Sunday, October 20, 2013

موهن جو دڙو - گرڏنه لعل سچڏيو

موهن جو دڙو
عروج ۽ زوال
گرڏنه لعل سچڏيو/لاڙڪاڻو
تاريخ جي ڄاڻ رکندڙن مطابق سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب، ٽن قديم تهذيبن مان هڪ آهي. هڪ موهن جو دڙو ۽ ٻه ٻيون سمرين Sumerians آهن، جيڪي هن وقت عراق ۽ نيل جي مصر سڏجن ٿيون.
سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن ۴۰۰۰ کان ۵۰۰۰ سال اڳ مختلف قبيلن جا ماڻهو بلوچستان جي مٿانهن علائقن کان بيابان ۽ برپٽ لتاڙي غير آباد ڌرتي ڇڏي، سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا. انهن سان گڏ ٻيا ڳوٺاڻا هاري زراعت يعني کيتيءَ جي ڪم کان واقف قبيلائي پڻ ايراني پٽي ۽ سنڌو درياهه جي اولهه کان لڏپلاڻ ڪري سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا. اهو سمجهيو وڃي ٿو ته، انهن لاڏائو قبيلن پاڻ سان گڏ فني ڄاڻ رکندڙ قديم سُمير ايراني پٽيءَ جي ڳوٺن مان لڏي هتي پهتا. گهڻا سال گذري وڃڻ بعد انهن هيٺانهين وارين جاين تي ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ مِٽيءَ جا بند ٻڌڻ ۽ پاڻيءَ جي نيڪال ڪرڻ جي مهارت حاصل ڪئي ۽ پنهنجا ڳوٺ ۽ ٻنيون آباد ڪيون. قديم تهذيب جا وارث ۲۵۰۰ سال قبل مسيح ڌاري پنهنجا هنرمند سنڌو ماٿريءَ ۾ آندا، البته اهي شهرن جي اڏڻ جي هُنر کان وانجهيل ۽ اڻڄاڻ هئا. انهن مان ڪاريگرن، هنرمندن ۽ دستڪارن ٽامي جا اوزار، ٺِڪر جا ٿانوَ ۽ ڏاندن جي ڇِڪڻ جون گاڏيون ٺاهيون. وڌيڪ انهن ڪاريگرن مٽيءَ مان بَٺي ۾ پچايل سِرون ٺاهيون، ته جيئن برسات ۽ ٻوڏ کان بچاءُ ڪري سگهجي، ڇو ته ڪچي مٽيءَ جون ٺهيل سرون اهو ڪم نه پئي ڏئي سگهيون.