Wednesday, February 9, 2011

اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر

پروفيسر نذير احمد سومرو
هن، عجب ۾ وجهندڙ حسين ۽ رنگين، ڪائنات جي جوڙيندڙ ڌڻي تعاليٰ جي ڌرتي چئن طرفن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ طرف جو نالو ”اُتر“ آهي. اولهه طرف جيان سنڌ ۾ ”اُتر“ کي به مقدس حيثيت حاصل آهي. عام مشاهدو آهي ته سنڌين جي اڪثر آبادي اُتر ڏي پير ڪري، ڪونه سمهي چي؛ ”اُتر طرف ته يارهين واري پيران پير دستگير جو روضو مبارڪ آهي، اوڏانهن پير ڪري ڇو گنهگار ٿيون؟“ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي مٿئين يا اترئين ڀاڱي کي ”سرو“ يا ”اُتر“ چيو وڃي ٿو ۽ اُتان جي رهاڪن کي اُترادي ۽ سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي کي لاڙ ۽ اتان جي رهندڙن کي لاڙيچو سڏجي ٿو. وٽن اُترادي لفظ جو مفهوم ڪجهه اُگرو آهي. جنهنڪري هيٺين چوڻي مشهور ڪئي اٿائون:

“اُترادي ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو”
يا
“لاڙ جو ماڻهو ، اُترادي ڍڳو”

موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر

پروفيسر نذير احمد سومرو
جيئن انساني زندگيءَ جي تاريخ جي ڪهاڻي پراڻي آهي، تيئن پهاڪن جي تواريخ به پراڻي آهي. اڄ تائين ڪو به پڪ ۽ وثوق سان چئي نه سگهيو آهي ته انسانن سان آباد هن رنگين دنيا جي سڀني ٻولين منجهان اها ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو ڪنهن پهاڪو ٻڌو ۽ ٺاهيو؟ ائين ئي هيءُ سوال به اڃا تائين حل طلب آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهاڪو ڪڏهن ٺهيو؟ يا پهريون ڀيرو سٺن لفظن تي مشتمل مڪمل يا اڌورو جملو ڪنهن چيو؟ جيڪو معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ايترو ته ڀرپور هيو جو سڀني انسانن متفق ٿي ان کي پهاڪو ڪوٺيو؟!! يا اهو ايترو وڻندڙ ۽ وزندار هيو، جو سڀني کي وڻيو ۽ باقي پهاڪا  پنهنجو پاڻ هڪ ٻئي جي پويان ٺهندا ويا. اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جي سڀني قومن جي مختلف اٿڻي ويهڻي ۽ تهذيبي تضاد جي باوجود پهاڪا/چوڻيون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان رڳو هڪجهڙا نه آهن، پر ڄڻ هڪ ٻئي جو نعم البدل آهن، هڪجهڙائي به ايتري جو، هڪ کي لڪائي ٻئي کي ڪڍ! ان جو هڪ سبب هي به نظر اچي ٿو ته انساني جبلتون هڪجهڙيون آهن، ڀلي جسماني رنگ ۽ رت جو گروپ مختلف ڇو نه هجي.

ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج ڪتاب بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج ڪتاب بابت سادا اکر

پروفيسر نذير احمد سومرو
دنيا جي مڙني قومن ۾، چاهي ڪهڙو به مذهب رکندڙ هجن، پنهنجي جداري ثقافت ۽ تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ هوندي به جيڪا ڳالهه گهڻي ڀاڱي مشترڪ آهي سي آهن پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون. فرق رڳو ٻوليءَ جو ٿئي ٿو. مثال طور انگريزيءَ ۾ سوئيٽي (Sweetie) فارسي، اردو ۽ پشتو ۾ شيرين ۽ سنڌيءَ ۾ مٺڻ. ائين پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان سڀني قومن جي ٻولين ۾ (سواءِ سنسڪرت) ساڳي طرح استعمال ٿين ٿا يا ڪيا وڃن ٿا، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ محاوري يا پهاڪي ۽ ورجيس جي. جيئن پشتو ڳالهائيندڙ هڪ پروفيسر شميم اختر يوسف زئي (ڪراچي) مون کي پشتو ٻوليءَ جو پهاڪو ٻڌايو ته :
پنهنجي ڪُڪڙ جو منهن ڪارو نه ٿئي جو پراون گهرن ۾ آنا لاهي ته پاڙي وارن سان جيڪر ڇو وڙهئون؟
هونءَ ته کوڙ مثال ڏئي سگهجن ٿا ته محاورن، پهاڪن ۽ ورجيسن جي مختلف ٻولين ۾ ڪيڏي هڪجهڙائي آهي پر هتي رڳو هڪ ٻه مثال ڏجن ٿا:
مثال سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: هنڌ اهو سڙي، جتي باهه ٻري.
 ۽ انگريزيءَ ۾  It is wearer, who knows where the shoe pinches.
يا سنڌي ءَ ۾: ميهار نڪتو مينهن مان، وڇن ڪهڙي پارت؟
اردوءَ ۾: ڇوڙي گائون سي ڪيا ناتا رشتا؟
۽ پنجابي ٻوليءَ ۾ : جهڙا ڇڊ ديان گران، اوندا لينا ڪهڙا نان؟

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم - پروفيسر نذير احمد سومرو

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم

پروفيسر نذير احمد سومرو
صُوبي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جو غير جانبدار نموني سان تجزيو ڪبو ته هي شهر سياسي توڙي مذهبي، ادبي توڙي ثقافتي ۽ تهذيبي خواهه تمدني طور، حسين ۽ سھڻن رنگا رنگي گلن جو اهو خوبصورت چمن آهي جنهن جي هر گل جو رنگ نرالو ۽ جداگانه، موهيندڙ ۽ خوشبودار آهي. هيءُ شهر، سياسي ۽ مذهبي، ادبي ۽ قديم روايتي تهذيب ۽ ثقافت جي ڪري اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ واري ٽٻ روشنيءَ سان دنيا جي اکين ۾ اجالو ڀري ٿو. گذريل ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين، لاڙڪاڻو برصغير جي حدن کان ٻاهر، موهن جي دڙي جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو. جڏھن ته ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ ۾، هڪ خوبصورت شخصيت جناب ذوالفقار علي ڀٽي، اهڙو اضافو ڪيو جو لاڙڪاڻي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو.


آئين فقير -پروفيسر نذير احمد سومرو


آئين فقير

پروفيسر نذير احمد سومرو

ٿيو هوش عقل حيران،
عشق ڪري آيو جُلبو جلدي ....
ٿيو هوش عقل حيران،
مٿيان ٻول چپن ۾ جهونگاريندو، سن ستر واري ڏهاڪي ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي مشهور شهر نئون ديرو ۾، هڪ قدآور، رنگ جو مشڪي، گهاٽيون ننڍيون مڇون، گهاٽي وڌيل ڏاڙهي، نه پوري رکيل نه پوري ڪوڙيل، قبول صورت، وڏيون ڳالهائيندڙ اکيون؛ جن ۾ هلڪي نشي يا عشق جي خمار جو تهه چڙهيل، مٿي تي ريلوي گارڊ يا ٽڪيٽ چيڪر/اسٽيشن ماسٽر کان ورتل ڪانن مان ٺهيل خوبصورت ٽوپلو (جيڪو اڄ ريلوي جا ملازم به ڪونه ٿا پائين پر هندستان ۾ ۽ 60 واري ڏهاڪي تائين ريلوي جي انهن ملازمن کان سواءِ، ملڪ جا صدر. وزيراعظم. گورنر، سفير، وڏا بيروڪريٽ، خانبهادر ٽائيپ زميندار، وڏيرا ۽ فلمي اداڪار شوقيه ۽ فيشن طور پائيندا هئا. ان ڪري ان ٽوپلي کي صاحبلوڪ ٽوپلو چيو ويندو هو)، بدن تي ڪڏهن گيڙو رنگ جو ۽ ڪڏهن ڪاري رنگ وارو عرب- ڪٽ ڊگهو گائون (جبو)، پيرين اگهاڙو، مُرن وٽ گهنگهرو ٻڌل، هڪ هٿ ۾ چپڙيون ۽ ٻئي ۾ يڪتارو، بازار ۾، هر دوڪان تان فقيراڻي ٻوليءَ ۾ سير ڪندو هو. نئون ديرو جي بازار ۾ ڪڏهن ڪڏهن نظر جي ور چڙهي ويندو هيو. سندس آواز ۾ اهڙو ڪو درد، سوز ۽ ميٺاڄ شامل هيو جو جڏهن ڪنهن درويش، فقير، الله لوڪ انسان، ڪنهن سنت ۽ ساڌوءَ يا ڪنهن جديد شاعر جا ٻول چپن ۾ جهونگاريندو هيو يا وڏي آواز ۾ آلاپ ڪڍندو هيو ته سندس جهونگار ۽ وڏي آواز کان متاثر ٿي راڳ رنگ جا متوالا ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪي ڪنجوس ماڻهو به کيس ڪجهه نه ڪجهه ”دان“ ڏيندا هيا. هي فقير نئون ديرو ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. وري جو گم ٿئي ته مهينن جا پانڌ، نظر نه ايندو هيو. 

استاد بخاري - ڪجهه يادون- پروفيسر نذير احمد سومرو


استاد بخاري - ڪجهه يادون

پروفيسر نذير احمد سومرو
پاڪستان ٺهئي کي ٻه چار سال مس گذريا آهن. سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو تاريخي ۽ روايتي ميلو زور شور سان شروع ٿي چڪو آهي. ميلي ۾ ڏينهن واري ماڻهن جي پيهه کان وڌيڪ رات جو ٿيندڙ، سنڌي مشاعري جي پنڊال ۾، ماڻهن جي رش ۽ رونق گهڻي آهي. جنوريءَ جا سُڪا سيءَ پئجي رهيا آهن. سيءَ کان بچڻ لاءِ، هر ڪو ماڻهو پاڻ کي گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيو سيڙهيو ۽ لڪيو ويٺو آهي. مشاعري ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن جي ننڍن وڏن شهرن کان نوان ۽ پراڻا، ڪهنه مشق شاعر آيل آهن. ضلعي دادوءَ جي شهر ڦلجي اسٽيشن کان ٻه ٽي ميل پري هڪ ڳوٺ غلام چانڊئي کان قدآور، سُهڻي مُنهن مهانڊي سان هڪ نوجوان شاعر، مشاعري جي پهريون ڀيرو ڪوٺَ ملڻ تي، اڳينءَ قطار جي ڇيڙي ۾، آخري ڪُرسيءَ تي ڪنڊائتو ٿيو ويٺو آهي. ڪجهه شاعرن کان پوءِ، پراڻي رنگ جو معروف شاعر سيد احسن الهاشمي شعر پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي اچي ٿو. سيد احسن الهاشميءَ جي شعر پڙهڻ کان ئي پنڊال ۾ واڪا، نعرا ۽ وري چئه، ٻيهر ٻڌاءِ جا آواز ٻڌي، غلام چانڊئي کان آيل نوجوان شاعر دل ئي دل ۾ چوي ٿو؛ ”ههڙي طاقتور شاعري ٻڌي، اسان پارن نَونَ شاعرن جي شاعري ڪير ٻڌي، اهڙو داد ڏيندو؟ هنن سٺن شاعرن جي درياءَ واري تيز وهڪري (شاعريءَ) ۾ اسان پارن شاعرن جا پير ڪٿي ڄمندا؟“ پنهنجو پاڻ سان پهه ڪري ٿو؛ ”آئنده شاعري ڪرڻ کان بس ڪئيسون. رڳو اڄوڪي رات خير سان گذري.“

استاد بخاري - روشن پيشاني - پروفيسر نذير احمد سومرو

استاد بخاري
روشن پيشاني

پروفيسر نذير احمد سومرو
1950ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي  بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر، دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪرانگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو.

استاد بخاريءَ جي ياد ۾ - پروفيسر نذير احمد سومرو


خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو!
(استاد بخاريءَ جي ياد ۾)

پروفيسر نذير احمد سومرو
ويهين صدي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لاءِ، آخري ڏهاڪي جي ابتدائي سال ۾ قدم رکيو ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بخاري ڀائر (اُستاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه بخاري) لنڊن جي اسپتال مان سنڌ ڏانهن اُسهڻ لاءِ آتا ويٺا هئا. ڪرام-ويل اسپتال جي ڊسچارج ٿيل مريضن جي ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو رنگين ڪلام شاعر، اُستاد بخاري زندگيءَ جي پينگهه ۾ آس ۽ نراس جي وچ ۾ لڏي رهيو هو.
وســــوســــو اڄ بــــه (ڀــــــي!) ٽـــــٽـــــل امـــــيــــــد تـــــي،
دل جــي مــرضـــي، مـــون کـــي آهــــي اعـــتـــبــــار!

ذوالفقار راشدي - پروفيسر نذير احمد سومرو


ذوالفقار راشدي
انقلاب ۽ سونهن جو شاعر 

پروفيسر نذير احمد سومرو
ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي جيڪا نئين پوش، ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿي، تن مان ذوالفقار راشدي به هڪ آهي. شيخ اياز، نياز همايوني، شيخ عبدالرزاق راز، بشير مورياڻي، بردو سنڌي، عبدالڪريم گدائي، غلام محمد گرامي، مخدوم طالب المولى، استاد بخاري، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، شيخ عبدالحليم جوش، علي محمد مجروح ۽ انهي سطح جي ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ نوجوان شاعرن جهڙوڪ: قمر شهباز، شيخ قيوم طراز، فتاح ملڪ، امداد حسيني، الطاف عباسي، محسن ڪڪڙائي، وفا پلي، وفا ناٿن شاهي، نظر سنڌي، تاج بلوچ ۽ ذوالفقار راشديءَ تائين، سنڌي پڙهندڙن سان متعارف ٿي. ٽه-ماهي مهراڻ ۽ ماهوار نئين زندگي جي ايڊيٽرن، پنهنجي جوهري ڏانءَ سان، انهن موتين کي جرڪايو ۽ نئين ٽهيءَ جو اصطلاح انهن شاعرن جي فڪري رنگيني ۽ اثر انگيزي جي ڪري ئي رائج ٿيو. جڏهن ون-يونٽ ٺهيو ته سنڌي شاعرن جو حسن ۽ عشق جي معاملن مان نڪري، زندگيءَ جي مسئلن سان متصادم ٿيو ۽ مزاحمت جو هڪ انوکو دور ۽ انداز شروع ٿيو. انهيءَ سموري دور ۾، نئين سنڌي شاعريءَ ڪلاسڪ سان پيچ پائيندي، انقلاب ۽ جمال جا نوان رنگ ڄمايا. مرحوم ذوالفقار راشديءَ جو شمار به انهيءَ دور جي فڪري ۽ فني طور تي مٿانهين درجي جي شاعرن منجهان ٿئي ٿو. هو نه رڳو اهم شاعر ۽ سچو صحافي هو پر علم ۽ ادب بابت، تنقيد جي ڏس ۾، سندس خاص نقطه نظر رهيو. ترقي پسندي ۽ جديديت واري آميزش وارو انداز. ذوالفقار راشديءَ کي علم ۽ ادب، ڏاڏنگ ۽ ناننگ کان ورثي ۾ مليو. سندس ناني ميان محمد عثمان خان وڳڻن واري جي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي والد الهداد خان جتوئي سان گهاٽي دوستي هوندي هئي. الهداد خان جتوئي، سندس ناني سان ملڻ لاءِ ايندو هو ته پنهنجي پٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي به پاڻ سان ورتيون ايندو هيو. ائين ذوالفقار راشديءَ جي حيدربخش جتوئيءَ سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جيڪا هم خياليءَ هجڻ سبب اڳتي هلي، گهاٽي دوستيءَ جو روپ اختيار ڪري وئي. ٻنهي جي عمرين ۾ گهڻو فرق هو پر انقلاب ڪنهن به حد سرحد جو قائل نه هوندو آهي. ويتر جو هندستان مان لڏي آيل هڪ نوجوان ۽ ترقي پسند ليکڪ نديم شاهين سهروردي (هن جي مزار هاري آفيس رتوديرو جي اڱڻ ۾آهي) سان ويجهڙائپ پيدا ٿي ته هن لاڙڪاڻي ۾ ننڍي کنڊ، ايشيا جي مشهور ڪميونسٽ اڳواڻ سيد جمال الدين بخاري سان کيس ملايو ته سندس ترقي پسند سوچ کي ڄڻ هٿي ملي وئي.
ذوالفقار راشدي هڪ گادي نشين پير هوندي به انقلاب جي گس جو پانڌيئڙو رهيو. روشن خيالي ۽ رومانس سندس مزاج جو حصو هئا. ذوالفقار راشديءَ، هڙان وڙان 1957ع ۾ نئون ديرو ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي. جنهن علائقي جي پٺتي پيل ماڻهن جي سياسي سرت کي مهميز ڏني. ڪانفرنس جي صدارت، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪئي ۽ ڪارروائي سيد جمال الدين بخاري هلائي. جنهن جا اثر، پري پري تائين پهتا ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ نوجوانن ساهس ڌاريو.
ذوالفقار راشدي، پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مضبوط اعصابي قوتن جو مالڪ هو. کيس زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي تڪليف-ده ۽ ناخوشگوار ذاتي آزمائشن مان گذرڻو پيو پر هو نظرئي سان سچائيءَ جي ڪري مستحڪم رهيو. اهڙيءَ ريت ادبي دنيا ۾ به نوان معرڪا سَرِ ڪيائين.
ماهوار سوجهرو جي پهرئين ستر واري دور ۾، ادبي ڪمٽمنٽ ۽ نان ڪمٽمنٽ تي هلندڙ بحث ۾ شامل هڪ طرف تنوير عباسي، ممتاز مهر، خواجه سليم، ديپڪ اترادي (فرضي نالو) ۽ سليم سولنگي جهڙا وڏن نالن وارا اديب هئا ته ٻئي طرف ذوالفقار راشدي اڪيلو هو. جن جي وچ ۾ اڻ کٽ بحث هليا ۽ ڪيترائي فڪري مغالطا دور ٿيا ۽ نقد و نظر جو نئون باب کليو. ذوالفقار راشدي من موهيندڙ شخصيت جو مالڪ ۽ ملوڪ ماڻهو هو. سندس سهپ، علمي ڄاڻ ۽ رواداري اڄ به مثالي چئجي ٿي. هڪ دفعي باليءَ ۽ مير علي نواز خان ناز واري خيرپور کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٺهيل ون-يونٽ بلڊنگ ۾ موجود هڪ آفيس ۾ ڪو ڪم ڪار هوس. ڪار قومي شاهراهه تان لهي جڏهن ون-يونٽ بلڊنگ جي ٻاهران بيٺي ته ڪار مان لهڻ بجاءِ ڪنڌ پوئتي ڦيري چيائين: ”خيرپور سان تعلق رکندڙ ٻه وزير، ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ صوبائي ۽ مرڪزي وزارتون سيڙايون ويٺا آهن. ڇا هن بلڊنگ جو نالو حيدرآباد واري بلڊنگ وانگر بدلائي ناز بلڊنگ يا بالي بلڊنگ نه پئي ٿي سگهيو؟“ آفيس مان ڪم ڪار ڇڏائي واندو ٿي، ڪار جڏهن دل شاد منزل ڀرسان گذري ته ڏک وچان چيائين؛ ”هيءَ عمارت به هندستان جي تاج محل وانگر محبت جو يادگار آهي. هن محل نما عمارت ۾ خيرپور رياست جي والي مير علي نواز خان ناز جي حڪمران، اقبال بيگم عرف بالي رهندي هئي. اڄ هن محل جي حالت اها آهي جو اردوءَ جي ڪنهن شاعر جي سٽ وانگر:

الله ري سناٽا ڪه آواز ڀي نهين آتي.

ذوالفقار راشدي، لفظن جي مزاج، معنائن ۽ انهن جي رمزن ۽ اسرارن جو شناسور قلمڪار هو. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ لفظن جي ڀرٿي نظر نه  ايندي. سندس شعري مجوعي، سوچ کي لوچ ۾ سندس گهرن ۽ تکن جذبن، اُڌمن ۽ مشاهدن واري شاعريءَ ۾ سندس خاص ۽ الڳ رنگ نظر ايندو. سندس ڊڪشن، سندس تجربي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي.
ذوالفقار راشديءَ جي شاعريءَ مان هر مڪتبه فڪر، مطالعي جو صاحب، ننڍي يا وڏي عمر وارو پڙهندڙ، حِظُ ماڻي سگهي ٿو.
سنڌيءَ ۾ جيڪي هڪ ٻه وڏا غزل جا شاعر آهن، ذوالفقار راشديءَ جو نالو انهيءَ فهرست ۾ شامل آهي. سندس غزل جي علامتن، اشارن جي ڪري شعريت جو رنگ ڏاڍو گهرو آهي. هن غزل جي مروجه ۽ نئين لوازمات کي سونهن ۽ غنايت سان هنڍايو آهي.
ذوالفقار راشديءَ جي غزل ۾، نفيس خيال، لهجي جي انفراديت، فڪر جي گهرائي، ڪلاسيڪل روايتن جي پاسداري، تقليدي نه پر تخليقي نوعيت جي آهي ۽ انهن وصفن ئي کيس قادر الڪلام شاعر ثابت ڪيو آهي.
سندس هڪ غزل آهي:

گذاريــــــون پريشــــــــــان خـــــــيالات وانـــــــگر
يـــــا ويــران ويـــران مـــــحــــــــــــلات وانــــگـــــر

اکين مان ٽمئون ٿا، ڳلن تي ڳڙئون ٿا
ســدائين ٿـــــــــڌي بوند برســـــات وانگر

جــــــتـــــــي لــــــــــــــفــــظ پــــابــــند، آواز قــيدي
بـــــهــــشـــــت بــــريــــن ســــو حـــوالات وانگر

اهـــــــا ٻـــــاٽ ڪـــــاري، وڃــــڻ واري آهــي
هـــــــي آثــــار اوڀـــــر ۾ پـــــرڀــــــات وانـــــگـــر

ڪوئي جانِ عالم، اسان جو به هوندو،
اچـــي ڪـــوٽ ڊاهي، طلســـمات وانگر.

شاعريءَ سميت، هو عمدو نقاد پڻ هو. سندس مغربي ادب جو گهرو ۽ وسيع مطالعو هو. جنهن جو اثر سندس تنقيدي مضمونن مان ليئا پائيندي نطر اچي ٿو. ڪسوٽي، سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو آهي. هو معروضي حقيقتن جو نقاد ۽ گهڻ-پڙهيو فرد هو.
سندس مزاج ۾، پنهنجون ديسي روايتون به شامل آهن. ذوالفقار راشديءَ جي تنقيد، معروضي آهي. هو پاسخاطريءَ يا ذاتي حملن کان گهڻو تڻو پاسيرو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس تنقيد ۾ به سندس شاعريءَ وانگر، اخلاقي قدرن ۽ مشرقي روايتن جو خوبصورت انداز موجود آهي. جيڪو سندس ڇنڊڇاڻ واري سونهن کي معتبر بڻائي ٿو.

باليءَ وارو مير علي نواز ”ناز“ - پروفيسر نذير احمد سومرو



باليءَ وارو مير علي نواز ”ناز“
پروفيسر نذير احمد سومرو
ڪن شهرن ۽ ڪن شخصيتن جو تهذيبي ۽ تاريخي داستان، ڪڏهن عجيب ۽ ڪڏهن عجيب تر ٿئي ٿو. عام مشاهدو ته اهو آهي؛ ڪن شهرن، ڳوٺن، رياستن يا منجھن رهندڙ شخصيتن جي تاريخ پنهنجي دؤر جي فروغ ۾ توسيعي معنيٰ جي لحاظ کان گهڻو ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي تاريخ کان به گهڻي وڏي هوندي آهي. اهڙا شهر يا ڳوٺ پنهنجي شخصيتن جي حوالي سان سڃاڻپ ۽ انهن جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترن ئي جماعتن ۽ سياسي پارٽين تي فوقيت رکندا آهن. ڪجهه شهر ۽ شخصيتون ته پنهنجي سيني اندر تاريخي سفر اهڙي طرح سمائي ڇڏيندا آهن، جو اهي پنهنجي شاندار ماضيءَ جو، اکين ۽ ذهنن کي نيرو ڪندڙ روشنيءَ ۾، پنهنجي سفر جي ڪهاڻي ٻڌائيندي نظر ايندا آهن. اهڙن شهرن يا رياستن منجهان رياست خيرپور ۽ ان جو مثالي دردمند ۽ عاشقاڻو مزاج رکندڙ شاعر ۽ حڪمران، مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر به هڪ آهي. جڏهن رياست خيرپور ۽ ان جي واليءَ مير علي نواز خان ”ناز“ ٽالپر جي دؤر واري تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته بي اختيار، اردو جي نفيس ترين شاعر، مرزا اسد الله خان غالب جو هيءُ شعر ذهن جي پردي تي اڀري اچي ٿو:
”محفلين در هم ڪري هي، گنجفه باز خيال،
هين ورق گرداني ڪه نيرنگ يک بتخانه هم“.

پکڙا ۽ پنهوار وارو ”گدائي“ - پروفيسر نذير احمد سومرو


پکڙا ۽ پنهوار وارو ”گدائي“

پروفيسر نذير احمد سومرو
ماضيءَ جي يادن جا نقش، زندگيءَ جي تصور جي رُخ تي نمايان ٿي بيهي رهيا آهن. هاڻي ته عُمر عزيز اڌ صديءَ کان به تجاوز ڪري چُڪي آهي. ياد ٿو پئي اُهو سال 1968ع وارو زمانو هو. صوبو سنڌ بدنام زمانه ”ون يونٽ“ جي قهري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل يا ايئن کڻي چئجي ته چوکنڀو ٻڌل هو. ان زماني ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته فقط ٻن سالن کان پوءِ ان وقت جي پاڪستاني صدر آغا يحيٰ خان جي مارشل لا جي هڪ فقري سان ”ون يونٽ“ ڪنهن ڀُتي ڀت وانگر اچي ڦهه ڪري ڪري پوندو ۽ سنڌ صوبو 1935ع واري انڊين ايڪٽ تحت پنهنجي صوبائي اصلي شڪل ۽ حالت وٺندو، جيڪا کيس ممبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل هجڻ ڀيري حاصل هئي.

جڏهن دلگير، دلگير ٿي لاڙڪاڻي کان موڪلايو - پروفيسر نذير احمد سومرو


جڏهن دلگير، دلگير ٿي لاڙڪاڻي کان موڪلايو

پروفيسر نذير احمد سومرو
لاڙڪاڻي جي مٽيءَ مان چمڪندڙ هڪ هيري جو نالو؛ هري دَرياني دلگير آهي. ٻه چار ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي. آءٌ هري دَرياني دلگير جي لاڙڪاڻي واري پراڻي گهر جي جاءِ (جتي هري درياني دلگير بانبڙا پائي زندگيءَ جي ڏاڪڻ تي قدم رکيا هئا) وٽان گذرندي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي طبع پرسي ڪرڻ لاءِ سندس قيام گاهه ڏانهن پئي ويس ته واٽ تي هڪ دوست مليو. مون تي نظر پوندي ئي چيائين؛ ”يار! ڳالهه ٻڌئي؟ هري درياني دلگير به پرلوڪ پڌاري ويو!“ وائڙو ٿي پڇيومانس ته؛ ”ڪڏهن؟“ ٻڌايائين؛ ”هاڻي هاڻي ڪي ٽي اين خبر نشر ڪئي آهي.“
ورهاڱي کان پوءِ سڄي سنڌ وانگر لاڙڪاڻي جا هندو به لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا. هري درياني دلگير جا مٽ مائٽ ۽ دوست، کيس لڏڻ جو مشورو ڏيڻ لڳا.

جمعو فقير- پروفيسر نذير احمد سومرو


جمعو فقير
 وتائي فقير جو جانشين  

پروفيسر نذير احمد سومرو
سنڌي قوم سان الله پاڪ وڏا ڀال/ وڙ ڪيا آهن. هن سونهن ۽ سچ جي ڌرتيءَ تي قدرت اهڙا ماڻهو به پيدا ڪيا، جيڪي پنهنجي ذهني اڏام، قول ۽ فعل جي ڪري اتم هئا. پر اسان وٽ (سنڌي قوم ۾) چريا/ اڌ مغزي/ ٽوٽڪائي جهڙا قبيح نالا، کين لقب طور نصيب ٿيا.
ايران ۾ هڪڙو ڪردار پيدا ٿيو. جنهن جو نالو ملا نصر الدين هيو ۽ ايران يا فارس وارا، اڄ تائين ملا نصر تي ناز ڪندا اچن ٿا. ان جي ابتڙ، اسان وٽ وتائي فقير جهڙي داناءَ ۽ ڏاهي ماڻهو کي چرچائي طور سڃاتو ۽ ليکيو وڃي ٿو. اڄ به سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ/ شهر ۾ جتي چند ماڻهو گڏ ٿين ٿا ۽ جڏهن کين ڳالهائڻ لاءِ موضوع نه ٿا ملن ته چوندا آھن؛ “يار ڀلا ڪو وتائي فقير جو ٽوٽڪو ئي ٻڌاءِ!” معنى وتائي فقير جهڙي داناءَ ماڻهو کي کل ڀوڳ ڪندڙ مشڪرو سمجهيو وڃي ٿو. وتائي فقير جي ڏاهپ ۽ دانشمنديءَ جي قولن کي ٽوٽڪو/ لٽڪو چٽڪو سمجهي ان تي کليو وڃي ٿو!!

ذوالفقار راشدي - پروفيسر نذير احمد سومرو


ذوالفقار راشدي: گهڻ-رخي شخصيت

پروفيسر نذير احمد سومرو

نوٽ: ذوالفقار راشدي، 10 مارچ 1938ع ڌاري، راشدي گهراڻي جي ستين پڳدار سيد امام راشديءَ جي گهر، پير ڳوٺ ۾ اکيون کوليون. هن سموري تعليم خانگي طريقي سان حاصل ڪئي. انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين تي عبور حاصل ڪيو. هو صحافي به رهيو ته حيدر بخش جتوئي جي هاري ڪاميٽيءَ ۾ به سرگرميءَ سان بهرو ورتائين. سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال بخاري، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، ۽ ننڍي کنڊ جي ليکڪا قرت العين حيدر ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن سان سندس علمي، ادبي ۽ سياسي لاڳاپا رهيا. مذهبِ انسانيت رسالو به ڪڍيائين.
ڪسوٽي سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو ۽ سوچ کي لوچ سندس شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب آهن. ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا مسودا سندس لائبرري ۾ موجود آهن.                                
(ايديٽر ماهوار سوجهرو)

سنڌ جي شاعرن ۾ ذوالفقار راشدي کي هڪ منفرد ۽ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سندس غزل ۾ تغزل، تازگي ۽ لهجي ۾ نواڻ ۽ سوز آهي. روايتي سنڌي غزل کي ذوالفقار راشدي شعري جماليات ۽ لسانيات جو نئون وڳو پهرايو. جنهن سان سندس غزل جو حسن ٻيڻو ٿي پيو ۽ غزل-گو شاعر جي حيثيت ۾، سندس سڃاڻپ به قائم ٿي.

رتوديرو جا وسريل ورق - پروفيسر نذير احمد سومرو

رتوديرو جا وسريل ورق

پروفيسر نذير احمد سومرو
لاڙڪاڻي کان شڪارپور ويندڙ رستي تي رتوديرو جي نالي سان هڪ قديم شهر موجود آهي. هي شهر پنهنجي پس منظر ۾ تاريخي، سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ شاهوڪار شهر آهي. جنهن جي هڪ عمارت کي ڇڏي ٻي عمارت، جاءِ، ماڙي، ماڳ مڪان يا ميدان سان ڪو نه ڪو تاريخي حوالو لاڳاپيل ضرور آهي. اگر ڪنهن طرح ڪنهن جاءِ، ميدان سان ڪا تاريخ ڪانهي ته پوءِ پڪ ان شهر جي جاگرافي، سماجي حيثيت، مذهبي ۽ ثقافتي پس منظر، ادب ۽ فنونِ لطيفه پڻ سمايل آهي. سنڌ جي ٻين شهر وانگر آباديءَ جي دٻاءَ سبب هيءُ شهر به هاڻي چئني طرفن کان وڌي چڪو آهي. لاڙڪاڻي کي ضلعو بنائڻ کان پوءِ رتو ديرو ۾ مختيارڪار جي آفيس ۽ رهائش گاه جي عمارت، جيل خاني سميت 1912ع م، ان وقت لاڙڪاڻي جي ضلعي ڪليڪٽر جي- آر- مارٽن جي دور ۾ ٺهي. جڏهن قيدين جو تعداد وڌي ويو ته لاڙڪاڻي جي هڪ ٻئي انگريز ڪليڪٽر ڊبليو- ايف- هوبسن 1914ع ۾ قيدين جي کاڌ خوراڪ ٺاهڻ لاءِ هڪ بورچيخانو تيار ڪرايو. هي ٻئي عمارتون بنا ڪنهن مرمت ٿيڻ جي اصلي شڪل ۽ حالت ۾ اڃا تائين موجود آهن. 1929ع ۾، مختيارڪار جي آفيس ۽ رهائشگاه جي ڀرسان اوڀر ۾ هڪ نئين عمارت تعلقي لوڪل بورڊ جي نالي سان ٺهي، جنهن جو افتتاح ان وقت لاڙڪاڻي جي انگريز ڪليڪٽر ڊي- مئڪلين ڪيو هو.

-شهيد ڀٽو ڌارين جي نظر ۾ - پروفيسر نذير احمد سومرو


سڪيلڌن سور......
(شهيد ڀٽو ڌارين جي نظر ۾)

پروفيسر نذير احمد سومرو

يادون به سدا سرسبز سائي وڻ جيان ٿين. خزان اچي ته کوڙ ساتريون يادون به سڪل پنن جيان ڇڻيو وڃن. پر ڪجهه يادن ۾ ايتري ته تازگي، سونهن ۽ شادابي ٿئي ٿي جو خزان جون هوائون ڪيترو به زور لڳائن پر اهڙين سونهري ۽ سدا بهار يادن جي سونهن ۽ تازگيءَ کي ڪومائي نه سگهن. ڪجهه يادون محبوبن جي حسين تصور ۽ خوبصورت خيالن جيان کٿوري بڻجي وجود جي چوگرد واسو ڪري خيالن ۽ تصور کي به ديوانو بڻايو ڇڏين.
گڏيل پاڪستان جو آخري سال هو، گڏيل پاڪستان ۾ چونڊون ٿيڻ کان پوءِ قومي اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ٿيڻ لاءِ سياستدانن جا هڪ ٻئي سان رابطا هيا ۽ انهن جي وچ ۾ رسمي ۽ غير رسمي ڳالهين جا مختلف دور ٿي رهيا هيا. اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ موجوده بنگلاديش جو هڪ اهم سياسي ليڊر مولوي فريد احمد لاڙڪاڻي جي دوري تي آيل هو. مولوي فريد احمد جي لاڙڪاڻي جي پراڻن ۽ کک سياستدانن سان ڏند شيڪ پراڻي هئي. مولوي فريد احمد جو ماروٽ انتخاب الحق، منهنجي والد عبدالحميد سومري ۽ چاچي حاجي درمحمد سان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ نه رڳو گڏ پڙهندو هيو پر علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي محسن الملڪ هاسٽل جو روم پارٽنر پڻ هيو. ان حوالي سان مولوي فريد احمد قرب ڪري اسان وٽ به هلي آيو. وچولي قد ۽ ڀريل بدن سان مسڪرائيندڙ چهري وارو شخص هو. جناح ڪيپ پائيندو هو ۽ هلڪي ٻچي ڏاڙهي هوندي هئس. اسان جي اوطاق تي سياستدانن بابت ڳالهائي رهيو هو:

ڪامريد سوڀو- پروفيسر نذير احمد سومرو


ڪامريد سوڀو
هڪ اڻ ڌرئي جي نظر ۾

پروفيسر نذير احمد سومرو
سنڌ ۾ جڏهن واچون ۽ گهڙيال، وقت ڪونه ٻڌائيندا هئا. تڏهن سج جا پاڇا ڏسي، ماڻهو وقت جو اندازو لڳائيندا هئا. اهڙن لهندڙ پاڇن جي وقت، سنڌو درياهه جي پرئين ڪناري جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جو رهندڙ واپاري ڪاڪو گيان چند، پراڻي لب درياهه (ڏوڪري) جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ واپار سانگي اچي ڊاٻو ڪيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ اھو ڳوٺ بگيءَ ۾ رهي پيو. ڪاڪي گيان چند جي نالي پويان، سندس پيڙهيءَ مان پيدا ٿيندڙ اولاد، گيانچنداڻي جي نک سان مشهور ٿيو. ان گيانچنداڻي آڪهه مان هڪ سلڇڻو ۽ سهڻن مهانڊن وارو ٻار پيدا ٿيو. جيڪو اڳتي هلي ننڍي کنڊ جو مشهور ۽ معروف انقلابي شخص سوڀو گيانچنداڻي بڻيو.

نياز همايوني - پروفيسر نذير احمد سومرو



چنڊ کي مون سان پريت ٿي ويئي!
(نياز همايونيءَ جي ياد ۾)

پروفيسر نذير احمد سومرو
پل پهر ته ڇا؟ ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال به ڄڻ ليئا ۽ جهاتيون پايو هليا ويا. وڏو عرصو گذري چڪو آهي. 1975ع جي مهڙ جي ڳالهه آهي. سنڌ جي نامور شاعر، نقاد ۽ اديب ذوالفقار راشديءَ سان ڪچهري ڪري، سندس بنگلي تان موٽي گهر پهتس ئي مس ته سندس سبيءَ جي خاص مُريد، خجڪ اچي در کڙڪايو.
”خير ته آهي؟“ اوچتو اچڻ جو سبب پڇيومانس.
”مون کي ڪهڙي خبر. سائين (ذوالفقار راشدي) تو کي سڏڻو آ. تو کي ڄُلڻو آ. سو تون مون سان ڄُل.“ هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو. ”مون کي ڪهڙو خبر ته ڇو؟ توکي سائين سڏي ٿو پيو ۽ مون سان گڏجي هل.“
زور ان وقت گڏجي هلڻ تي هو.

نئون ديرو جا نوان ۽ پراڻا ورق - پروفيسر نذير آحمد سومرو


نئون ديرو
نوان ۽ پراڻا ورق
پروفيسر نذير احمد سومرو

مائي نوران:
مائي نوران رنگ جي ڀوري، جسم ۾ گهڻي ڀريل هوندي هئي. سندس امتيازي نشان ٻه هئا. هڪ: چيچ ۽ ٻاچ جي وچ ۾ سگريٽ يا ٻيڙيءَ جو هجڻ. ٻيو: مرداڻي انداز ۾ هوٽل جي بيرن کي گاريون ڏيڻ. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گهري واقفڪار کي (جنهن جي ڦٽندي هئي ۽ هوٽل وٽان گذرندو هو) پري کان ئي سڏيندي گارين جي وٽ ڪرائي ڇڏيندي هئي. مائي نوران جي هوٽل تان، برف به ملندي هئي. ان زماني ۾، نه فرج هئي ۽ نه وري ڪو ڊيپ فريزر جو رواج هو. سنڌي ڳوٺاڻا ته برف واري پاڻي تي، ڪنهن وڻ جي ڇانو ۾ پيل دلي، يا مٽيءَ جي پاڻي کي ترجيح ڏيندا هئا. ان وقت نئون ديرو، هڪ ٻهراڙيءَ جيان هو. اتي هڪ هوٽل جي ڪائونٽر تي عورت جو ويهڻ ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪا مارواڙڻ سيٺياڻي، ممبئي شهر جي ڪنهن هوٽل تي ويٺي آهي. مان سمجهان ٿو ته ان وقت ۽ هاڻي به، سڄي سنڌ ۾ اهڙي ڪنهن هوٽل تي، مائي نوران پهرين عورت هئي، جيڪا هوٽل جي ڪائونٽر تي ويهي، هوٽل هلائيندي هئي. سندس وڏي ڪائونٽر تي جهازي سائيز جو، مرفي (Murfi) ڪمپنيءَ جو ڊراءِ بيٽريءَ تي هلندڙ ريديو پيو هوندو هو. جنهن جي ايريل، اٽڪل 50 فوٽ فضا ۾ بلند ٿيل هوندي هئي. تڏهن ئي اهو ريديو ڪم ڪندو هو. نئون ديرو ته ڇا پر سڄي سنڌ جي تاريخ ۾، هوٽل هلائڻ واري مائي نوران پهرين عورت هئي. کيس ڪوبه نرينو اولاد ڪونه ٿيو. فقط هڪ نياڻي هيس، جنهن جو نالو ارباب خاتون ھو، سا به سندس وانگر جوانيءَ ۾ بيوهه ٿي وئي. جنهن مان گليءَ نالي هڪ ڏهوٽو ڄائس.

وفا ناٿن شاهي - پروفيسر نذير احمد سومرو

وفا ناٿن شاهي
هڪ شخص هڪ شاعر

پروفيسر نذير احمد سومرو
ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. زندگيءَ جا ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال، پل بڻجي, هوا ۾ اڏري ويا آهن. 1976ع جي جنوري وارو مهينو هو. سڄو آسمان ڪارن ڪڪرن ۽ ڀورن بادلن سان ڀريل هو. سڄي رات مينهن ڇڇڪار ڪري وسيو هو. صبح جا 10 پئي ٿيا پر اڃا سنهي بوند لڳاتار وسي رهي هئي. جنهن جسم ۾ سيئاندو پئي ڪيو. (ان زماني ۾ سيءَ به ڏاڍا پوندا هئا. ويهين صديءَ جي آخري سالن کان نقلي خدائن بم بارود هڻي. اصل خدا جي ڌرتي کي ڌرتتي ۽ تنور بڻائي ڇڏيو آهي، جو سيءَ ۽ ڪتيءَ لٿا پارا به ڄڻ موڪلائي ويا آهن). مان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، هاڻوڪي استاد بخاري ڪاليج، دادوءَ جي ڪيمپس ۾ ٺهيل هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾، ڪوئلن جي سگريءَ تي چانهه ٺاهي رهيو هيم. ڪمري جو ٻيڪڙيل در، اوچتو کليو ۽ استاد بخاريءَ جو آواز آيو؛ “ڇو ڀلا 10 به ٿي ويا آهن ۽ اڃا ڪاليج لاءِ تيار ناهين ٿيو؟” سگريءَ تي نظر پوندي چيائين؛ “ههڙي سهاني موسم، اڃا به ائين چئجي ته عاشقاڻي موسم ۾ چئبو ته چانهه جو مزو پيو وٺين.” سندس پويان، ٻه قداور ۽ اوپرا ماڻهو به اندر داخل ٿيا. منجھائنن هڪڙو ڪلين شيو هو ۽ مٿي تي هلڪا وار هيس. ٻئي جون مڇون رکيل ھيون ۽ ڏاڙهي صاف ھئس. نظر جي عينڪ پاتل ھئس ۽ مشهور انگريزي شاعر شيڪسپيئر-ڪٽ وڏا وار رکيل هيس. ٽپ ڏئياٿيس ۽ استاد بخاريءَ سان ڀاڪر پائي مليم. باقي ٻنهي سان روايتي سنڌي انداز ۾ کيڪار ڪيم ۽ کين ڪرسين تي ويهڻ جي آڇ ڪيم. ھو ٻئي ته ڪرسين تي ويهي رهيا پر استاد بخاري بوٽ لاهي، مون واري وڇايل هنڌ تي چڙهي، گرم ڪمبل ۾ پاڻ کي ويڙهي سيڙهي چيو؛ “ننڍپڻ لاڪون پاڻ کي سوڙ ۾ ويڙهي يا گهر جي چلهه ۾ ٻريل باهه جي ڀرسان ويهي هٿ پير سيڪڻ، منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي عياشي رهي آهي. هينئر به جڏهن منهنجي عمر 40 سالن کان مٿي هلڻ واري آهي ته به آئون ڄڻ ڪو ٻار آهيان، جيڪو سوڙ ۽ چلهه جي ڀرسان ويهڻ واري عياشي ڪري ٿو.”