موهن جو دڙو
انديشا، امڪان ۽ اميدون
رکيل مورائي
اڄ جي
جديد کوجنائن جي ماهرن، اهو قبول ڪري ورتو آهي ته موهن جي دڙي جي شروعاتي تهذيب جيڪا
موجوده موهن جي دڙي کان ڇهه ڀيرا اڳ جڙي هئي، اُسري هُئي ۽ اُجڙي هُئي، اها ئي
انساني تاريخ جي پهرين تهذيب آهي ۽ اهو فخر سنڌين کي آهي، جن اهڙي تهذيب جو بنياد
وڌو، جنهن انساني ارتقا ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، ساڳئي وقت تهذيبي طور به.. !
سرجان
مارشل پنهنجي مشهور تحقيقي ڪتاب “مهين جو دڙو” ۾ چٽيءَ طرح لکيو آهي ته “موجوده
موهن جو دڙو پهريون نه آهي، ان کان اڳ به ڪيئي
ڀيرا هن شهر جي اوسر ٿي آهي”.