ڪافي روپ جھنگلو
لاڙڪاڻو، ساھ سيباڻو،
معشوقن مڪان آه،
عاشقن عشاقن جي، بره جو بستان آه.
کليون بزاريون، حسن
واريون، بندر بي بيان آه،
محب موچارا وتن
سينگاريا، شاھي جن جو شان آه.
اھڙو شھر، بره بحر،
ڪاٿي ڪو نه عيان آه،
صورت سيرت ھلڻ چلڻ،
صفت ۾ سلطان آه.
باغ بھاري، چمن چؤڌاري،
گلن جو گلستان آه،
عندليبن عاشقن لئي،
نينھن جو نيشان آه.
امير بخش ساري، جوڙ
جباري، صفت ڪر سبحان آه،
کل نفس ذآئقة الموت، ايئن فرمايو فرقان آه.
(عبدالحسين موسوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
Post a Comment