لاڙڪاڻي جون بازارون
طاهر مستوئي
لاڙڪاڻو شهر، بلا شبه انهن شهرن
منجھان آهي، جن جو شهري ٿيڻ، باعثِ افتخار آهي. ڇو ته هيءُ شهر، ڪلهوڙن جي دَور ۾ خوشحاليءَ
۽ فارغ الباليءَ جو مثال بڻيو ۽ پهاڪو جُڙيو: ’هجئي ناڻو
ته گھم لاڙڪاڻو.‘ ٽالپرن جي دَور ۾ هي شهر باغات، گلن ڦلن، نازِنين، ناز پرور
۽ صوفياڻي طبيعت رکندڙ ماڻهن جي ڪري ’لاڙڪاڻو؛ ساهه سيباڻو‘
سڏجڻ لڳو. انگريزن جي دَور ۾ هي شهر علم، ادب، تفريح، سٺي انتظام ۽ امن جي حوالي سان
’لاڙڪاڻو راڄ راڻو‘ ٿي پيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، هن شهر جي ماڻهن، سياسي ۽ سماجي
اڳواڻي ڪري، لاڙڪاڻي کي حاڪماڻو ڪيو، جو وقت جا شهنشاهه ۽ حاڪم به هتي ڪَهي آيا. لاڙڪاڻي
لاءِ ”لاڙڪاڻو؛ ساهه سيباڻو“ ۽ ”لاڙڪاڻو؛ راڄ راڻو“ کان
سواءِ ٻيون چوڻيون پڻ مشهور ۽ مقبول ٿيون آهن، جھڙوڪ: ”هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو“،
”لاڙڪاڻو؛ شاعرن جو آکيرو“ ۽ ”لاڙڪاڻو؛ باغن ۽ خوشبوئن جو شهر“.