Monday, October 1, 2012

موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت - ايڇ. ٽي ليمبرڪ


موهن جي دڙي جي تهذيب ۽ ثقافت
سنڌو تهذيب- عروج ۽ زوال
ترجمو: سومار علي سومار سومرو
سنڌو تهذيب کي ٻين کان نمايان ۽ جدا ڪندڙ انتهائي لاجواب خصوصيت طور تسليم ڪيو ويو آهي، ان جي باوجود جڏهن به ان جو ڪو نئون مثال سنڌو ماٿريءَ جي ”بادشاهي شهر“ کان دور ۽ اڃا به وڌيڪ دور واقع ڪنهن علائقي مان ملندو، تڏهن اهو وري نئين سر آثار قديم جي ڳولائن لاءِ حيران ۽ متعجب ڪرڻ جو سامان مهيا ڪندو. ٺڪر جي ٿانون جي ساڳي شڪل ۽ صورت ۽ مٿن نڪتل ساڳين چٽن ۽ تصويرن جو بار بار ۽ باقائدگيءَ سان ايڏيءَ وڏيءَ ايراضيءَ ۾ ڦهليل شهرن مان لڀڻ، ماڻهوءَ جي دل ۾ الهندي يورپ ۾ ”سامائين“ برتنن جي وسيع ايراضيءَ ۾ دريافت جو خيال پيدا ڪري ٿو، پر ان مان هي نتيجو نٿو ڪڍي سگهجي ته سنڌوءَ جا ٺڪر وارا ٿانو خود سنڌو سلطنت ۾ شامل ٿيل علائقن ۾ تقسيم ڪرڻ جي غرض سان ڪو وڏي پيماني تي ٺاهيا ويندا هئا. مئڪي چوي ٿو ته ٺڪر جي ٿانون جي جنس کي خيال ۾ آڻيندي، معلوم پيو ٿئي ته ”موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ماڻهن ۾ تخليقي  قوت جي انتهائي حد تائين ڪوتاهي ۽ ڪمي هئي“ (۱) پر حقيقت ۾ انهن وٽ تخليقي قوت جي شايد ايتريقدر ڪمي ڪانه هئي، جيتري اها دٻائي ويندي هئي يا ڄاڻي ٻُجهي ان جي حوصله شڪني ڪئي ويندي هئي. يعني ائين کڻي چئجي ته سنڌو لوڪن جي ماتحت ايراضين مان هر ايراضيءَ ۾، انهيءَ ”صنعت“ جي فن ۽ مهارت جي نظم ۽ ضبط جو ڪو مرڪزي ادارو باقاعدگيءَ سان ڪم هلائيندو هو ۽ سڄيءَ ”سلطنت“ ۾ هڪ مرڪز تان ٺڪر جي ٿانون جي تقسيم نه، بلڪه تربيت يافته ڪاريگرن جي تقسيم  ٿيندي هئي. اها ئي حالت ٽامي ۾ پتل جي اوزارن جي آهي. انهن اوزارن جا هر شهر ۾، جتان به اهي لڌا آهن، ساڳي قسم ۽ ماپ جا نمونا ڪم ۾ آندل ڏٺا ويا آهن ۽ هر هنڌ انهن جي هڪ ئي مقرر نمونن جي حد بندي رائج ملي آهي. اوزارن جي ٺاهڻ جي فن ۾ انهي حيرت انگيز ۽ عجيب هڪ جهڙائيءَ جا به ڪيئي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. ان کان علاوه عام استعمال ۾ ايندڙ سڀني قديم شين جي ساخت ۾ ( مهرن وارن ”تعويذن“ کان علاوه) فني ۽ حرفتي مهارت، پروفيسر پگٽ جي قول موجب ڪڏهن به ماهرانه يڪرنگي کان مٿي نٿي پهچي. اهڙيءَ يڪسانيت جو سبب هن قياس ڪرڻ سان نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته سنڌو سلطنت جي دور ۾ سندن هر هڪ هنر ۽ فن جو نظام انهيءَ فن سان وابسته جماعت هلائيندي هئي.