Saturday, August 29, 2015

مان جيڪڏهن بابا جي چوڻ تي عمل ڪيان ها ته شايد ايتري تڪليف نه اچي ها - مشتاق انصاري

مان جيڪڏهن بابا جي چوڻ تي عمل ڪيان ها ته شايد ايتري تڪليف نه اچي ها
مشتاق انصاري

وهم جو انسان جي زندگيءَ ۾ وڏو عمل دخل آهي. اهو هر وقت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هن جي سامهون ايندو رهي ٿو. اها هڪڙي اهڙي ڪيفيت آهي جنهن جي ڪري انسان گهڻين ئي پريشانين جو شڪار ٿي وڃي ٿو. اسانجي روزه مره جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا به ڏينهن ٿين ٿا، جن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته انهن مان ڪنهن خاص ڏينهن تي ماڻهو کي سفر نه ڪرڻ گهرجي نه ته وڏي نقصان ٿين جو انديشو آهي. انگن ۾ به ڪي اهڙا انگ ٿين ٿا جن کي نڀاڳ جي نشاني سمجهو ٿو وڃي.

موهن جي دڙي جون اڏاوتون - پروفيسر جي- ايڇ- ڪٽپر

موهن جي دڙي جون اڏاوتون
پروفيسر جي- ايڇ- ڪٽپر
صاحب! هن مٽيءَ جي دڙي کي ڇو ٿا کوٽايو؟ محمد ادريس صديقيءَ جنهن ”واديءَ سنده کي تهذيب“ ڪتاب لکيو آ چوي ٿو ته؛ اهو سوال کانئس هڪ بلوچ مزدور ان وقت ڪيو، جڏهين اسان رياست مڪران جي شهر پنجگور کان 30 ميل پري، هڪ دڙي جي ڊاڪٽر هنري فيلڊ سان گڏ محڪمهءَ آثار قديمه پاڪستان طرفان کوٽائي ڪرائي رهيا هئاسون. اها 1954ع جي ڳالهه آهي، اهو دڙو درياه رخشان جي ڪناري تي واقع آهي، ان وقت درياه جي پيٽ مان صرف واري اڏامي رهي هئي. شايد ان مزدور جي اها سوچ هئي ته کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺيڪراٽ مان ڇا حاصل ٿيندو. ادريس صديقي چوي ٿو ته مان چاهيو پئي ته ان مزدور کي مطمئن ڪندڙ جواب ڏيان پر شايد منهنجو جواب ان اڻ پڙهيل مزدور کي مطمئن نه ڪري سگھي ها.ان ڪري مان ان مزدور کي کلي ٽاري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح اسان جڏهين ٻين دڙن تان ٺيڪراٽ گڏ پيا ڪيون ۽ ان وقت جي اسان کي ڪي انوکي وضع جا نادر ٿانون جا ٽڪرا ملن پيا ۽ اسان خوشيءَ ۾ نه پيا ماپئون ته اسان جي چوڌاري بيٺل ڌنار ۽ ٻيا ماڻهو اسان کي ڏسي کلن پيا، شايد هو اسان کي سر ڦريا ۽ چريو پيا سمجهن. ان کان پوءِ ادريس صديقي ٻڌائي ٿو ته اسان بهاولپور هليا آياسون ۽ قديم هاڪڙي درياه جي گذرگاه تان دڙن جي تلاش ڪئي سون ته اتي به ڪي اڻ پڙهيل توڙي پڙهيل نوجوان اسان جي بي مصرف صحرانوردي تي تعجب پيا کائن.