Sunday, July 25, 2021

مهين جو دڙو جي نالي بابت ڪاٿا ۽ اندازا - آصف رضا موريو

مهين جو دڙو جي نالي بابت ڪاٿا ۽ اندازا

آصف رضا موريو



مستند تاريخي ڪتابن ۾ ان شهر جا ٻه نالا ملن ٿا جن مان هڪ موئن جو دڙو يعني مردن (لاشن) جو دڙو ۽ ٻيو موهن (هندڪو نالو) جو دڙو آهي. منهنجي خيال ۾ هي ٻئي عام ۽ مشهور ٿيل نالا غلط آهن. ڪجهه سال اڳ سمير تهذيب جي شهر مان نڪتل ڪجهه ڪتبن ۾ مهين جو دڙو شهر جي نالي متعلق لکيل آهي ته سنڌ صحرا جي هن شهر جو نالو ملوحا (مي لوحا) هوندو هيو. پر هن شهر جو موجوده نالو “مهين جو دڙو” آهي. مان انهن کنڊرن جي پسگردائي ۾ رهڻ وارن ڪيترن بزرگن کان اها ڳالهه پڇي جن ۾ منهنجي دوست الياس انصاري (مهين جو دڙو جو سائٽ اٽينڊنٽ) جو نانو به شامل آهي جيڪو نه صرف مهين جو دڙو جي کوٽائي کان پهريان هتي پنهنجو مال چاريندو هو بلڪ شروعاتي کوٽائين ۾ به شامل رهيو هو. هن ٻڌايو ته “اسان پنهنجي وڏڙن کان ان دڙي جو نالو مهين جو دڙو ٻڌندا اچون ٿا ان لاءِ اسان به اهو ئي نالو ڪوٺيندا ٿا رهون”.

Monday, July 19, 2021

لاڙڪاڻو ستر سالَ اڳ - الطاف شيخ

لاڙڪاڻو ستر سالَ اڳ

نه سي سڙھ سکاڻ

الطاف شيخ



لاڙڪاڻي بابت ڪيترا ئي مضمونَ ۽ ڪِتابَ منهنجي نظرن مان گذريا آهن انهن مان هڪ دلچسپ احوال جيڪو غلام مصطفيٰ سومرو صاحب ڳالهه ٻولهه جي اندازَ ۾ لياقت راڄپر سان ڪيوآهي اهو هتي پڙهندڙن لاءِ ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو. هن ۾ لاڙڪاڻي جو ستر سال اڳ جو نقشو چٽيل آهي جنهن ۾ ڪجهه ڳالهين جو آئون به شاهد آهيان يعني مون جيڪو لاڙڪاڻو ڏٺو اهو ۱۹۶۰ع ڌاري ڏٺو يعني منهنجي دماَغَ ۾ جيڪو آڳاٽو لاڙڪاڻو آهي اهو ۵۳ سالَ اڳ جو آهي ۽ جنهن ۾ غلام مصطفيٰ سومرو صاحب واري لاڙڪاڻي جون ڪيتريون ئي ڳالهيون اڃا موجود هيون.

Friday, July 2, 2021

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو - آصف رضا موريو

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو

لاوارثي جو شڪار

آصف رضا موريو



رائل چوڪ جي هن وقت لاڙڪاڻو شهر ۾ صرف مهانگي علائقي کان سواءِ ٻي ڪا خاصيت ڪونه آهي ۽ نه ئي هي علائقو هاڻي ڏسڻ وٽان رهيو آهي پر ڪنهن دور ۾ شهر جو هي سمورو حصو گهمڻ ۽ ڏسڻ وٽان هوندو هيو جتي شهر جي شاندار “رائل سنيما” کان علاوه المنظر سنيما، تجرباغ (هاڻوڪو جناح باغ)، پريس ڪلب، زميندارن جا بنگلا، تجر بلڊنگ، پاڪستان نيشنل سينٽر، فيض هوٽل، انجمن ترقي اردو جي عمارت، شاهه لطيف لائيبرري، شاليمار هوٽل، ممتاز هوٽل، ريلوي اسٽيشن، گرلس ڪاليج، گرلس اسڪول، لٽل فوڪس اسڪول، سٽيزن ڪلب، ليڊيز ڪلب وغيره جهڙا شاندار سماجي، قومي، خانگي، ثقافتي، تهذيبي ادارا ۽ عمارتون ڪر کنيون بيٺيون هونديون هيون جن جي جاءِ تي هاڻي بدشڪلا سينٽر ۽ بي ڊوليون عمارتون وڃي بچيون آهن جن مان هڪ اڌ پراڻيون بي ساهيون جهرندڙ ۽ ڪرندڙ عمارتون پڻ موجود آهن جن تي شهر جي مختلف مافيائن جو قبضو رهندو اچي ٿو جن مان هڪ گومي ٻائي ليڊيز ڪلب پڻ آهي.