Sunday, October 5, 2014

موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ تحفظ جا معاملا - الطاف پيرزادو

موهن جي دڙي جي کوٽائي ۽ تحفظ جا معاملا
الطاف پيرزادو
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پنجٽيهه سال اڳ يعني ۱۹۱۲ع ۾ موهن جو دڙو دريافت ٿيو. آرڪيالاجي سروي آف انڊيا جي هڪ آفيسر ۽ قديم آثارن جي ماهر ڀنڊارڪر هِي آثار دريافت ڪيا، اڳتي هلي قديم آثارن جي مغربي ماهر سر جان مارشل جي نگراني ۾ هنن آثارن جي کوٽائي ٿي، جنهن کانپوءِ پتو پيو ته، سنڌ سڀيتا جي عظيم تهذيب (انڊس سولائيزيشن) پنج هزار سالن کان به وڌيڪ قديم آهي. هنن آثارن مان هٿ آيل جديد طرزِ تعمير، ماڊرن نيڪال جو نظام، سوئمنگ پول، پوش رهائشي ۽ ڪمرشل علائقي، ڪنگ پريسيٽ جو مجسمو ۽ ناچڻيءَ جي مورتيءَ سان دنيا تي واضح ٿيو ته، دنيا ايتريقدر جو مغرب جا ماڻهو به اڃا جڏهن غارن ۾ زندگي گُذاريندا هئا، جن جي رهائش، کائڻ پيئڻ ۽ لَٽي ڪپڙي پائڻ جو ڪو مهذب طريقو اپنايل نه هو. سنڌ جي ماڻهن وٽ تڏهن به يعني پنج هزار سال قبل مسيح اڄ جي ڪراچيءَ جهڙو بلڪه ان کان به وڌيڪ مُهذب ۽ پرامن ميٽرو پوليٽن شهر موجود هو ۽ مهذب زندگي گذاريندا هئا. هِي آثار سنڌ واسين لاءِ جتي باعثِ فخر آهن، اتي باعثِ تشويش پڻ.