Monday, September 24, 2012

عڪس اجرا آهن - رياضت ٻرڙو


عڪس اجرا آهن
(اَي ائنڊ قِيو آرٽ گئلريءَ جو دَورو)
رياضت ٻرڙو

پهريون پهريون لفظ خدا جو
’ڪُن فيَڪُون‘!
شاعر، موسيقار، مصوّر
سڀ ۾ ساڳيو جوش جنون -
ڪُن فيَڪُون... 
(اياز)
اهو جوشُ، اهو جنون ڪهڙن نه خوش نصيب ماڻهن جي حصي ۾ آيو آهي! شاعرَ لفظن وسيلي هن ڪائنات جو اظهار بڻجن ٿا، موسيقارَ ان اظهار کي ترنم سان ملائي دنيا-واسين کي جھومائن ٿا ۽ مصور سنسار جي حسناڪيءَ جا روپ پَسائن ٿا.

Sunday, September 23, 2012

ڪتي جي قبر


ڪتي جي قبر
(سنڌ جو تاريخي ماڳ)
ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار
اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ موجوده قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي قمبر جي کيرٿر رينج جي ڏاڙهياڙي جبل جي چوٽيءَ تي واقع “ڪتي جي قبر” جي نالي سان هڪ پراڻو تاريخي ماڳ آهي. ڪتي جي قبر وٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو دنگ هئڻ سان گڏ چانڊڪا جاگير جو به پڻ دنگ آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ۽ قمبر کان اولهه طرف آهي. جتي ڪتي جي وفاداري ۽ فرمانبرداري جي دلچسپ ڪهاڻي آهي. اتي وڏي اهميت واري ڳالهه اها به آهي ته ڏاڙهياڙي جبل جي جنهن چوٽيءَ تي ڪتي جي قبر آهي، اتي جڏهن 1902ع ۾ انگريزن ڪوئٽا کان وٺي ڪراچي تائين کيرٿر جبل جي رينج جي سروي ۽ ماپ ٿي ڪئي ته ڪتي جي قبر واري ڏاڙهياري جبل جي چوٽي تي کيرٿر جبل جي رينج ۾ سطح سمنڊ کان اوچي ۾ اوچي وڏي چوٽي قرار ڏنو هيو، جيڪا ان زماني جي سروي ۽ ماپ موجب 72 سئو فوٽ (ست هزار، ٻه سؤ فوٽ) اوچي آهي. جڏهن ته کيرٿر جبل جي رينج ۾ سڀ کان وڌ ۾ وڌ ٿڌو ۽ سرد علائقو آهي. جيڪو گورک هل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌو ۽ سرد آهي ۽ سطح سمنڊ جي لحاظ کان گورک کان به وڌيڪ اوچو ۽ مٿي آهي. پر اسان جي بدقسمت اها آهي ته هن وقت تائين اتي پهچڻ لاءِ ڪو به سٺو ۽ سؤلو رستو ڪو نه آهي، جڏهن ته قمبر کان وڌ ۾ وڌ 60-70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. جيڪڏهن روڊ رستا هجن ته ڪلاڪ، يا ڏيڍ ڪلاڪ جو فاصلو آهي. ٻي اسان سنڌ وارن جي اها بدنصيبي آهي جو هي علائقو سنڌ ۾ آهي، جنهن جي ڪري اهو علائقو ڪا به ترقي وٺي نه سگهيو آهي.

Saturday, September 22, 2012

نٿر جو دڙو - پروفيسر مختيار سمون

نٿر جو دڙو
لاڙڪاڻي ۾ هڪ اهم اهڃاڻ جي دريافت
پروفيسر مختيار سمون
سنڌ تاريخي طور مالي ذريعن جي شاهوڪاري سميت ثقافت، ٻولي، تاريخ ساز شخصيتن توڙي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن واري حوالي سان مالا مال ۽ دنيا ۾ سرخرو رهي آهي. سنڌو ماٿري جي تهذيب نه رڳو دنيا جي ٻين قديم ۽ مشهور تهذيبن جهڙوڪ ميسوپوٽيميا، مصري ۽ چيني تهذيبن جي همعصر رهي آهي، پر ڪيترن ئي ڳالهين ۾ انهن کان وڌيڪ اهم ۽ نمايان پڻ آهي. هن تهذيب جا اهڃاڻ نه رڳو پاڪستان جي ڌرتيءَ تي پر ان کان به اڳتي اتر افغانستان کان وٺي بمبئي ۽ ايران جي سرحدن کان وٺي دهليءَ جي در تائين ڪيترن ئي جڳهين تي ملن ٿا. سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي ٻن مرڪزن هڙاپا ۽ گهنوار والا (بهاولپور جي چولستان واري علائقي ۾) کان به وڏو مرڪز موهن جي دڙي جي روپ ۾ اڄ به سنڌ جي هنج ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڌرتيءَ تي اوچو ڳاٽ کنيو سنڌ جي خوبصورت تهذيب، شائستگي، ذهانت، پلاننگ ۽ خوشحاليءَ جو ساکي بڻيل آهي، جنهن جي درشن لاءِ دنيا مان ڪيترائي سياح سنڌ ۾ ايندا هئا. لاڙڪاڻي جي ڌرتيءَ تي موهن جو درو ته منڊيءَ ۾ ٽڪ جيان آهي پر ان کان علاوه به هتي تاريخي ۽ آرڪيالاجي جي اهميت وارا ٻيا به ڪيترا ئي دڙا، ماڳ مڪان، ڍنڍون ۽ ڍورا موجود آهن، جن جي مالڪي ۽ سار سنڀال نه پئي ڪئي وڃي. 1901ع کان 2004ع تائين واري لاڙڪاڻي ضلعي ۽ ڊسمبر 2004ع ۾ ان مان نڪتل قمبر- شهدادڪوٽ وارن ضلعن ۾ اڄ به ٽيهن کان وڌيڪ اهڙا ننڍا قديمي دڙا موجود آهن، جن جي کوٽائيءَ سان تاريخ جون ڪيتريون ئي دريون کلي، نون رازن، رمزن ۽ حقيقتن سان آشنا ڪري سگهن ٿيون، جيڪي پڻ هن ڌرتيءَ جي امرتا ۽ مهانتا جو مضبوط دليل ثابت ٿي سگهن ٿا. موهن جي دڙي کان علاوه ٻنهي ضلعن ۾ موجود ڪجهه دڙا جهڙوڪ، جهڪر جو دڙو، نندل شاهه جو دڙو، ولهيءَ جو دڙو، بڊام جو دڙو، دانبيءَ جو دڙو، راٻڙيءَ جو دڙو، پنجون دڙو، ڀنڀري جو دڙو، بگو دڙو، سون دڙو، ڪاروهر دڙو، نوزمان دڙو، ڏنگ ڀٽ جو دڙو، شهپور دڙو، ڏانهڙ دڙو ۽ نانگ دڙو پنهنجي اندر ۾ تاريخ جا ڪيترا ئي قصا سنڀاليو قدرتي آفتن، انساني بي حسي ۽ حڪومتي ادارن جي عدم دلچسپي ڪري تباهي ڏانهن ڌڪجندا رهن ٿا. سنڌ ۾ اهڙن تاريخي اهڃاڻن جي موجودگي جي اڻپوري سروي ۽ لاڳاپيل ادارن وٽ کوجنائي صلاحيت نه هجڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن اتفاق طور تي ظاهر ٿيندڙ تاريخي ماڳ پڻ محفوظ ٿيڻ واري خواب جي تعبير لاءِ منتظر رهن ٿا.

Tuesday, September 11, 2012

جُهڪر جو دڙو - امام راشدي


جُهڪر جو دڙو
امام راشدي
انهيءَ ۾ ڪو به سڪ ناهي ته سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب ڄاتي وڃي ٿي. اهڙا هزارين اهڃاڻ سنڌ جي ڌرتيءَ تي موجود آهن، جن جي قدامت جو اندازو کوجنا مان لڳائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم تهذيب جو چٽو ثبوت، ”موهن جو دڙو“ آهي، جيڪو پنج هزار سال پراڻي تهذيب جو پختو دليل آهي.