Saturday, August 20, 2022

ڌامراھ جو دڙو - ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

ڌامراھ جو دڙو

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي



سنڌ ۾ ڪيترائي دڙا ۽ ڀِڙا موجود آهن، جيڪي پنهنجي بيوسيءَ کي ظاهر ڪري رھيا آھن. انھن مان “ڌامراھ جو دڙو” به ھڪ آهي. اهڙيءَ ريت ڍنڍون ۽ ڍوررا به جھجھي انداز ۾ آهن. ھن جون وٽيون ۽ پاسا معاشي ۽ معاشرتي مرڪز ۽ محور، تهذيب ۽ ثقافت جا گَهوارا ۽ کُٿاب هئا. جيڪڏهن اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ تاريخ ۽ پنهنجي نج پج اصليت کي لوچڻو ۽ ڳولڻو آهي ته انهن دڙن ۽ ڀڙن تي پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ کي وسيع ڪرڻو پوندو. درياهن جا پراڻا پيچرا ۽ گم ٿيل پَيرا پڻ پرکڻا ۽ پروڙڻا پوندا. انهن جي وَٽين ۽ پاسن تي تاريڪيءَ جي تَھَ ۾ تاراج ٿيل تهذيب ۽ تاريخ تان تفتیش ۽ تلاش ذريعي تَھَن جا تَھَ لاهڻا هٽائڻا پوندا.

Saturday, August 6, 2022

مهين جي دڙي جي کوٽائي جا سو سال ۽ رازن تي پيل پردو- ممتاز بخاري

مهين جي دڙي جي کوٽائي جا سو سال ۽ رازن تي پيل پردو

ممتاز بخاري



جنهن کي دنيا “مهين جو دڙو” چئي ٿي، عالم جي آڳاٽن آثارن ۾ ڳڻي ٿي، اهو اصل ۾ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. جيڪڏهن ۲۰۲۲ ۾ سنڌ جي تهذيب جي اعلى سڃاڻپ جا گُڻ ڳائجن ٿا ته ان جو ڪارڻ هڪ سؤ سال اڳ ۱۹۲۲ع ۾ ان دڙي جي کوٽائي آهي، جنهن کي موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو يا مهين جو دڙو چيو ويندو آهي. سال ۱۹۲۲ع تائين، سنڌ بابت تاريخن ۾ سنڌ جو به هڪ عام خطي طور ذڪر هو پر ان کوٽائيءَ سنڌ جي نه رڳو سڃاڻپ پر ان جي تاريخ کي به نوان رخ ڏئي ڇڏيا. سنڌو سڀيتا جي حوالي سان اها ڳالهه هن وقت تائين حتمي طور سامهون اچي چڪي آهي ته اها ۷۰۰۰ قبل مسيح کان هئي. اهو تصور هڙاپا جي کوٽائي سان سامهون آيو. مهر ڳڙهه ان تي مُهر ثابت ٿي. مهين جي دڙي سان ثابت ٿيو ته اهو ۲۵ سؤ قبل مسيح هڪ سڌريل ترين شهر هو. جنهن کي اڄ جي دور ۾ ميٽروپوليٽن چيو ويندو آهي.