ھيءُ منھنجو لاڙڪاڻو ته ناھي
زيب سنڌي
چار
موسمون ته قدرت طرفان اسان کي عطا ڪيل آهن، پر ماڻهو پنجين موسم جو جواز پاڻ ئي
پيدا ڪري وٺندا آهن. ڪي ماڻهو ڪرڪيٽ راند جي عالمي مقابلن کي پنجين موسم جو نالو ڏيندا
آهن، ڪي ماڻهو پيار کي پنجين موسم جي نالي سان ياد ڪندا آهن، ته ڪي وري گهڻيون
شاديون ٿيڻ وارن ڏينهن کي پنجين موسم جي نالي سان سڏين ٿا. گذريل ڪجهه ڏينهنِ اندر
شادين جون ايتريون دعوتون مليون جو فقير کي يقين ڪرڻو پئجي ويو ته، پنجين موسم
شادين جي ئي ٿيندي آهي! شادين ۾ شريڪ ٿيڻ خاطر گذريل هفتي جا شروعاتي ٻه ڏينهن ۽
پويان ٻه ڏينهن مون لاڙڪاڻي شهر ۾ گذاريا هئا ۽ وچ وارا ٽي ڏينهن مان پنهنجي
حيدرآباد واري گهر ۾ کنگهه، زڪام ۽ بخار جي حالت ۾ پيو هئس. لاڙڪاڻي شهر سان
منهنجي جذباتي وابستگي انهيءَ حد جي آهي، جو جڏهن به لاڙڪاڻي ويندو آهيان ته انهن
گهٽين ۽ رستن تي پيرين پنڌ هلي پنهنجي روح تائين محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جن
گهٽين ۾ رانديون کيڏي ۽ رستن تي رولاڪيون ڪري ٻالڪپڻ جون سرحدون اورانگهي جوان ٿيو
هئس. هن عمر ۾ ۽ هاڻوڪي لاڙڪاڻي ۾ مون کي اهو شوق اڪثر مهانگو پئجي ويندو آهي. گهٽين
۾ موجود گندگيءَ ۽ رستن تي صفائي نه هئڻ ڪري، تيزيءَ سان هلندڙ بي ترتيب ٽريفڪ سبب
رستن تان مٽي اڏامندي رهي ٿي. ڪنهن به رستي تان هلندي ڌوڙ مٿي ۾ ته پوندي رهي ٿي،
پر انهيءَ دَزَ کي ساهه سان گڏ انساني جسم ۾ داخل ٿيڻ جو رستو به ملي وڃي ٿو! اهو
ئي سبب آهي ته مان پنهنجي محبوب شهر لاڙڪاڻي منجهان اڪثر بيمار ٿي موٽندو آهيان.
لاڙڪاڻي شهر جا مستقل رهواسي پنهنجي شهر ۾ ملندڙ عذابن کي ڪيئن ٿا محسوس ڪن، اهو
ته اُهي ئي ڄاڻن ٿا!