مهين جو دڙو جي نالي
بابت ڪاٿا ۽ اندازا
آصف رضا موريو
مستند تاريخي ڪتابن ۾ ان شهر جا
ٻه نالا ملن ٿا جن مان هڪ موئن جو دڙو يعني مردن (لاشن) جو دڙو ۽ ٻيو موهن (هندڪو
نالو) جو دڙو آهي. منهنجي خيال ۾ هي ٻئي عام ۽ مشهور ٿيل نالا غلط آهن. ڪجهه سال اڳ
سمير تهذيب جي شهر مان نڪتل ڪجهه ڪتبن ۾ مهين جو دڙو شهر جي نالي متعلق لکيل آهي
ته سنڌ صحرا جي هن شهر جو نالو ملوحا (مي لوحا) هوندو هيو. پر هن شهر جو موجوده نالو
“مهين جو دڙو” آهي. مان انهن کنڊرن جي پسگردائي ۾ رهڻ وارن ڪيترن بزرگن کان اها ڳالهه
پڇي جن ۾ منهنجي دوست الياس انصاري (مهين جو دڙو جو سائٽ اٽينڊنٽ) جو نانو به شامل
آهي جيڪو نه صرف مهين جو دڙو جي کوٽائي کان پهريان هتي پنهنجو مال چاريندو هو بلڪ
شروعاتي کوٽائين ۾ به شامل رهيو هو. هن ٻڌايو ته “اسان پنهنجي وڏڙن کان ان دڙي جو
نالو مهين جو دڙو ٻڌندا اچون ٿا ان لاءِ اسان به اهو ئي نالو ڪوٺيندا ٿا رهون”.
سنڌي زبان ۾ مهين جو مطلب،
چهري، نظر يا نڪ جي اڳيان بڻجي ٿو. پنهنجي دريافت کان پهريان مهين جو دڙو جا کنڊر ٽن
طرفن ڏکڻ، اولهه ۽ اتر کان جهنگلي وڻن ۽ ٻوڙن ۾ گهريل رهندا هئا جڏهن ته انهن جي
اوڀر ۾ سنڌو درياھ وهندو هو. (جيڪو هاڻي به اتي ئي وهندڙ آهي). دڙو جي پسگردائي ۾
موجود ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجو مال انهن دڙن طرف پکڙيل جهنگ ۾ چاريندا رهندا هئا جڏهن
ته مهين جو دڙو سنڌو درياھ جي سامهون يعني منهن ۾ پوندو هئو. اهڙي طرح مهين جو دڙو
جو مطلب هي بڻجي ٿو ته “اهو دڙو جيڪو سنڌو درياھ جي سامهون پئي ٿو”.
برطانوي دورِ حڪومت ۾ انهن سرڪاري
ماڻهن (جيڪي کوٽائي لاءِ هتي آيا هيا) جڏهن هتان جي مقامي ماڻهن کان ان دڙي جو
نالو پڇيو ته انهن کي به مقامي سنڌي زبان ۾ “مهين جو دڙو” ٻڌايو ويو هوندو پر جڏهن
اهو نالو انگريزي ۾ لکيو ويو ته ڪجهه هن طرح لکيو ويو ته Muhain
jo Daro يا Mohen jo Daro- جنهن کي پڙهڻ وارن موئن جو دڙو
يا موهن جو دڙو وغيره ڪري غلط پڙهيو. جيڪو بعد ۾ جٿي ڪٿي مشهور ٿيڻ ڪري صحيح مڃيو
ويندو رهيو.
انهن دڙن کي اسان موهن (هندو نالي) جون دڙو به نٿا چئي سگهون ڇو ته جڏهن هتان کان مليل ڪا تحرير پڙهي ئي نٿي سگهجي ته وري ان دڙي جو نالو موهن ڪيئن ٿيو. ٻيو ته هي دڙو هندڪي دور کان به گهڻو پهريان جو آهي. ان کان علاوه هتان مليل لاشن سبب ان کي “موئن جو دڙو” يعني “مرڻ وارن جو دڙو” چوڻ به مناسب نه ٿيندو ڇو ته سڄي دنيا ۾ موجود اهڙي قسم جي قديم دڙن مان لاشا ملندا رهيا آهن ته ڇا سڀني دڙن کي مردن جو دڙو چوڻ شروع ڪيون!
No comments:
Post a Comment