Tuesday, November 4, 2014

لائبريري گهر جو روح ٿئي ٿي - اشتياق انصاري

لائبريري گهر جو روح ٿئي ٿي
اشتياق انصاري
ڪئمبرج ۾ رهڻ دوران، اڪثر ڪري موڪلن وارن ڏينهن ۾، سفري ٿيلهو پٺاڙن تي ٻڌي، انگلينڊ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ماڳ ڏانهن منهن ڪبو هو. ائين ويلز جي مختلف واهڻن ۽ وستين جي، پهاڙي ۽ ساحلي تفريحي ماڳن، لائبريرين ۽ ميوزمن ۾ جهاتيون پائيندو اچي ويلز جي راڄڌاني ڪارڊف جو ڪڙو کڙڪايو. سائي چادر پاتل ڪارڊف قلعي ۾ سياحن جي ميلي ۾ ڪجهه گهڙيون گهارڻ بعد، منهنجا قدم ڪارڊف يونيورسٽي جي ڪلها گس شاگردن جي وچ مان، رستو ٺاهيندا اچي ان جي لائبريري ۾ داخل ٿيا. اتي ڪتاب اٿلائڻ پٿلائڻ دوران اتان جي لائبريرين هڪ واهه جو جملو چيو ته، ”يونيورسٽي ته رڳو بي جان عمارتن جو ميڙ آهي، جيڪي هن جاندار لائبريري جي چوڦير بيٺيون آهن.“ هونئن به رومن ڏاهي سسرو جو چوڻ آهي ته، ”ڪنهن به گهر ۾ لائبريري ڄڻ ان گهر جو روح هوندي آهي.“ اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن اڳ مون جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال، ليفٽينٽ ڪرنل افتخار حسين سان گڏ سندس ڪاليج جي لائبريري ۾، پير پاتو ته حيران ٿي ويس. ڪيڊٽ ڪاليج جي شاندار عمارتن جي ڀرسان قائم هي ڊاڪٽر اين اي بلوچ لائبريري واقعي هن اداري جو روح لڳي رهي هئي. چانورن ۽ زيتونن جي سڳنڌ واري هن ديس ۾، ڪاليج جو هي ڪتب خانو چاليهه هزار ڪتابن سان واسيل هو.

Sunday, November 2, 2014

جيڪو شخص بچي ويو اهو ماما صالح هو - مشتاق انصاري

جيڪو شخص بچي ويو اهو ماما صالح هو
مشتاق انصاري
ڪنهن زماني ۾، اسان لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي ۾، ملان جي مُڏيءَ ڀرسان واري مسواڙي جاءِ ۾ رهندا هياسين. انهن ڏينهن ۾ گهرن ۾ اڃا گئس نه آئي هئي. رڌ چاءُ ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي ٿيندو هو. ڪاٺين جي، مڏي اسان جي گهر جي ويجهو هجڻ جي ڪري اسانکي وڏي سهولت ٿي پئي هئي.
ان کان اڳ ۾ اسان جن ٻين مسواڙي جاين ۾ رهي آيا هياسين اتي اسان کي ڪافي پنڌ تان پنهنجي ڪلهن تي ڪاٺيون کڻي اچڻيون پونديون هيون هي پاڙو هر لحاظ کان سٺو هو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هتي اها هئي ته هن پاڙي ۾ سڪون ڏاڍو هو. هتان جا ماڻهو رڳو پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارا هئا، ڪنهن به ٻئي ڪم ۾ ڪا دخل اندازي نه ڪندا هيا. تنهنڪري اسان اتي ڪو جهيڙو جهڳڙو يا فتنو فساد ٿيندي ڪو نه ڏٺو. پر ڪجهه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ اتي هڪڙي اهڙي ڳالهه ٿي پئي جنهن اسانکي ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو.

Sunday, October 5, 2014

موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ تحفظ جا معاملا - الطاف پيرزادو

موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ تحفظ جا معاملا
الطاف پيرزادو
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پنجٽيهه سال اڳ يعني ۱۹۱۲ع ۾ موهن جو دڙو دريافت ٿيو. آرڪيالاجي سروي آف انڊيا جي هڪ آفيسر ۽ قديم آثارن جي ماهر ڀنڊارڪر هِي آثار دريافت ڪيا، اڳتي هلي قديم آثارن جي مغربي ماهر سر جان مارشل جي نگراني ۾ هنن آثارن جي کوٽائي ٿي، جنهن کانپوءِ پتو پيو ته، سنڌ سڀيتا جي عظيم تهذيب (انڊس سولائيزيشن) پنج هزار سالن کان به وڌيڪ قديم آهي. هنن آثارن مان هٿ آيل جديد طرزِ تعمير، ماڊرن نيڪال جو نظام، سوئمنگ پول، پوش رهائشي ۽ ڪمرشل علائقي، ڪنگ پريسيٽ جو مجسمو ۽ ناچڻيءَ جي مورتيءَ سان دنيا تي واضح ٿيو ته، دنيا ايتريقدر جو مغرب جا ماڻهو به اڃا جڏهن غارن ۾ زندگي گُذاريندا هئا، جن جي رهائش، کائڻ پيئڻ ۽ لَٽي ڪپڙي پائڻ جو ڪو مهذب طريقو اپنايل نه هو. سنڌ جي ماڻهن وٽ تڏهن به يعني پنج هزار سال قبل مسيح اڄ جي ڪراچيءَ جهڙو بلڪه ان کان به وڌيڪ مُهذب ۽ پرامن ميٽرو پوليٽن شهر موجود هو ۽ مهذب زندگي گذاريندا هئا. هِي آثار سنڌ واسين لاءِ جتي باعثِ فخر آهن، اتي باعثِ تشويش پڻ.