موهن جو دڙو
دنيا جي عظيم تهذيب
پرمل حفيظ
دنيا
جون ۳ وڏيون اوائلي تهذيبون جيڪي هڪ
ئي وقت اڀريون، تن منجھان سنڌو سڀيتا هڪ آهي. جنهن کي دنيا جي تاريخ ۾ هڪ خاص
اهميت حاصل آهي. هن تهذيب جي عظيم هجڻ جو اندازو قديم آثارن جي ماهرن جي تحقيق مان
لڳائي سگھجي ٿو. قديم آثارن مان مليل شاهدين ڪجھ ڳجھن تان پردا کنيا آهن پر اڃا
تائين گھڻا ڳجھ موهن جي دڙي جي مٽي هيٺيان دٻيل آهن. جنهن تي سنجيدگي سان تحقيق ڪرڻ
جي سخت ضرورت آهي. انهيءَ هوندي بـه مليل ثابتين مان سنڌو ماٿري جي قدامت جو
اندازو لڳائي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ ان دور جي ٻولي اڃا بـه هڪ ڳجھ بڻيل آهي، جنهن جي
اڄ تائين سڃاڻپ نـه ٿي سگھي آهي. اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي تـه موهن جي دڙي جي اڄ
تائين صرف ۱۴ سيڪڙو ئي کوٽائي ٿي آهي. جيڪا ڳالھ
گھڻن لاءِ حيران ڪندڙ بـه هوندي. اها بي ڌياني ۽ لاپرواهي ثقافت کاتي جي نا اهلي
آهي يا هتان جي قديم آثارن جي ماهرن جي غير سنجيدگي؟ اهو هڪ الڳ ۽ اهم موضوع آهي
پر اڄ لکڻ جو مقصد هن عظيم تهذيب جو مختصر جائزو وٺڻ آهي. گھڻن جو خيال آهي تـه
موهن جو دڙو Utopian Society ھو. (هڪ اهڙو
سماج جتي ڪنهن بـه قسم جي برائي ۽ اڻبرابري نـه هجي).