تجر بلڊنگ
لاڙڪاڻي جي تاريخي عمارت
ذوالفقار راڄپر
۱۹۶۰ جي ڏهاڪي دوران جڏهن لاڙڪاڻي جي شهرين جي هڪ وڏي اڪثريت
جي گهرن ۾ ريڊيو اڻ لڀ هوندو هو، تڏهن ان دور ۾ شهري روڊن ۽ اهم چونڪن تي لڳل لائوڊ
اسپيڪرن وسيلي سنڌي، اردو گانا، گيت، خبرون، گم ٿيل ٻارن جا پڙها ۽ ٻيا اعلان هڪ مقامي
ريڊيو اسٽيشن وسيلي ٻڌندا هئا،اهو مقامي ريڊيو
جنهن عمارت ۾ موجود هو، اها شهر جي وچ ۾ تجر بلڊنگ جي نالي سان مشهورآهي ۽ اڄ جنهن
باغ کي جناح باغ چيو وڃي ٿو،ان جو به نالو تجر باغ هو. اسان خود اها تجر عمارت ،پاڪستان
نيشنل سينٽر،(جنهن کي چونڊيل نمائندن جي مافيا
پاران پنهنجي ڪرپشن جي ديڳ ۾ وڌيڪ پئسا ڀرڻ لا۽
ڊاهي پٽ ڪري ان جي جاءِ تي هڪ لائبريري جوڙائڻ جو ڏيکاءُ ٿي رهيو آهي) ان جي ڀر ۾ ڏسندي وڏا ٿيا آهيون. شهر جي ڪجهه جهونن
شهرين ايڊووڪيٽ امان الله شيخ ۽ سائين اعجاز پيرزادو ٻڌايو ته انهن پنهنجي اڀرندڙ جواني
جي جوڀن جي ڏينهن ۾ شهر جي چونڪن تي لڳل لائوڊ اسپيڪرن وسيلي تجر بلڊنگ ۾ موجود مقامي
براڊ ڪاسٽنگ سروس وسيلي گانا، ملڪي ۽ مقامي
خبرون ٻڌيون هيون.