Wednesday, May 18, 2016

لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن- منير سومرو

لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن!
جيڪا ھاڻي رونقون وڃائي ويٺي آھي
منير سومرو
اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ قائم ڪيل لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن انتظامي بي ڌيانيءَ سبب تباهيءَ جي ڪناري تي پهتل آهي. اسٽيشن جا باغ اجڙيل ۽ اسٽيشن جي عمارت کي مختلف هنڌن تان ڏار پيل آهن، اسٽيشن تان گذرندڙ ٽرينن جو انگ 8 مان گهٽجي 2 ٿي ويو آهي، جنهن ڪري لاڙڪاڻي ضلعي سميت آس پاس جي علائقن جو عوام ٽرين جهڙي سستي ۽ آرامده سفر کان محروم بڻجي ويو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ هن ريلوي اسٽيشن جو افتتاح ڪري لاڙڪاڻي ڊويزن جي عوام کي هڪ خوبصورت تحفو ڏنو هو ۽ پاڻ ريلوي ٽڪيٽ ڪائونٽر تي بيهي پنهنجن پئسن تي پليٽ فارم ٽڪيٽ ورتي هئي ته جيئن عوام کي اسٽيشن جي ضابطه اخلاق ۽ قانون جو احترام ڪرڻ جو احساس پيدا ٿئي. هن ريلوي اسٽيشن جي خاصيت انڊر گرائونڊ هجڻ ۽ جنڪشن هجڻ سبب آهي. پر هينئر اها اسٽيشن ڪنهن بيواهه جيان نظر اچي ٿي، جنهن جو ڪو به والي وارث نه آهي.