لاڙڪاڻي جو هڪ تصويري دستاويز
الطاف
شيخ
ڪتاب:
Larkano: The Pictorial Profile
ليکڪ:
آصف رضا موريو
ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته؛ “هڪ سٺي ڪتاب جو مطالعوکليل
اکئين خواب ڏسڻ جيان هوندو آهي”. آصف رضا موريو جو هي پيار ڀريو پورهيو Larkano: The Pictorial Profile ڏسي
مونکي اڄ ان چوڻي تي نه رڳواکيون ٻوٽي ويساهه ڪرڻو پيو پر هن ڪتاب يا مصنف جي سنگت
۾ لاڙڪاڻو شهر کي نئين سر ڏسڻ جو خواب پڻ دل ۾ اسريو آهي. ڪتاب جي پرنٽنگ ۾ ۱۵۰
گرام جو ميٽ پيپر استعمال ٿيل آهي جڏهن ته ۸ - ۱۲ انچ سائيز واري هن ڪتاب جا سمورا
ورق رنگين آهن. پڙهڻ دوران هي ڪتاب مونکي ڪنهن اهڙي سامونڊي سفر جيان لڳو جيڪو
شروع ٿيڻ کان پوءِ دل چاهيندو آهي ته ختم ئي نه ٿئي ڇوته پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي پر
هن ڪتاب کي ڏسڻ مان ئي دل ڪونه پيو ڀرجي. اهو ئي سبب آهي جو هي ڪتاب پڙهڻ سان گڏ ڏسڻ
وٽان هئڻ سبب پڙهي نه سگهڻ وارا اڻ پڙهيل ماڻهو به ڏسڻ لاءِ ضرور وٺندا. ڪتاب جو
هر ورق ڪنهن به سٺي ڪتاب جي ٽائيٽل جيتري محنت سان جڙيل آهي جيڪو مصنف پنهنجي ذاتي
اداري انڊس ڪلچرل اينڊ لٽرري آرگنائيزيشن طرفان ڇپرايو آهي.