لاڙڪاڻي ۾ قديمي اسڪول
جا ۱۰۰ سال
منير سومرو
لاڙڪاڻو شھر، تاريخ ۽ ثقافت، تھذيب ۽ تمدن ۾ قديم، روايات ۽ سيست جي لحاظ کان جديد شھر ھئڻ سبب لک لھي.
لاڙڪاڻو شهر جي مرڪزي
علائقي ۾ موجوده جناح باغ موجود آهي جيڪو ڪنهن دور ۾ نواب ولي محمد خان جي ملڪيت
هوندو هيو جنهن جي وفات کان پوءِ سندس ميت کي تابوت ۾ بند ڪري هن باغ جي هڪ حصي ۾
زميني سطح کان چند فٽ هيٺ عارضي تربت “تجر” ۾ رکي ان جي مٿان قبو ٺهيو ويو هيو. فارسي
زبان ۾ تجر جو مطلب “عارضي آرامگاهه” ورتو ويندو آهي ان لاءِ هن عمارت ۽ باغ تي
بعد ازان اهو ئي نالو پئجي ويو.