Monday, August 7, 2017

لاڙڪاڻي مان- مير اعظم علي ٽالپر

لاڙڪاڻي مان
واٽ ويندي
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ واٽ ويندي لکندي چار هفتا مڪمل ٿي رهيا آهن، جن جي شروعات ضلعي گهوٽڪي کان ٿي هئي، ان بعد ضلعو ڪشمور- ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد ۽ شڪارپور جي ڳوٺ، ڳوٺ ۽ واهڻ وستي وڃڻ لاءِ گاڏي ڊوڙائڻي پئي. ڪن علائقن، خاص ڪري درياهه جي اندر ۽ ڪچي واري علائقي ۾ جتي اڳ عام ماڻهو نه ويندو هو يا خوف محسوس ٿيندو هو، هاڻي صورتحال بلڪل مختلف هئي. حالانڪ ان جي باوجود به اسان کي احتياط ۽ محتاط سان رهڻ جا مفت مشورا ملندا رهيا ۽ سج لٿي کان اڳ ئي واپس موٽي اچي پنهنجي جاءِ تي رهڻ جو چيو ويو هو. اتفاق سان شڪارپور ۾ هڪ علائقو جاڳڻ آهي، ان لاءِ حڪم هو ته جلدي واپس ايندا ۽ ڪو واقفڪار گڏ کڻندا. ان لاءِ ايم پي اي شهريار مهر جو باڊي گارڊ گڏ هليو. بهرحال ان کانپوءِ قافلو ضلعي لاڙڪاڻو پهتو، لاڙڪاڻي شهر لاءِ سنڌ ۾ عام پهاڪو مشهور هو ته ”هُجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“ پر سالن کان هلندڙ اهو پهاڪو زماني جي گردش سبب تبديل ٿي هن طرح بڻجي ويو ”هُجئي ناڻو ته ڇَڏَ لاڙڪاڻو.“ ان لاڙڪاڻي ”گهمڻ“ ۽ ”ڇڏڻ“ ۾ فرق جو سبب شايد هڪ نه پر گهڻا ڪارڻ هجن! پر لاڙڪاڻي کي سنڌ ۾ سياستدانن جي سرزمين چيو وڃي ٿو، جنهن وڏا ڪامورا ۽ علم وارا انسان سنڌ ۽ پاڪستان کي ڏنا، پر انهن انسانن ڪڏهن سنڌ ۾ ”واهه واهه“ ڪرائي ته ڪڏهن پنهنجي ڪردار ۽ وقت جي تقاضا ۽ سياسي مصلحت سبب سنڌ واسين کي ڏک به رسايو. البته لاڙڪاڻي جي هر انسان جا ماضي ۾ ڇڏيل نشان سندس ويندڙ واٽ تي واضح ۽ صاف نظر اچن ٿا.

مُهين جو دڙو - زرار پيرزادو

مُهين جو دڙو
سرڪاري لاپرواهي جو شڪار
زرار پيرزادو
مُهين جي دڙي جو هيءُ ماڳ نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو تهذيبي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. ان عالمي تهذيبي ورثي کي بچائڻ لاءِ سنڌ، پاڪستان ۽ باقي دنيا ڪيترو سنجيده آهي، تنهن جو جائزو وٺڻ بيحد ضروري آهي.
مُهين جي دڙي جي کنڊر جي تحفظ لاءِ، حڪومتي سطح تي جيڪا ڪارڪردگي ڏيکاري وئي آهي، اچو ته تنهن جو جائزو پيش ڪيون. پر ان کان اڳ ۾ اچو ته ڏسون ته مُهين جو دڙو ڪيئن دريافت ٿيو.