Saturday, February 21, 2015

گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو - ذوالفقار راڄپر


گومي ٻائي ليڊيز ڪلب لاڙڪاڻو
ذوالفقار راڄپر
جيڪڏهن ڪنهن به سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي وٽ موجود قديم ثقافتي ورثي وارين  جاين جي لسٽ پڙهي هوندي ته اوهان کي ان سڄي لسٽ ۾ ڪٿي به ڪراچي شهر کان سواءِ ڪنهن به ٻئي شهر جي قديم ثقافتي ورثي وارين جاين  بابت ڪنهن به هڪ جاءِ بابت  هڪ لفظ به نه ملندو، ان جو سبب اهو آهي ته حڪومت وٽ ان ڳالهه ۽ ڪم جي اهميت ايتري نه هوندي ۽ جن ماڻهن جيئن ياسمين لاري، ڪليم لاشاري ۽ ٻين جيڪو به ڪم ڪيو آهي، انهن جو دائرو ڪراچي شهر رهيو آهي. لاڙڪاڻي کان وٺي شڪارپور،جيڪب آباد کان وٺي حيدرآباد ۽ ٺٽي تائين سنڌ جا هزارين قديم ورثا يا ته ميسارجي ويا آهن، يا انهن تي قبضي خورن قبضا ڪري انهن جو تاريخي حسن ۽ نشانيون ختم ڪري ڇڏيون آهن. اها خبر ته لاڙڪاڻي جي ڪمشنر ۽ ڊي سي کي به نه هوندي، نه ته انهن جي موجودگي ۽ انهن جي سامهون لاڙڪاڻي جون قديم عمارتون بي وسي ۾ موجود نه هجن ها، في الحال لاڙڪاڻي ۽ سنڌ ۾ ڪو هاشم ميمڻ جهڙو ڊي سي ته موجود نه آهي.