاست ۽ خوبصورتي سان سرن جون تعميرات رکيون ويون آهن جن تي عمارت جي ٻاهران چوڌاري
سرن تي ڪات درز ڪئي وئي آهي جو عمارت جي ٻاهران ڪٿي به پلستر ٿيل ڪونه ٿو ملي
البته اندر سموري گهر جي ڪمرن ۾ پلستر ۽ ان جي مٿان سفيد رنگ ٿيل ملي ٿو.
هن عمارت جي اتر ۽ اوڀر ۾ گهٽيون
آهن جڏهن ته هن جي گرائونڊ فلور تي هڪ اونچي ڇت وارو ويڪرو ۽ وڏو ڪمرو آهي جنهن کي
لونگ روم طور استعمال ڪيو ويندو هيو جنهن ۾ اڇي ۽ ڪاري ٽائل لڳل آهي. لاڙڪاڻو شهر
جو ڳاڻيٽو سنڌ جي ڪجهه گرم ترين شهرن ۾ ٿيندو آهي ان لاءِ هي عمارت جوڙيندڙن ان
جون ڇتون مٿي رکيون آهن ۽ ڪجهه چمنيون پڻ لڳل آهن جن مان سردي ۾ ٻاريل باهه جو
دوهون مٿي ڇت مان وڃي نڪرندو هيو. حويلي جي مرڪزي آڳر جو فرش سنهي سرن جو جوڙيل
آهي جيڪي هڪ خاص ترڪيبن سان سونهن پيدا ڪري هڪ ٻئي کي پار ڪن ٿيون جڏهن ته اڳواڙي
۾ لڳل فرش جون سرون وڏيون ۽ ويڪريون آهن. هتان کاٻي طرف ڪاٺڪي المارين سان
سينگاريل کاڌي کائڻ جو ڪمرو آهي جيڪو عمارت جي اولاهين پاسي موجود رنڌڻي ۾ کلي ٿو
ته جيئين اتان پچايل کاڌو سولائي سان ڪمري ۾ آڻي سگهجي. هيٺيان سمورا ڪمرا ڏکڻ طرف
موجود آڳر ۾ کلن ٿا جتي ست خوبصورت هوادار محرابون ٺهيل آهن جن جي ٽنهي طرف يعني ڏکڻ،
اوڀر ۽ اولهه واري کليل حصي کي حويلي سان جوڙين ٿيون.
حويلي جي ڪمرن جي سامهون واقع
محرابن وارو حصو بمشڪل پنج ڇهه کان سٺ ستر فٽ هوندو جنهن جو فرش پراڻي دور جي ڇهه ڪنڊي
سرن سان سينگاريل آهي ۽ هڪ ڏيڍ سو سال پهريون چڱا چوکا ماڻهو وڏي ذوق شوق سان
پنهنجي گهرن ۾ اهڙا فرش جوڙائيندا هيا. ان حصي ۾ لوهه جا محرابي دروازا اولهه ۽ اوڀر
۾ کلن ٿا جن جي مٿان لوهه جي هڪ خوبصورت ڄاري پڻ لڳل آهي. محرابن جي هڪ پاسي کان
شروع ٿيندڙ گلن واري ٽائيل جي سنهي لڙهه گهر جي ٻين طرفن تائين هلي وڃي ٿي. ان ٽائيل
۾ ڏيکاريل هڪ ناسي رنگ جي پلاسٽڪ جي ٽوڪري ۾ ميوا ۽ گل پن رکيل آهن جڏهن ته ٽائيل
جو فرش اڇو آهي. هي ٽائيل ٻين منزل تي به اهڙي صورت ۾ ٻاهران ٻاهران ڇڪيل آهي. حويلي
جي اوڀارين ڀت سان ڪنهن دور ۾ ملازمن جي رهڻ جا ڪمرا هوندا هيا جن کي موجوده مالڪن
ڊهرائي اتي پکين جا ڪٽهڙا ٺهرائي ڇڏيا آهن.
حويلي جي گرائونڊ فلور جي هر ڪمري
جي ٻاهر گيلري ۾ گلن جهڙو ڏيک ڏيندڙ هڪ ڊيزائن ٺهيل آهي جنهن مان شيلف جو ڪم ورتو
ويندو هيو جو ان تي ڪمري جون چاٻيون، بتيون، دوائون يا وري روز مره جو شيون رکيون
وينديون هيون. آڳر طرف هڪ وڏو اڳواڙو آهي ۽ گهر جي مرڪزي دروازي جي ويجهو هڪ ٻيو
ننڍوڪمرو پڻ آهي جنهن کي شايد آفيس طور ڪم ڪار ۾ ڪتب آڻيو ويندو هيو. ان جي اوڀر
پاسي پراڻي طرز جي هڪ پاڻي واري نڪلي سان گڏ غسل خانو پڻ آهي.
پهرين ماڙ تي ٻه وڏا وڏا ڪمرا
آهن ۽ هڪ غسل خانو پڻ آهي. اهي ڪمرا پڻ آڳر ۾ کلن ٿا جنهن جي اڀرندي طرف ڪاٺ جي
خوبصورت بالڪوني آهي جنهن جي مٿان ٽين ماڙ تي لوهه جي هڪ بالڪوني ٺهيل آهي. اهڙي
ريت ٻي منزل تي ڪمرن جي سامهون ڏکڻ طرف لوهه جي ٺهيل شاندار ڄاري آهي جنهن تي
انگريزي زبان جو ايم ٺهيل آهي. ٽين ماڙ تي لوهه جون ٻه بالڪونيون جوڙيل آهن. هتي
مستطيل محرابن سان کليل حصا پڻ آهن جن جي هيٺان ايندڙ دونهين جون چمنيون اچي کلن ٿيون.
حويلي جي ڪاٺ جا ٺهيل دروازا ۽
دريون ساگوان جي قيمتي ڪاٺي مان تيار ٿيل آهن جنهن کي دنيا ڀر ۾ عمارت سازي متعلق
بهترين سمجهيو ويندو آهي ۽ ان ڪاٺ کي مشرق توڙي مغرب ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺوويندو
آهي جنهن مان ٺاهيل فرنيچر، دروازا، فرش، خاص طور تي ٻيڙيون ۽ پاڻي جا جهاز وغيره
تيار ڪيا ويندا آهن جو ساگوان جي ڪاٺ کي پاڻي، اُس، اڏوهي وغيره ڪيترن هزار سالن
تائين ڪو به نقصان ڏئي ڪونه سگهندا آهن. هن عمارت جي پهرين منزل جي داخلي دروازي
تي نهايت عمدي لوهه جي سيخن جو سهڻو دروازو لڳل آهي. گهر جي وڏي آڳر ۾ ڪنهن دور ۾
هڪ خوبصورت باغيچو پڻ هوندو هيو جنهن کي گهر واسي ”چمن“ چوندا هياپر هاڻي ان اجڙيل
چمن جو تباهيل سينگار پنهنجي اهنجن تي ماتم ڪندي نظر اچي ٿو.
هن وقت لاهوري محلو لاڙڪاڻو جي ڳتيل
آبادي جي سوڙهي گهٽين ۾ واقع هي حويلي ڪنهن دور ۾ ممڪن آهي ته ٻنهي طرفان سوارين
لاءِ مناسب رستي ذريعي ڳنڍيل هجي پر اڄ ڪلهه آبادي جي وڌڻ جي باوجود پنهنجي اتر
پاسي ڏانهن گاڏين وارو رستو موجود آهي. اها حويلي چوڌري خليق الزمان جي پٽ عتيق
الزمان جي نالي سان منسوب آهي جيڪو لاڙڪاڻو جي معروف ۽ معتبر زميندار ۽ تولاڻي
بنگلو جي مالڪ احمد فاروقي جو پڦاٽ هيو جيڪو پنهنجي عزيزن جي ڪراچي لڏي وڃڻ کان
پوءِ ان حويلي جي سار سنڀار لهندي ان کي شاندار حالت ۾ رکندو هيو جو ان عمارت ۾ به
سندس ننڍپڻ گذريو هيو تنهن ڪري ان سان کيس پيار ۽ انسيت هوندي هئي.
ڪراچي وڃڻ کان پوءِ جڏهن مالڪن
هن عمارت کي کپائڻ پئي چاهيو ته احمد فاروقي پنهنجي چاچي شاهد محمود فاروقي کي اها
عمارت خريد ڪرڻ تي راضي ڪيو جو کيس خدشو هيو ته ٻيا وٺندا ته اهو سهڻو تاريخي گهر ڊاهي
ناس ڪندا. شاهد صاحب اها حويلي خريد ڪئي پر ڪافي سالن کان پوءِ جڏهن هو به پوڙهو ٿي
ويو ۽ هي حويلي به سندس ڪم جي نه رهي ته پراڻي مالڪن ڪنهن سببان کائنس ٻيهر خريد ڪئي
پر هتي ايندا ويندا گهٽ هيا ۽ پوءِ به انهن جي غيرموجودگي ۾ احمد فاروقي عمارت جي
صفائي سٿرائي ڪرائيندو رهندو هيو.
ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي پياري
عالم ابراهيم سان ڪچهري ٿي ته عتيق الزمان منزل جي ذڪر تي ٻڌايو ته ”ڏهه پندرنهن
سال اڳ اسان ان عمارت ۾ جام ويندا رهندا هياسين جو اتي هڪ فقير رهندو هيو جنهن سان
منهنجي سنگت هوندي هئي“. شايد اهو ئي دور هيو جو مالڪن اها عمارت نوڪرن چاڪرن جي
حوالي ڪري ڇڏي هئي ۽ ان حويلي جي تاريخي، تهذيبي، سماجي ۽ شهري حيثيت ۽ اهميت کان
بيخبر ملازمن جي لاپرواهي، بيگانگي ۽ غيرذميداري سبب هن حسين ساحره جو رنگ روپ،
حسن جمال، سينگار، ڏيک ويک، فن ۽ هنرمنديون آهستي آهستي اجڙنديون ويون ۽ تڏهن کان
هي خوبصورت عمارت الله سائين حوالي آهي.
هن حويلي جي مظبوط اڏاوت ۽ جمالياتي
خوبصورتي جو هن وقت به اهڙو جلوو آهي جو ڏسڻ وارن جي نيڻن کي ٺاري دل باغ باغ ڪيو
وجهي. ڳالهه ته قدرداني ۽ پنهنجائپ جي آهي ۽ هن وقت به جيڪڏهن هن عمارت کي ڪو
قدردان مالڪ ملي وڃي جيڪو رڳو ان تي ڪجهه هزار روپيا خرچ ڪري رڳو صفائي سٿرائي ڪري
پنهنجي اصلي رنگ روپ ۾ آڻي ته مون کي يقين آهي ته هو ٿڌو ساهه کڻندي اهو ضرور
چوندو ته ”مون اهڙي شاندار ۽ حسين عمارت ٻئي ڪنهن هنڌ ڪونه ڏٺي هوندي“.
تاريخون رڳو ڪتابن ۾ ڪونه هونديون آهن پر قديم عمارتن، قديم جديد آثارن، ڪتبن، رزميه داستانن ۾ به اوتيل هونديون آهن. تاريخ ۽ آثارِ قديمه جي تمام کاتن جي لاوارثي ۽ انتظامي بدعنوانين سبب اسان جي سنڌ جو شاندار قديمي ورثو، مخلتف هنرمنديون ۽ دستڪاريون جيڪي اهڙي عمارتن جي حسناڪين ۾ ساهه کڻن ٿيون اهي آهستي آهستي سڪرات جي عالم ۾ مري رهيون آهن پراسان توهان سڀ ڏوهاري خاموشيون اوڙهي چپ آهيون ۽ اها ”چپ“ اسان سمجهون ۽ ڏسون ٿا ته اسان تي ڀاري پئجي رهي آهي پر پوءِ به اهو ثابت ڪندي ته اسان پنهنجي تاريخي، تهذيبي، شهري توڙي سماجي ۽ شخصي حوالي سان ”مئل قوم آهيون“ ان لاءِ چپ آهيون.
(پندرھ روزه افيئر ڪراچيءَ ۾ ڇپيل)
لکنئو کان لاڙڪاڻي
تائين...
سنڌين جو فن تعمير...
رفيع الزمان
صديقي
(هيءَ تحرير علي مردان راهوجي
صاحب کي سندس پراڻي دوست رفيع زمان صديقي لکي موڪلي هئي، جيڪو سال ڏيڍ اڳ پاڪستان
جي سفير جي پوزيشن تان رٽائرڊ ٿيو آهي.
پاڻ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ اتي ئي وڏو
ٿيو. پاڻ ٺيٺ سنڌي ڳالهائيندو آهي ۽ سنڌي ۾ لکي پڙهي به ويندو آهي..ويجهڙائي ۾
راهوجي صاحب جي هن سان ملاقات ٿي ۽ هن سان
سنڌويزن جو تعارف ڪرايو ۽ مختلف سرگرمين جو ذڪر ڪيو. هن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ واعدو ڪيائين
ته هو پنهنجا تجربا اسان سان ونڊ ڪندو رهندو..
هن تحرير ۾ اها خبر نٿي پوي ته
هن عمارت جو هندو مالڪ ڪهڙو سيٺ هو. يا ڄاڻي واڻي ڪن لآٽار ڪيل آهي. اميد ته
راهوجو صاحب معلومات ڪري واڌارو ڪندو.
سندس ڏاڏو چوڌري خليق الزمان پڪو
مسلم ليگي ۽ ايوبي آمريت کي طاقت بخشڻ وارو، ۽ سندس ڏاڏي جو ڀاءُ سليم الزمان صديقي سائنسدان، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري جو پروفيسر رهيو..
ايوب خان جي زماني ۾ خليق
الزمان جي گهرواري بيگم زاهده خليق الزمان مغربي پاڪستان صوبي جي وزير صحت پڻ رهي.
(ڊاڪٽر محمد علي محمدي))
جناح صاحب سان معمولي تڪرار کان
پوءِ منھنجو ڏاڏو چوڌري خليق الزمان سن ۱۹۴۷ع ۾ جڏھن لکنئو مان لڏي اچي ڪراچي ويٺو
تہ ھن جي خواھش ھُئي تہ ھو سياسي جھڳڙن پنھنجي پاڻ کي پري رکي. انھن ڏينھن ۾ سنڌ
جي ھڪ طاقتور شخصيت ايوب کوڙو صاحب منھنجي ڏاڏي کي لاڙڪاڻي وٺي آيو. اتي ھن منھنجي
ڏاڏي لاءِ ڪجھ گھر تيار ڪرايا ھُيا تہ جئين منھنجو ڏاڏو سياسي وڳوڙ کان پري رھي
پنھنجا ڏينھن گوشہ نشيني ۾ گذاري سگھي.
اھي گھر سنڌي ھندو ڇڏي ويا
ھُيا، ڏاڏي کي انھن مان ھڪ حويلي تمام گھڻي پسند آئي ۽ پاڻ ان ۾ رھڻ لڳو.
۷۰۰ چورس گز تي پکڙيل اھا حويلي
ٻن حصن ۾ وراھيل آھي. مرڪزي عمارت ۾ ٽي منزلون آھن. ھيٺين منزل تي ديوان خانو آھي
جنھنجو فرش سياھ ۽ سفيد ٽائلن سان جڙيل آھي، جنھن ۾ ڪاٺ جا ڪٻٽ پيل آھن. سخت گرمين
۾ ڪمري کي ٿڌو رکڻ ۽ سردين ۾ گرم رکڻ لاءَ ڪمري جي ڇت تمام گھڻي اوچي ٺاھي وئي
آھي. ھوا ۽ روشني لاءِ روشندان بہ موجود آھن. ديوان خانو جنھنکي عام طور سان 'ڊرائنگ
روم' چئجي ٿو ان ۾ آتش دان بہ جڙيل آھي ۽ لاڙڪاڻي جي سخت سردي کان بچڻ لاءِ ان کي
باقاعدگي سان ڪتب آندو ويندو ھو. آتش دان جي مٿان آرائشي تختو پڻ ٺھيل آھي.
ان جي ڀر ۾ ئي طعام خانو بہ
آھي، جنھن ۾ ڪاٺ جا ڪٻٽ پيل آھن. کاڌي کي سڌو طعام خاني تائين پھچائڻ لاءِ طعام
خاني کي ھڪ دروازي وسيلي بورچي خاني سان ڳنڍيو ويو آھي. ساڄي پاسي خوابگاھ آھي.
عمارت جي اڳيان ھڪ پيچدار ويرانڊو
آھي ۽ يڪسانيت کي ختم ڪرڻ لاءِ ان جي محرابن کي گل ٻوٽن سان سجايو ويو آھي.
ويرانڊي جي سامھون ھڪ تمام وڏو
اڱڻ آھي ۽ گھر جي داخلي دروازي جي ڀر ۾ ھڪڙو ننڍڙو ڪمرو آھي جنھنکي 'آفس' چيو وڃي ٿو.
اڱڻ تي ئي غسل خانو ۽ بيت الخلا پڻ جڙيل آھن ۽ انھن لاءِ پراڻي طرز وارو ھٿ جو نڪلو
پڻ لڳل آھي. ٻي منزل تي ٻہ خوابگاھون ۽ ھڪ غسل خانو آھي. ھي ٻئي ڪمرا بہ ساڳي طرح
پيچدار ويرانڊي ۾ کلن ٿا. انھن جي ھڪ پاسي ڪاٺ جون ۽ ٻي پاسي لوھ جون بالڪونيون جڙيل
آھن ۽ لوھ جي بالڪونين تي اوم لکيل آھي.
ٽيئن منزل پوري طرح کليل آھي ۽
گرمين جي موسم ۾ اسان ان کي رات جو سمھڻ لاءِ ڪتب آڻيدا ھياسين. ننڍي وھي ۾ اسان
آسمان جا تارا ڏسندي ۽ حويلي کان ڪجھ فرلانگ جي فاصلي تي موجود رائس ڪينال جي وھندڙ
پاڻي جي سريلي آواز ٻڌندي ننڊ جي آغوش ۾ ھليا ويندا ھياسين. رات جي پھر ۾ لاڙڪاڻي
جي اسٽيشن تي بولان ميل جي ڇُڪ ڇُڪ ۽ شادين جا ڳيچ ڳائيندڙ عورتن جا آواز بہ اڪثر
اسان جي ڪنن تي پوندا ھيا. گھر جو اُھو حصو جنھن کي تمازالا چيو ويندو ھو، اُھو ٻن
خوبصورت لوھي بالڪونين سان سينگاريل ھوندو ھو. تمازالا ۾ ھڪ کليل حصو ھوندو ھو
جنھن ۾ مستطيل محراب جڙيل ھيا ۽ ان جي وچ مان ھڪ چمني بہ نڪتل ھئي. اھا چمني ھيٺين
منزل جي ديوان خاني مان نڪري وڃي مٿي چوٿين منزل جي ڇت تي نڪرندي ھُئي، جنھن تائين
رسائي ڏنل نہ ھئي.
مرڪزي عمارت کان علاوہ گھر ۾ ھڪ
ٻيو بہ تمام وڏو اڱڻ ھوندو ھو، منھنجي والدين جو چوڻ آھي تہ اتي ھڪ خوبصورت باغيچو
ھوندو ھو جنھن کي چمن چيو ويندو ھو. زمين ۽ مٽي جي مسئلن جي ڪري ھاڻي ان ۾ اھا ساوڪ
ڪانھي رھي جيڪا سن 1950 جي شروعات ۾ ھوندي ھئي پر اڄ ڏينھن تائين ان کي چمن جي
نالي سان ئي سڏيو وڃي ٿو. چمن ۾ پنج سرونٽ ڪواٽر ھوندا ھيا.
حويلي ۾ ٻہ مرڪزي داخلي دروازا
ھيا. جن مان ھڪ چمن واري پاسي ھوندو ھو جتان ڪارون داخل ٿينديون ھُيون. مرڪزي
عمارت جو داخلي دروازو ٽن ٿلهين ڀتن جي وچ ۾ ھوندو ھو ۽ ان تي تمام وڏا در چڙھيل
ھوندا ھيا. اھو داخلي دروازو ھڪ سوڙھي گھٽي ۾ کلندو ھو ۽ اتان چار ڏاڪا ھيٺ لھي
اندر اچڻو پوندو ھو.
جئين توھان تصويرن ۾ ڏسي سگھو ٿا،
عمارت گھڻي ڀاڱي سرن جي ٺھيل ھئي. جنھن کي ان طرح سان ڊسٽمبر جي ضرورت نہ پوندي
ھئي جھڙي طرح اندرين پاسي ھر سال ٻي ضرورت پوندي رھي ٿي. اڱڻ جو فرش سوڙھين سرن
سان ٺھيل ھو جن کي ھڪ مخصوص طرز سان پاڻ ۾ ڳنڍيو ويو ھو، جڏھن تہ ويرانڊي ۽ ڪمرن
جو فرش ويڪرين سرن سان جڙيل ھو.
حويلي جا در ۽ دريون ساڳوان جي ڪاٺ
۽ سڌين لوھي سيخن سان ٺھيل آھن. پھرين منزل جو داخلي دروازو لوھ جو آھي. ھي دروازو
لوھ جو ھُجڻ جي باوجود بہ تمام بھترين معيار جو خوبصورت دروازو آھي ۽ ھي ان طرح جو
ڪونھي جيڪي اسين اڄڪلھ ڏسون ٿا.
ھن حويلي کي پاڪستان جي ڪيترن
ئي ناميارن دانشورن ۽ سياستدانن کي ميزباني جو شرف بہ حاصل رھيو آھي.
پنجاہ واري ڏھاڪي جي شروعات ۾
حويلي ۾ موٽرن يا ڪارن جي داخلي جو گس نہ ھوندو ھو. ھي شايد شھر جي آخري عمارت
ھُئي. ھتي ھڪ وَروَڪڙ واري گھٽي مان لنگھي اچڻو پوندو ھو.
ھڪ ڀيري جڏھن منھنجي ڏاڏي (جڏھن
ھو مشرقي بنگال جو گورنر ھو) سردار عبدالرب نشتر کي رات جي ماني جي دعوت ڏني ۽
نشتر صاحب جڏھن سوڙھين گھٽين مان گذري اچي حويلي ۾ پھتو تہ ھو حويلي جي شان ڏسي
حيران رھجي ويو. منھنجي ڏاڏي کي چيائين؛ '
چوہدری صاحب یہ تو گدڑی میں لعل ہے'
منھنجو ڏاڏو گھڻو عرصو لاڙڪاڻي
۾ نہ رھيو ۽ ڪراچي ھليو ويو ھو، ڇاڪاڻ جو جناح صاحب کيس پاڪستان مسلم ليگ جي صدارت
سنڀالي لاءِ چيو ھو.
منھنجي والدہ محترمہ سڪينہ عتيق
الزمان اڃا ٽيھن ورھين جي نہ ٿي ھوندي جو ھن لاڙڪاڻي جي انيڪ سياسي، سماجي ۽
انساني ڀلائي جي سرگرمين ۾ بھرو وٺڻ شروع ڪري ڏنوھو. اھڙي ريت ھو لاڙڪاڻي جي ھڪ
معروف خاتون بڻجي وئي. اھڙي قسم جي سرگرمين جي اھميت ان ڪري بہ ھُئي جو ان دور ۾
مسلمانن جو ھڪ وڏو انگ يوپي مان اچي لاڙڪاڻي ۾ مستقل آباد ٿي رھيو ھو.
مقامي ۽ لڏپڏاڻ ڪري آيل ضرورت
مندن جي مدد لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي ڪري منھنجي والدہ جو مقامي سياست ۾ تمام اھم ڪردار ٿي
پيو ھو.
ان دور ۾ حويلي والدہ محترمہ جي
سرگرمين جو مرڪز بڻيل ھئي ۽ اھڙي ريت حويلي کي 'بيگم عتيق جو بنگلو' ڪري بہ ڪوٺيو
ويندو ھو.
ھن حويلي پنھنجي ڀاتين جي
زندگين جا ڪيترا ئي لاڙھا چاڙھا پڻ ڏٺا آھن. سياسي مشڪلات واري دور ۾ ھي ھڪ قلعو
ثابت ٿي آھي ۽ اسان جي نسل کي پيدا ٿيندو بہ ڏٺو اٿس. ھن وقت آئون ان جي چوگرد
موجود وڳوڙ جي وچ ۾ اڪيلو بيٺل آھيان.
منصوبہ بندي کان بغير لاڙڪاڻي
شھر ۾ ٿيندڙ شھري پکيڙ جا ھن حويلي تي ناڪاري اثر پئجي رھيا آھن. ان سڀ جي باوجود
اڄ بہ ھندو فنِ تعمير ۽ انجينئرنگ جو ھي نادر نمونو رائس ڪينال جي ڪنارن تي پنھنجي
شان سان ڳاٽ اوچو ڪري بيٺل آھي. ھن کي اڄ بہ انتظار آھي تہ ڀٽي ۽ کهڙي صاحب جو
سياسي طور سرگرم ھي شھر ھن کي پنھنجو صحيح مقام عطا ڪري.
سال ۱۹۵۲ع ۾ منھنجي ڏاڏي ھن
حويلي ۾ مسلم ليگ جي ليڊرشپ جي مان رات جي ماني جي دعوت رکي ھئي. ان دعوت ۾ جن
معروف شخصيات شرڪت ڪئي انھن ۾ ممتاز دولتانہ، مشتاق گورماني، سردار غظنفر علي خان،
ايوب کهڙو ۽ قاضي فضل الله وغيرہ شامل ھيا. مرڪزي عمارت جي اڱڻ ۾ دعوت جو انتظام
'فرشي' رکيو ويو ھو. منھنجي چاچي ٻڌايو تہ دعوت ۾ مھمانن جي سامھون خاص 'لکنوي'
طعام پيش ڪيا ويا جيڪي معزز مھمانن تمام گھڻي رغبت سان کاڌا.
ھيٺين منزل تي موجود اھي دروازا
۽ دريون جيڪي ويرانڊي ۾ کلندا ھيا انھن تي رنگين شيشا چڙھيل ھيا، جنھن جي ڪري ھيٺ ڪمرن
۾ ھڪڙو رنگين ۽ ٿڌي قسم جو ماحول پيدا ٿي پوندو ھو.
ھيٺين منزل تي موجود ويرانڊي ۾
خوبصورت حجرا بہ ھوندا ھيا. ھيٺين منزل تي موجود ويرانڊي جو ھڪ دروازو جيڪو ديوان
خاني ۾ کلندو ھو، ان جي ٻنھي پاسي ٻہ دريون لڳل ھونديون ھيون. انھن جو مقصد اھو
ھوندو ھو تہ حويلي جون عورتون بہ مرڪزي ديوان خاني ۾ ٿيندڙ محفلن جو لطف وٺي سگھن.
منھنجا والدين حويلي ۾ قوالي جو اهتمام باقاعدگي سان ڪرائيندا ھيا. عورتون ھيٺين
منزل تي موجود ان مرڪزي دروازي ۽ درين وسيلي انھن محفلن جو ڀرپور لطف وٺنديون
ھيون.
لوڻياٺي زمين جي ڪري اندورن سنڌ
۾ موجود پڪن گھرن جي ڀتن تان رنگ لھي ويندو آھي، پر حويلي جي ڀتين تان رنگ نٿو
لھي. اسان جي ھڪ پراڻي نوڪر مطابق ان جو سبب اھو آھي جو حويلي جو مالڪ جيڪو پاڻ ھڪ
انجنيئر ھو، ان عمارت کي ڪلر کان بچائڻ لاءِ ھن جي بنيادن ۾ ڪوئلو ۽ ماکي جا ڊرم
وجھرايا ھُيا.
شڪر آھي جو اڄ ڏينھن تائين
حويلي کي اھو مسئلو ڪونھي ٿيو.
حويلي جي نگراني ۽ سارسنڀال جو
سمورو ڪم منھنجو ماسات احمد فاروقي انجام ڏيندو آھي، ھن کي پراڻين عمارتن سان تمام
گھڻو چاھ آھي. ھي پاڻ لاڙڪاڻي ۾ موجود ھڪ ٻي خوبصورت حويلي طولاني ھائوس ۾ رھائش
پزير آھي جيڪا ۱۹۳۰ع ۾ تعمير ڪئي وئي ھئي. اسان واري حويلي ان کان سال پھرين ٺھي
ھئي.
حويلي جو يگانو فنِ تعمير ھندو ۽ اسلامي خوبين جو ميلاپ آھي.
(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي ۲۴
اپريل ۲۰۲۰ع جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
عَتيق جو بنگلو، لاڙڪاڻو.
امتياز منگي
مان ننڍپڻ ۾ گرمي جي ڏهاڙن ۾، جڏهن
رات جو لاهوري محلي واري اباڻي گهر جي ڇت تي سمهڻ ويندو هيس ته اوڀر طرف چنڊ هيٺان
هڪ پراڻي حويلي ڪا پيرگي Perigee محسوس ٿيندي
هئي جيڪا چنڊ جي ساهيڙي هوندي هئي ۽ هر مهيني ساڻس ملڻ ايندي هئي. ان اوائلي واڻڪي،
اداس حويلي جو نالو عتيق جو بنگلو هو، جنهن ۾ هڪ ڪراڙي عورت رهندي هئي. مون کيس هڪ
ٻه دفعا سامهون ڏٺو هو. منهنجو چاچو هدايت الله سندن چوڪيدار هوندو هو. بنگلي جي
اولهه ۾ حويلي جو ٻيو حصو هوندو هو جتي گاڏين جي گئراج ۽ نوڪرن جا گهر هئا. ٽه ماڙ حويلي جي اڱڻ واري
حصي جو دروازو سنهي گهٽي مان کلندو هو. حويلي جي اڱڻ آڏو هڪ وڏو هال هوندو هو.
ورانڊي جي ڇت اوچي هئي جيڪو ان دور جي اوساري مطابق گرمي ۾ گهر کي هوادار رکڻ لاءِ
هوندو هو. فرش تي ڪارا ۽ سفيد ٽائيل هوندا هئا جيڪي ڪنهن پراڻي فلم جي ڀوائتي سين
وانگر لڳندا هئا مالڪياڻي بنگلي جي مٿيڻ
حصي ۾ رهندي هئي. هن جو نالو ته سڪينا هو پر پاڙي وارا کيس بيگم عطيق الزمان ڪري سڏيندا
هئا. نهايت نفيس، شائسته ۽ خوبصورت عورت. لکنوءُ جي هي راڻي چوڌري خليق الزمان جي
وڏي پٽ عطيق الزمان جي گهرواري هئي. لکنئو جي اصلي نوابن جي خاندان جي هن مدبر
سياستدان جون ٻه شاديون هيون. APWA، ۽ مسلم ليگ کان سواءِ بيگم
عتيق لاڙڪاڻي جي ليڊيز ڪلب جي روح روان هئي. هن بعد ليڊيز ڪلب وري آباد ٿي نه
سگهي. هُن کي ادب سان گهرو لڳاءُ هو. ۱۹۶۶ع ۾ بزم ادب جي سربراه طور ڪم ڪيو. اولاد
جي اسرار تي پڇاڙي ۾ ڪراچي هلي وئي. بعد ۾ ٻڌڻ ۾ آيو ته مئڊم سڪينه عرف بيگم عتيق
الزمان ۱۹۸۸ع ۾ ڪراچي ۾ آخري پساه پورا ڪيا.
ڳالهه نڪتي آهي چوڌري خليق
الزمان جي ته هي ساڳيو چوڌري صاحب آهي جيڪو پاڪستان مسلم ليگ جو پهريون صدر هو ۽
مشرقي پاڪستان جو گورنر رهيو. شايد ڪنهن کي ڄاڻ نه هجي ته لياقت علي خان ۽ قائد
اعظم سان سخت اختلافن سبب هن ڪراچي ۾ رهڻ پسند نه ڪيو ۽ ايوب کهڙو هن کي لاڙڪاڻي
شهر وٺي آيو ۽ پنهنجي پاڙي ۾ هڪ حويلي ۾ ترسايو. اصل ۾ ورهاڱي سبب هندن سموريون ملڪيتون
هتي ئي ڇڏي ويا ۽ پاڻ سان ڪجهه ساڻ نه کنيو. لياقت علي خان جون کيس ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ
جون سڀ ڪوششون ناڪام ويون. علي ڳڙهه يونيورسٽي جو قانون جي ڊگري وارو اعليٰ خاندان
جو نوجوان پنهنجي ڪتاب ۾ سڀ سُور سليا آهن جنهن جو نالو هو Pathway to Pakistan.
مان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيس ته پاڙي ۾
سرگوشيون ٻڌيون ته مينا بازارون لڳرائڻ واري مائي لاڙڪاڻو ڇڏي ڪراچي هلي وئي.
لکنئو جا ماڻهو ته حد درجي جا مُهذب، ذوق وارا ۽ نازڪ هوندا آهن ان ڪري انهن بنگلي
کي ساڳي حالت ۾ ئي رکيو. بيگم عتيق جي وڃڻ بعد، ۷۰۰ گزن وارو هي ڪُشادو بنگلو در ٻيڪڙائي
سمهي رهيو، ڪهف جي غار جيان اڌ صدي گذري وئي پر هتي ڪوئي واپس نه آيو. جتي قوالي ،
محفلون، دعوتون ۽ ميڙا مچندا هئا اتي هاڻي مٽي ۽ ڪبوترن جا آکيرا گهر ڪري ويا.
حويلي هيبت جو نشان بڻجي وئي جتي ڪو به ناهي رهندو.
رفيع الزمان صديقي جيڪو چوڌري
خلیق الزمان جو پوٽو آهي تنهن يو ٽيوب
جي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هو ان ئي حويلي ۾ پئدا ٿيو. هو وزارت خارجہ Foreign Service ۾ هيو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جو سفير
رهي چڪو هو. هن هڪ يادگيري ٻڌائي ته هن ئي بنگلي ۾ ۱۹۵۲ع ۾ چوڌري صاحب هڪ شاندار دعوت
ڪئي جنهن ۾ ممتاز دولتانه، قاضي فضل الله، ايوب کهڙو، مشتاق گورماڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
حويلي جي اڱڻ ۾ فرشي نشست تي لکنئو جا طعام سجايا ويا.
لاڙڪاڻي جي هي پراسرار خوبصورت
حويلي هڪ بند گهر نه پر تاريخ جو کليل ڪتاب آهي. لاهوري محلي لاڙڪاڻو جي هيءَ
حويلي Colonial era جي آخري نشاني آهي.
(امتياز منگي جي ۳۱ آڪٽوبر ۲۰۲۵ع جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
No comments:
Post a Comment