Wednesday, November 10, 2021

مُوهن جو دڙو - ڊاڪٽر نواز علي شوق

مُوهن جو دڙو

ان جي نالي بابت ويچار

ڊاڪٽر نواز علي شوق



سنڌ جي ماڳن مڪانن، ٽَنڊن ۽ وانڍين، ڪوٽن، قلعن، قبرستانن، وانئِين ۽ کُوهن، ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا گهڻو ڪري ڪنهن شخص يا ذات جي نالي سان مشهور آهن. اهڙي ريت، ڀِٽون، ڀِڙا ۽ دڙا به ڪنهن نه ڪنهن جي نالي يا ذات سبب مشهور ٿيا. ڪوٽن ۽ قلعن تي محترم اشتياق انصاري شاندار تحقيق ڪئي آهي. سنڌ ۾ مختلف نالن سان جيڪي ٽنڊا، وانڍِيون قديم قبرستان، ڳوٺ، شهر، ڍنڍون ڍورا وانئيون ۽ کُوهه آهن، تن بابت خاطرخواهه تحقيق ڪا نه ٿي آهي.

Wednesday, August 11, 2021

لاڙڪاڻي جي سياست مان موروثيت جي پڄاڻي؟ - حافظ سڪندر تنيو

لاڙڪاڻي جي سياست مان موروثيت جي پڄاڻي؟

جهاتيون منجھ جهان

حافظ سڪندر تنيو



لاڙڪاڻو گذريل هڪ صدي کان سياست جي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت رکندڙ شهر رهيو آهي. هتي جي وڏن خاندانن ۾ ڀٽو خاندان ۽ کهڙو خاندان نمايان سياسي ڪردار رهيا آهن. ڀٽي خاندان جو جد امجد (وڏو) دودي خان جي نالي سان هيو. هي خاندان انگريزن جو خير خواهه ٿي رهيو. انگريز پنهنجي خير خواهي ڪرڻ وارن کي ڪڏهن نه وساريندو هيو. هو وڏو چالاڪ حاڪم هيو. هن ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ  نوان لقب، جاگيرون ۽ درٻار ۾ ڪرسين رکرائڻ جي روايت وڌي. ننڍو لقب خان، خانصاحب، خانبهادر کان مٿي چڙهندو سر صاحب کي رسندو هيو. ڀٽي خاندان جو اصل علائقو راجستان جيسلمير هيو. اتان هنن جي لڏپلاڻ سرائڪي علائقن ۽ سنڌ ڏانهن ٿيندي رهي آهي.ملتان ۽ ٻين سرائڪي علائقن ۾ اڄ به ڀٽا جھجھي تعداد ۾ رهن ٿا. سو ڀٽا زرعي پوک ڪندڙ هاري هئا. کين آرائين سڏيو ويندو هيو. هي سنڌ ۾ ۽ هاڻوڪي سڏجندڙ سرائڪي علائقن ۾ پکڙجي ويا. اڄ به ملتان ۾ رهندڙ ڀٽا سرائڪي ڳالهائن ٿا. ما ملتان جي ڀٽا محلي ۾ هڪ رات ڀٽن وٽ رهي آيو آهيان. جڏهن ته ڀٽن جا ڪي قبيلا ڪلهوڙن وانگر سرائڪي ڳالهائيندڙ آهن.

Sunday, July 25, 2021

مهين جو دڙو جي نالي بابت ڪاٿا ۽ اندازا - آصف رضا موريو

مهين جو دڙو جي نالي بابت ڪاٿا ۽ اندازا

آصف رضا موريو



مستند تاريخي ڪتابن ۾ ان شهر جا ٻه نالا ملن ٿا جن مان هڪ موئن جو دڙو يعني مردن (لاشن) جو دڙو ۽ ٻيو موهن (هندڪو نالو) جو دڙو آهي. منهنجي خيال ۾ هي ٻئي عام ۽ مشهور ٿيل نالا غلط آهن. ڪجهه سال اڳ سمير تهذيب جي شهر مان نڪتل ڪجهه ڪتبن ۾ مهين جو دڙو شهر جي نالي متعلق لکيل آهي ته سنڌ صحرا جي هن شهر جو نالو ملوحا (مي لوحا) هوندو هيو. پر هن شهر جو موجوده نالو “مهين جو دڙو” آهي. مان انهن کنڊرن جي پسگردائي ۾ رهڻ وارن ڪيترن بزرگن کان اها ڳالهه پڇي جن ۾ منهنجي دوست الياس انصاري (مهين جو دڙو جو سائٽ اٽينڊنٽ) جو نانو به شامل آهي جيڪو نه صرف مهين جو دڙو جي کوٽائي کان پهريان هتي پنهنجو مال چاريندو هو بلڪ شروعاتي کوٽائين ۾ به شامل رهيو هو. هن ٻڌايو ته “اسان پنهنجي وڏڙن کان ان دڙي جو نالو مهين جو دڙو ٻڌندا اچون ٿا ان لاءِ اسان به اهو ئي نالو ڪوٺيندا ٿا رهون”.

Monday, July 19, 2021

لاڙڪاڻو ستر سالَ اڳ - الطاف شيخ

لاڙڪاڻو ستر سالَ اڳ

نه سي سڙھ سکاڻ

الطاف شيخ



لاڙڪاڻي بابت ڪيترا ئي مضمونَ ۽ ڪِتابَ منهنجي نظرن مان گذريا آهن انهن مان هڪ دلچسپ احوال جيڪو غلام مصطفيٰ سومرو صاحب ڳالهه ٻولهه جي اندازَ ۾ لياقت راڄپر سان ڪيوآهي اهو هتي پڙهندڙن لاءِ ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو. هن ۾ لاڙڪاڻي جو ستر سال اڳ جو نقشو چٽيل آهي جنهن ۾ ڪجهه ڳالهين جو آئون به شاهد آهيان يعني مون جيڪو لاڙڪاڻو ڏٺو اهو ۱۹۶۰ع ڌاري ڏٺو يعني منهنجي دماَغَ ۾ جيڪو آڳاٽو لاڙڪاڻو آهي اهو ۵۳ سالَ اڳ جو آهي ۽ جنهن ۾ غلام مصطفيٰ سومرو صاحب واري لاڙڪاڻي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اڃا موجود هيون.

Friday, July 2, 2021

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو - آصف رضا موريو

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو

لاوارثي جو شڪار

آصف رضا موريو



رائل چوڪ جي هن وقت لاڙڪاڻو شهر ۾ صرف مهانگي علائقي کان سواءِ ٻي ڪا خاصيت ڪونه آهي ۽ نه ئي هي علائقو هاڻي ڏسڻ وٽان رهيو آهي پر ڪنهن دور ۾ شهر جو هي سمورو حصو گهمڻ ۽ ڏسڻ وٽان هوندو هيو جتي شهر جي شاندار “رائل سنيما” کان علاوه المنظر سنيما، تجرباغ (هاڻوڪو جناح باغ)، پريس ڪلب، زميندارن جا بنگلا، تجر بلڊنگ، پاڪستان نيشنل سينٽر، فيض هوٽل، انجمن ترقي اردو جي عمارت، شاهه لطيف لائيبرري، شاليمار هوٽل، ممتاز هوٽل، ريلوي اسٽيشن، گرلس ڪاليج، گرلس اسڪول، لٽل فوڪس اسڪول، سٽيزن ڪلب، ليڊيز ڪلب وغيره جهڙا شاندار سماجي، قومي، خانگي، ثقافتي، تهذيبي ادارا ۽ عمارتون ڪر کنيون بيٺيون هونديون هيون جن جي جاءِ تي هاڻي بدشڪلا سينٽر ۽ بي ڊوليون عمارتون وڃي بچيون آهن جن مان هڪ اڌ پراڻيون بي ساهيون جهرندڙ ۽ ڪرندڙ عمارتون پڻ موجود آهن جن تي شهر جي مختلف مافيائن جو قبضو رهندو اچي ٿو جن مان هڪ گومي ٻائي ليڊيز ڪلب پڻ آهي.