لاڙڪاڻي جي سياست مان
موروثيت جي پڄاڻي؟
جهاتيون منجھ جهان
حافظ سڪندر تنيو
لاڙڪاڻو گذريل هڪ
صدي کان سياست جي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت رکندڙ شهر رهيو آهي. هتي جي وڏن خاندانن ۾ ڀٽو
خاندان ۽ کهڙو خاندان نمايان سياسي ڪردار رهيا آهن. ڀٽي خاندان جو جد امجد (وڏو)
دودي خان جي نالي سان هيو. هي خاندان انگريزن جو خير خواهه ٿي رهيو. انگريز پنهنجي
خير خواهي ڪرڻ وارن کي ڪڏهن نه وساريندو هيو. هو وڏو چالاڪ حاڪم هيو. هن ماڻهن کي
پنهنجو ڪرڻ لاءِ نوان لقب، جاگيرون ۽ درٻار
۾ ڪرسين رکرائڻ جي روايت وڌي. ننڍو لقب خان، خانصاحب، خانبهادر کان مٿي چڙهندو سر
صاحب کي رسندو هيو. ڀٽي خاندان جو اصل علائقو راجستان جيسلمير هيو. اتان هنن جي لڏپلاڻ
سرائڪي علائقن ۽ سنڌ ڏانهن ٿيندي رهي آهي.ملتان ۽ ٻين سرائڪي علائقن ۾ اڄ به ڀٽا
جھجھي تعداد ۾ رهن ٿا. سو ڀٽا زرعي پوک ڪندڙ هاري هئا. کين آرائين سڏيو ويندو هيو.
هي سنڌ ۾ ۽ هاڻوڪي سڏجندڙ سرائڪي علائقن ۾ پکڙجي ويا. اڄ به ملتان ۾ رهندڙ ڀٽا
سرائڪي ڳالهائن ٿا. ما ملتان جي ڀٽا محلي ۾ هڪ رات ڀٽن وٽ رهي آيو آهيان. جڏهن ته ڀٽن
جا ڪي قبيلا ڪلهوڙن وانگر سرائڪي ڳالهائيندڙ آهن.