مُهين جي دڙي جو عالمي
ورثي مان نڪرڻ جو خطرو؟
زرار پيرزادو
¨ هونئن ته چؤماسي
جي موجوده برساتن ۽ ٻوڏ وگهي سڄي سنڌ ٻڏل آهي، آفت جوڳي حالت ۾ آهي، جيئرا ماڻهو،
آباد ڳوٺ شهر ۽ گهر، ڳوٺن، شهرن ۽ گهرن سان سلهاڙيل جذباتي وابستگيون، ساروڻيون سڀ
لڙهي چڪيون آهن اتي حڪومت يا عام ماڻهن کي سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ قديمي آثارن جي
تباهي جو ڀلا ڪهڙو ۽ ڪيترو اونو هوندو!