سنڌ جي تاريخي ماڳن جا
نوادرات بچايو
خالد ٻانڀڻ
قومن جي تاريخ،
تهذيب صدين جي سڃاڻپ جو مرڪز هونديون آهن، جن سان معلوم ٿيندو آهي ته قديم تاريخ
رکندڙ ٻولي ۽ قومون ڪيتريون هزار صديون پراڻيون ۽ پنهنجي خطي ۾ سڃاڻپ رکندڙ آهن.
پاڻ جيڪڏهن تاريخ کي پروڙيندا پرکينداسين ته اهڙن حوالن سان پوري دنيا جي تاريخ ڀري
پئي آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت آهي. ڪتابن جا باب کٽي ويندا پر تاريخ جا ڦهليل
ورق ڪڏهن به پورا نه ٿيندا، انهن تهذيبن ۾ سرفهرست سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ اوچو ۽
اعليٰ مقام رکندڙ آهي. پاڻ جيڪڏهن موئن جي دڙي کان شروعات ڪنداسين ته ان جو ڦهلاءُ
پنج هزار سال قديم تاريخ تي مشتمل آهي، جنهن سان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي تهذيب،
تمدن، تاريخ، ثقافت ڪيتريون صديون پراڻي پنهنجي ياداشت رکي ٿي. سنڌ جي تاريخ،
تهذيب جيتري پراڻي آهي، ايترو اڄ ان کي سنڀالڻ وقت جي حاڪمن کان ڄڻ مشڪل ٿيندو پيو
وڃي. اسان جو ثقافت وارو صوبائي کاتو به ڄڻ ته سنڌ جي ساڃاھ وند سونهن کان منهن موڙيون
بيٺو آهي. موئن جو دڙو سنڌ، پاڪستان ته ڇا پوري دنيا ۾ هن خطي کي سڃاڻپ ڏيو بيٺو
آهي. شايد ئي دنيا جو اهڙو ڪو ملڪ هوندو، جيڪو هن پنج هزار سال پراڻي تهذيب کي ڏسڻ
۽ گھمڻ لاءِ نه آيو هوندو. ڇو ته هن وقت بهتر موسم گرمي جي شدت گھٽ هجڻ سبب دنيا
جا سياح موئن جو دڙو ڏسڻ لاءِ ايندا رهن ٿا.