Wednesday, September 7, 2022

مُهين جي دڙي جو عالمي ورثي مان نڪرڻ جو خطرو؟ - زرار پيرزادو

مُهين جي دڙي جو عالمي ورثي مان نڪرڻ جو خطرو؟

زرار پيرزادو



¨ هونئن ته چؤماسي جي موجوده برساتن ۽ ٻوڏ وگهي سڄي سنڌ ٻڏل آهي، آفت جوڳي حالت ۾ آهي، جيئرا ماڻهو، آباد ڳوٺ شهر ۽ گهر، ڳوٺن، شهرن ۽ گهرن سان سلهاڙيل جذباتي وابستگيون، ساروڻيون سڀ لڙهي چڪيون آهن اتي حڪومت يا عام ماڻهن کي سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ قديمي آثارن جي تباهي جو ڀلا ڪهڙو ۽ ڪيترو اونو هوندو!

Saturday, September 3, 2022

ڇا ميلوها ئي موئن جو دڙو آهي؟ - عبدالڪريم چنا

ڇا ميلوها ئي موئن جو دڙو آهي؟

عبدالڪريم چنا



سنڌو سڀيتا جي عظيم تاريخي ماڳ موئن/ موهن/ موهين جو دڙو جو اصل نالو ڇا هو!؟ ان تي بحث جاري آهي. اڃا تائين هن ماڳ جي مڪمل کوٽائي نه ٿيڻ ۽ مليل نشانين ۽ اکرن جي ڀاڃ نه ٿيڻ سبب به مونجهارا پيش آهن. ان باوجود قديم ميسوپوٽاميا ۽ سميري لکتن مان مليل ڪجھ اشارن موجب هن ماڳ جو نالو “ميلوها Meluhha” هجڻ واري شڪ تي بحث ٿيندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ قديم ماڳن مان جيڪي مختلف لکتون ۽ تاريخدانن ۽ محققن جا جيڪي مختلف خيال ۽ رايا سامهون آيا آهن اهي سهيڙي پيش ڪجن ٿا. هي لکتون ۽ رايا پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ پاڻ ئي ڪو فيصلو جوڙي سگهن ٿا.