لاڙڪاڻي جي سياست مان
موروثيت جي پڄاڻي؟
جهاتيون منجھ جهان
حافظ سڪندر تنيو
لاڙڪاڻو گذريل هڪ
صدي کان سياست جي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت رکندڙ شهر رهيو آهي. هتي جي وڏن خاندانن ۾ ڀٽو
خاندان ۽ کهڙو خاندان نمايان سياسي ڪردار رهيا آهن. ڀٽي خاندان جو جد امجد (وڏو)
دودي خان جي نالي سان هيو. هي خاندان انگريزن جو خير خواهه ٿي رهيو. انگريز پنهنجي
خير خواهي ڪرڻ وارن کي ڪڏهن نه وساريندو هيو. هو وڏو چالاڪ حاڪم هيو. هن ماڻهن کي
پنهنجو ڪرڻ لاءِ نوان لقب، جاگيرون ۽ درٻار
۾ ڪرسين رکرائڻ جي روايت وڌي. ننڍو لقب خان، خانصاحب، خانبهادر کان مٿي چڙهندو سر
صاحب کي رسندو هيو. ڀٽي خاندان جو اصل علائقو راجستان جيسلمير هيو. اتان هنن جي لڏپلاڻ
سرائڪي علائقن ۽ سنڌ ڏانهن ٿيندي رهي آهي.ملتان ۽ ٻين سرائڪي علائقن ۾ اڄ به ڀٽا
جھجھي تعداد ۾ رهن ٿا. سو ڀٽا زرعي پوک ڪندڙ هاري هئا. کين آرائين سڏيو ويندو هيو.
هي سنڌ ۾ ۽ هاڻوڪي سڏجندڙ سرائڪي علائقن ۾ پکڙجي ويا. اڄ به ملتان ۾ رهندڙ ڀٽا
سرائڪي ڳالهائن ٿا. ما ملتان جي ڀٽا محلي ۾ هڪ رات ڀٽن وٽ رهي آيو آهيان. جڏهن ته ڀٽن
جا ڪي قبيلا ڪلهوڙن وانگر سرائڪي ڳالهائيندڙ آهن.
ڳڙهي خدابخش جي لڳ ڀٽن
جو هڪ ڳوٺ ڪوٽ ڀٽي جي نالي سان آهي. جتي رهندڙ ڀٽا سڀ سرائڪي زبان ڳالهائيندا آهن
باقي ممتاز ڀٽو صاحب، ذوالفقار ڀٽو يا شاهنواز خان ڀٽو جي گهرن ۾ سنڌي ڳالهائي
ويندي آهي. لاڙڪاڻي جي سياست ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو، پير بخش ڀٽو، نبي بخش ڀٽو، احمد
خان ڀٽو، مرتضي ڀٽو اول ، ممتاز علي ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضي ڀٽو ۽
بينظير ڀٽو سياست ۾ هڪ وڏي حيثيت رکڻ وارا ڪردار ٿي گذريا آهن. ڀٽي خاندان جا ڪي
فرد جن ۾ امير بخش ڀٽو، ذوالفقار جونيئر ڀٽو، فاطمه ڀٽو موجود آهن. جن ۾ فاطمه
سياست کان پري رهي ٿي. جونيئر ذوالفقار وري فنون لطيفا.اميربخش ڀٽو سياسي برقعا مٽائيندي
مختلف پارٽين ۾ شامل ٿي سياست ۾ سيٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، پر رتيديري
جي راڄ ۾ کيس گهڻي مقبوليت ملي نه سگهي آهي. ان ڪري سياست هن خاندان مان هاڻي موڪلائي
ويئي آهي.
اهڙي طرح ٻيو
خاندان کهڙو خاندان هيو، منجهن سياست ايوب کهڙي، کان پوءِ سندس پٽن شاھ محمد پاشا
کهڙي، سندس ڌيءَ ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ ٻئي پٽ مسعود کهڙي تائين هلي سگهي. شاھ محمد
پاشا ۽ حميده کهڙي جي وفات بعد مسعود کهڙو سياست کان ڪنڊ وٺي گوشا نشيني اختيار ڪري
ڇڏي،پاشا جي پٽ اسد کهڙي سياست ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پر پ پ جي جيالن کيس اڀرڻ نه ڏنو.
جيتوڻيڪ هي پيپلزپارٽي ۾ شامل پڻ ٿيو. پر منجهس سياسي بصيرت نه هئڻ سبب پ پ ۾ ڪوئي
اهم مرتبو ماڻي نه سگهيو. ايوب کهڙي جي ڀائٽي نثار احمد کهڙي صاحب سياست جي شروعات
ڀٽي جي مخالف اصغر خان جي ٺاهيل تحريڪ استقلال پارٽي کان ڪئي. اصغر خان جي مٿي نه
اڀرڻ سبب هن صاحب پڻ پيپلزپارٽي ڏانهن پر سوريا، اڏامندڙ پکي جيان پ پ جي آکيري ۾
اچي ڪک رکيا. جڏهن ته ماضي ۾ پ پ ۽ ايوب کهڙو سياست جي مائٽي ۾ هڪ ٻئي جون پهاڄون
رهنديون پئي آيون آهن. پر نثار کهڙي صاحب ان دشمني واري سياست کي دوستي ۾ بدلايو.
نيٺ نثار کهڙي جي مقبوليت کي پڻ پيپلزپارٽي بچائي نه سگهي. ڇو جو هن صاحب جو ووٽرن
ڏانهن رويو طبيعت ۾ چيڙاڪ هئڻ سبب بهتر نه رهيو آهي.
لاڙڪاڻي جي سياست ۾
ٻه ٻيا اوپرا نالا پڻ مڃتا ماڻيندي ڏٺاسين. جن ۾ هڪ لاهور جو ويٺل، انگريزن جو
وفادار رهندڙ امير علي لاهوري نالي شخص کي
لاڙڪاڻي شهر جي زمين ۽ ٻاهر ڪيترين ديهن جو مالڪ بڻايو ويو. لاڙڪاڻي جي شهري سياست
تي سندس سڪو هلندو هيو. هن جي رضامندي سان لاڙڪاڻي ميونسپل جي ميمبري ۽ ڪائونسلري
ملندي هئي. ان جي مرڻ بعد سندس پونئير ڪوئي ٻوٽو ٻاري ڪين سگهيا. هو ملڪيتون وڪڻي
ويهي رهيا. ٻي شخصيت جيڪا نوشهرو فيروز مان لڏي آيل فضل الله قاضي نالي سان هئي ان
هجرت ڪري لاڙڪاڻي ۾ اچي وڪالت ڪئي. وڪالت سان گڏ هن سياست پڻ ڪئي. جنهن ۾ هو وڏن
عهدن تي پهتو سنڌ جو وزير اعلي ۽ مرڪز ۾ داخلا جو وزير بڻيو. هي ايماندار ماڻهو
هيو. هن اقتدار مان ڪائي دولت نه ميڙي. ايتري تائين جو کيس پنهنجو گهر به رهڻ لاءِ
نه هيو. هن سموري ڄمار شادي ڪين ڪئي. ان ڪري سندس نسلي واڌ نٿي سگهي. هو پنهنجو وارو
وڄائي لاڙڪاڻي جي قائم شاهه قبرستان ۾ آرامي ٿيل آهي. هر عروج کي هڪ ڏينهن زوال اچڻو
آهي. لاڙڪاڻي جي ڀٽي ۽ کهڙي خاندان مٿان سياسي زوال اچي چڪو آهي. اڄ هي ماضيءَ جا
قصا بڻجندا ٿا وڃن. نوان خاندان سيال، ٻگهيا، جوڻيجا، ڪلهوڙا سياست کي ڪلهو ڏيڻ
لاءِ اڳتي اچي رهيا آهن. لاڙڪاڻي شهر ۾ شيخ برادري پڻ گهڻي اڪثريت رکي ٿي، پر هو
واپار کي دين ايمان سمجهڻ ڪري سياست ۾ موڙي خرچ ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا.
اڄ جي سياست پيسي
جي سيڙپ گهري ٿي، پوءِ منافع ئي منافعو ڏيندي ٿي رهي. پر شيخ، واڻين ۽ ڪورين جيان
منافعو ترت تري تي وٺڻ گهرن ٿا. انڪري ماڻهن سان ميل جول نه هئڻ ڪري سياست ۾ ڪامياب
نٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن کين سياست ۾ اچڻو آهي ته پيسا ڦينڪ تماشا ڏيک، وارو ڪم ڪرڻو پوندو.
ٻيو وري شيخن جي گهڻائي کي ٽوڙڻ لاءِ لاڙڪاڻي جي شهري آبادي جو ڪجھه حصو الڳ ڪري
کيس ٻهراڙي سان ملائي صوبائي تڪ ٺاهيو ويو آهي، جنهن ڪري هتي باقراڻي تعلقي جي
رهندڙ ماڻهن لاءِ صوبائي سيٽ سيف بڻائي ويئي آهي، شيخ برادري ٻن حصن ۾ ورهائي ويئي
آهي. انڪري سندن اميدوار جو کٽڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
ٻي هڪ برادري جيڪا
عباسي ڪلهوڙن جي هن شهر ۾ رهندڙ آهي. سندن وڏو پڳدار منور علي عباسي هيو. جيڪو
ويجهڙائپ ۾ گذاري ويو آهي. هي خاندان ماڻهن سان ميل ميلاپ رکڻ ۾ مشهور آهيسندس
نوجوان پٽ معظم علي عباسي لاڙڪاڻي شهر جي سيٽ تي پيپلزپارٽي کي شڪست ڏيئيکٽي آيو
آهي. جيڪا ايندڙ وقت ۾ پڻ وٽس هجڻ جي توقع ڪري سگهجي ٿي. اهڙي طرح لاڙڪاڻي ۾ هاڻي
سياست ڀٽن ۽ کهڙن کان کسجڻ جي زور آزمائي ڪري رهي آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment