Thursday, July 16, 2026

انند شيوا منڊلي

انند شيوا منڊلي

لاڙڪاڻو شهر جو پهريون فلاحي ادارو

آصف رضا موريو



ان ڳالهه کان انڪار ڪونه آهي ته سنڌ جهڙي ترقي، خوبصورتي، مهانتا ۽ حسناڪي هندڪي ۽ برطانوي دور ۾ ڏٺي ورهاڱي کان پوءِ اهي سموريون ساحريون آهستي آهستي وڃائيندي رهي آهي. هندڪي دور ۾ سنڌ سچ ۾ سون جي جهرڪي هوندي هئي جتي ھندو پئنچاتي ڌرمشالائون، ڪسرت شالائون، سناتن ھندو شالا، مفت ويم گهر، ڪلبون، جيمخانا، شيوا منڊليون، رام منڊليون، پئنچاتي جل آشرم، غريب آباد پنچائتون، سڌار سڀائون، ناري شالائون، هندو ادبي منڊليون، سنگهه ۽ سنگيت سڀائون، جل ڪنعيا آشرمون، ڊرئيميٽڪ سوسائٽيون، هندو گرو سنگتيون، هندو اپڪارڪ منڊليون، وڌوا آشرمون، ڪنعيا ودياشالائون وغيره سنڌي سماج جي سونهن جيان هونديون هيون جن جا ڄار ننڍن وڏن شهرن ۾ پکڙيل هوندا هيا.


لاڙڪاڻو شهر به هندڪي دور ۾ اهڙو هيو جنهن لاءِ مثال ڏنا ويندا هيا ته ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو“، ۽ هن شهر کي هند جو عدن پڻ چيو ويندو هيو جنهن جي پهرين باضابطه اين جي او انند شيوا منڊلي هئي جنهن جو بڻياد ۱۹۲۱ع ۾ شهر جي ڪجهه همدرد دل رکندڙ شهرين جن ۾ خاص سيٺ گيانچند پيش پيش هيو، رکيو. انند سيٺ گيانچند جي مرحوم پٽ جو نالو، هيو جيڪو هڪ حادثي ۾ پرلوڪ سڌاري ويو هيو، جنهن جي روح کي ثواب بخشڻ لاءِ سيٺ گيان چند منڊلي کي سندس نالو منسوب ڪيو هيو. رام موٽواڻي ان جو پهريون صدر هيو.

انند شيوامنڊلي جي ورسي تي پڻ اعزازي صدر چونڊيو وڃبو هيو، جن مان ۱۹۲۱ع کان ۱۹۲۲ع تائين ديوان پهلاج راءِ واسواڻي، ۱۹۲۲ع کان ۱۹۳۲ع ۾ ساڌو ٽي ايل واسواڻي، ۱۹۲۳ع کان ۱۹۲۴ع ۾ ديوان ليلا رام پريمچند، ۱۹۲۴ع کان ۱۹۲۵ع تائين ديوان جي سنگهه قيمت سنگهه، ۱۹۲۵ع کان ۱۹۲۶ع ۾ مسز شريفه حامد علي، ۱۹۲۷ع کان ۱۹۲۸ع تائين سر ويرومل بيگراج، ۱۹۲۸ع کان ۱۹۲۸ع تائين ڊي بي اسارسنگهه تلوڪ سنگهه، ۱۹۲۹ع کان ۱۹۳۰ع تائين ديوان گوپال داس، ۱۹۳۱ع کان ۱۹۳۲ع تائين ساڌو واسواڻي (ٻيهر)، ۱۹۳۳ع کان ۱۹۳۴ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو، ۱۹۳۵ع کان ۱۹۳۶ع ۾ ديوان گيان چند موٽواڻي، ۱۹۳۸ع کان ۱۹۴۰ع ۾ ڊاڪٽر پوپٽ لال ڀوپٽڪر کي پڻ سالياني صدارت ڏني وئي هئي. ان شيوامنڊلي جو گهڻو تڻو خرچ سيٺ گيان چند ڀريندو هيو. پنهنجي دور آڌار هي منڊلي غريب، لاچار ۽ ضرورتمندن جي خدمت جو هڪ عالمي ادارو هيو.

اداري جي هلائڻ لاءِ صدر کان علاوه جنرل سيڪريٽري، اسسٽنٽ جنرل سيڪريٽري، چيئرمن هاسپيٽل ڪميٽي، سيڪريٽري، غريبن جي فنڊ جو ڏسندڙ، ٽريزرر ۽ اڪائونٽنٽ، سيڪريٽري ريڊنگ روم، سيڪريٽري لائيبرري، سيڪريٽري ست سنگ، سيڪريٽري اسٽورز، شادين، فوتگين ۽ لاوارث لاشن، گم شده ماڻهن، فائر بريگيڊ جو نظام سنڀاليندڙ جو عهدو پڻ رکيو ويو هيو.

انند شيوامنڊلي جو ڪرتا ڌرتا سيٺ گيانچند چندومل موٽواڻي ۶ آڪٽوبر ۱۸۷۸ع تي چندرمل ايڊووڪيٽ جي گهر ۾ ڄائو، سندس والد سادو ۽ ساڌو ماڻهو هيو. والد جي وفات وقت گيان جي عمر صرف ۱۲ سال هئي. ۱۶ سالن جي عمر ۾ گيانچند جي شادي تيجل ٻائي سان ٿي. هو باگڙجي ريلوي اسٽيشن (شڪارپور) تي وائرمين جي طور تي ملازم ٿيو. پر پنهنجي محنتي طبيعت جي ڪري هو ٿوري ئي عرصي ۾ وائر انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز ٿيو. گيان چند هڪ سماج سڌارڪ انسان هيو. هن لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ پهرين اين جي او (آنند منڊلي) جو بنياد وڌو.

هن گيان باغ ۾ سيتا پارڪ پڻ جوڙايو. ان سان گڏوگڏ هو ڪيترين ئي خيراتي ادارن جو مددگار پڻ رهيو. ۱۹۰۹ع ۾ هن پنهنجو اليڪٽرڪ جو دوڪان کوليو جنهن ۾ خاص وَکَرُ ٽارچون هيو. جڏهن سندس ڌندو مڪمل طور ڄَمي ويو ته هن سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفي ڏئي ڇڏي ۽ هن پنهنجو ڌنڌو سکر تائين وڌايو. جتان کيس ڪراچيءَ تائين جي مارڪيٽن ۾ رسائي حاصل ٿي ۽ هن پاڻ کي ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ بهترين واپاريءَ طور مڃرائي ورتو.

۱۹۱۱ع ۾ سندس پتني تيجل ٻائي ديهانت ڪري وئي ته ٻن سالن کان پوءِ ۱۹۱۳ع ۾ ۳۵ سالن جي عمر ۾ هن سيتا ديويءَ سان ٻيو وِهانوُ رچايو. پهرين مهاڀاري لڙائي جي دوران، جيڪا ۱۹۱۴ع کان ۱۹۱۸ع تائين هلي، پنهنجو ڌنڌو بمبئي تائين پکيڙيو. هي صاحب هڪ ايماندار ماڻهو هيو. نتيجي طور قدرت هن سَنِتَ سَمَانِ آتما ۽ سماج سڌارڪ کي هر جڳهه هَٿي ڏني. هي پنهنجي اخلاص ۽ ماٺيڻي طبيعت جي ڪري بمبئي جي واپاري حلقي جو راجا بڻجي ويو. گيانچند ۱۶ جون ۱۹۴۳ع تي ۶۵ سالن جي ڄمار ۾ پَراڻَ پورا ڪري پرلوڪ سُڌاريو.

شيوا منڊلي شهر ۾ غريبن، پريشان ۽ بيمارن جي مدد ڪرڻ ۽ عام طور تي سماجي خدمت جي ڪمن کي منظم ڪرڻ ۽ خاص طور تي ضرورت ۽ هنگامي حالتن جهڙوڪ باهه، ٻوڏ ۽ وبا جي وقتن ۾ امدادي ڪمن کي منظم ڪرڻ جي مقصد سان شروع ڪيو ويو هو. انهن خدمتن کي مسلسل نظر ۾ رکندي منڊلي جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران بهترين صلاحيتن سان شهرين جي ڪيترن سالن تائين خدمت ڪئي.

انند شيوا منڊلي جون عوامي خدمتون پسي نه رڳو سرڪار اڀاري ٿيندي لاڙڪاڻو ميونسپالٽي به انهن کي هر مهيني پنجاهه روپيا مدد ڏيندي هئي جيڪا انهن اڳتي هلي پنجهتر پيسا ڪئي جڏهن ته لوڪل بورڊ طرفان به کين ٻه سو روپيا هر مهيني مدد ڏني ويندي هئي ته جيئن اهو ادارو بهتر کان بهتر ڪم ڪري سگهي.

شهرين ۽ رياستي امداد سان شيوا منڊلي پنهنجون خدمتون انسان کان وڌائيندي جانورن جي خدمت تائين وڌايون جن کي ڏسندي ۱۹۲۶ع ۾ لاڙڪاڻو جي ڪليڪٽر حامدعلي پنچايت ٿالا جي ويجهو چوويهه سؤ فٽ پلاٽ شيوامنڊلي جي آفيس ۽ اداري کولڻ لاءِ ڏيندي ۳۰ مئي ۱۹۲۶ع ۾ پيغام لکي موڪليو هيو ته ”مان ڪيترن ئي مهينن کان منڊلي جي سرگرمين کي دلچسپي سان ڏسي رهيو آهيان جنهن ۾ گهڻا تڻا نوجوان هر قسم جون سماجي خدمتون ڪندا رهن ٿا ۽ اهي اتي مذهب ۽ ذات جي فرق کان سواءِ طبي ۽ خيراتي سرگرميون جاري رکيون اچن ٿا. مون کي افسوس آهي ته مسلمان اهڙي فلاحي ڪمن ۾ وڌيڪ حصو نه ٿا وٺن. هن هفتي شهر ۾ باهه لڳي هئي جنهن کان پوءِ هڪ خطرناڪ طوفان به آيو هيو ۽ انهن ٻنهي موقعن تي، منڊلي پاران ڏيکاريل توانائي، خدمتون ۽ تنظيم قابل تعريف هيون. انهن جي ڊسپينسري هڪ تمام مفيد ادارو آهي ۽ انهن جي لائيبرري ۽ ريڊنگ روم شهري آبادي جي حقيقي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا. مان منڊلي جي هر ڪاميابي ۽ ڪم لاءِ بتدريج واڌ جي خواهش ڪيان ٿو. منڊلي هاڻي شهر ۾ صفائي سٿرائي واري مهم پڻ هلائي رهي آهي جنهن ۾ ليڪچر ۽ جادوئي لالٽين جون سلائيڊون شامل به آهن، مون کي اميد آهي ته اهڙا مظاهرا خاص طور تي عورتن ۽ ڳوٺاڻن جي سامهون شاندار نتيجا ڏيندا.. مان سمجهان ٿو ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو جيئن جيئن منڊلي جي افاديت کي محسوس ڪندا، ان ۾ مدد ڪرڻ لاءِ سخاوت سان اڳتي ايندا رهندا“.

ان پلاٽ تي ۱۹۲۹ع تائين ۶۰۰۰ روپين جي خرچ سان اداري جي عمارت جي اڏاوت هلندي رهي. اڳتي هلي ۱۹۳۶ع ۾ ۲۰۰۰ روپين جي خرچ سان ٻيو ڪم ڪار پڻ ڪرايو ويو. ڪم اڃان به وڌيو ۽ مريضن جو انگ وڌيو ته ۱۹۳۵ع ۾ ضلع جي ڪليڪٽر ڪي بي پٽيل اٺ سو فٽ ان پلاٽ کي وڌائي ڏنو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندن جي ملڪيتن کي مالِ غنيمت جيان ورهائيو ويو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. شيوا منڊلي جي ان ڊسپينسري واري عمارت کي ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻو وارن ملي ڀڳت سان ۱۹۸۳ع ۾ خانگي ماڻهوءَ کي وڪڻي ڏني ۽ ملندڙ مال ڳڙڪائي ڇڏيو.

شيوا منڊلي جو شروعاتي ساليانو خرچ پهريون اٺ سو روپيا ۽ پوءِ هڪ هزار هوندو هيو جيڪو وقت سان گڏ وڌندو رهيو. اهو سمورو خرچ منڊلي جا عهديدار گهر گهر وڃي ڪٺو ڪندا هيا جڏهن ته گهڻو خرچ ديوان گيان چند ڀريندو هيو جيڪو ان دور ۾ هر مهيني پهريون هڪ سو اسي روپيه ۽ پوءِ ۲۰۰ روپيا ۱۹۴۰ع تائين ڏيندو رهيو.

شيوا منڊلي پنهنجي دور جو هڪ بهترين فلاحي ادارو (اين جي او) هوندو هيو، جنهن کي هلائڻ چلائڻ لاءِ ميونسپل ڪميٽي لاڙڪاڻو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو پڻ مالي امداد ڪنديون رهنديون هيون. ان ڪارِ خير ۾ کوڙ ٻيا مخير انسان به حصو وٺندا هئا. سيٺ گيانچند هر مهيني منڊلي ۾ ٿيندڙ فلاحي ڪمن لاءِ ٻارنهن سؤ روپيا امداد ڏيندو هيو. هن منڊلي جي بنياد پوڻ جو اهم سبب ۱۹۲۰ع ۾ لاڙڪاڻو شهر ۾ لڳندڙ اها باهه هئي جنهن شهر واسين جو تمام گهڻو نقصان ڪيو هيو، ان لاءِ شهرين سوچيو ته ڪو اهڙو پليٽ فارم جوڙيو وڃي ته جيئن آئينده اهڙي قسم جي اوچتي ۽ قدرتي آفتن سان منهن ڏئي سگهجي.

شيوا منڊلي جو ڪم باهه، ٻوڏ، بيماري ۽ ٻين آفتن دوران شهرين جي خدمت ۽ مالي سهائتا هوندو هيو. ۱۹۲۴ع ۾ هن اداري طرفان مفت علاج لاءِ هڪ ڊسپينسري به قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هڪ قابل ڊاڪٽر ڏيئو مل بيمارين جي خدمت ۽ علاج ڪندو هيو جنهن سان گڏ ٻه ڪمپائونڊر، هڪ ڊريسر ۽ هڪ پٽيوالو، مستقل اسٽاف طور هوندا هيا. ٻارڙن ۽ عورتن جي چڪاس لاءِ هڪ اسسٽنٽ ڊاڪٽر پڻ بعد ۾ رکيو ويو هيو. اتي ايندڙ مريضن کان مڪسچر، گورين، ملم ۽ مالش جي دوا جو معاوضو صرف هڪ آنڪ ورتو ويندو هيو. روزاني جي بنياد تي ٽي چار سو مريض اڪلايا ويندا هيا.

۱۹۲۹ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر ۽ ان جي اردگرد واري وستين ۾ ڪالرا جو مرض اهڙو پکڙيو جو شهر ويران ٿي ويو، هزارين ماڻهو روز مرڻ لڳا ۽ بيماري سبب نه رڳو اسپتالون پر گهر، گهٽيون، گهيڙ ۽ محلا لاشن ۽ مريضن سان سَٿجي ويا. ان صورتحال ۾ به انند شيوا منڊلي جي پليٽ فارم تان نه رڳو عهديدارن، ميمبرن پر ميڊيڪل ٽيم پنهنجو پاڻ ملهائيندي، ڏينهن رات مريضن جي واهر ڪئي.

۱۹۳۰ع ۾ ٻوڏ جي ڏينهن ۾، منڊلي وانگر امدادي ڪم شروع ڪيو ۽ ٻوڏ متاثر آبادي کي ان اناج کان علاوه ڪپڙا لٽا ۽ ٻيو ضرورتن جو سامان ڏيندي کين شهر جي مختلف هنڌن تي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو ويو.

شيوا منڊلي جي پليٽ فارم تان ليبريريون قائم ڪرڻ سان گڏ ڪجهه ڪمرن ۾ غريب شاگردن لاءِ مفت پڙهائي جا ڪلاس پڻ هلايا ويندا هئا، انھن لئبريرن ۾ ماڻهن جي پڙهڻ لاءِ رسالا ۽ اخبارون مفت مهيا ڪيون وينديون هيون. غريب بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ مسافر خانا ۽ هندو شاگردن لاءِ مفت ڪتاب ۽ اسڪالرشپون مقرر ڪيون وينديون هيون ته جيئن شهر جا نوجوان رلڻ کان بچي تعليم ڏانهن ڌيان ڏئي سٺا شهري ٿي سگهن. شيوا منڊلي جي هڪ پڪي دالان تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ڀائي چين راءِ سامي متعلق تعليمات جون ڪلاسون پڻ پڙهايون وينديون هيون.

ورهاڱي کان اڳ انند ۽ شيوا منڊلي جي سهڪار سان لاڙڪاڻو ۾ جانورن کي بيرحمي کان بچائڻ واريون جماعتون پڻ متحرڪ هونديون هيون. بار ڍوئيندڙ جانورن تي حد کان وڌيڪ بار رکڻ، انهن کي مار ڪٽ ڪڍڻ يا بکون ڏيڻ خلاف ڪم ڪندڙ هي فلاحي جماعت بيمار جانورن جي علاج معالجي جو پڻ جوڳو بندوبست ڪندي هئي.

شيوامنڊلي جي پليٽ فارم تان لاتعلق ٿيل ڍڪ ۾ پيل جانورن جي پالنا ۽ مالڪي پڻ ڪئي ويندي هئي شهر ۾ گوشالا، پاٺ شالائون ۽ گھوڙن جا اسطبل پڻ ڏنا ويندا هيا. بندر روڊ تي واقع ٽانگا اسٽينڊ پڻ شيوا منڊلي وارن جي ڪوششن سان جوڙيو ويو هيو، جن لاءِ ڪجهه مخير ماڻهن ميونسپالٽي وارن جي سهڪار سان، ان لاءِ زمين جو بندوبست ڪيو هيو. ان ٽانگا اسٽينڊ واري جاءِ تي هڪ وڏو پپر هوندو هيو جنهن جي پاڙ ۾ هندو لوڪ مسافرن لاءِ دلا مٽ رکڻ سان گڏ هر روز ڏيئا ۽ اگربتيون پڻ ٻاريندا رهندا هيا جو اتان مسافر گهوڙن تي لهندا ۽ شهر جي مختلف حصن ۾ وڃڻ لاءِ چڙهندا پڻ هيا. ان وڻ جي هيٺان قطار ۾ گهوڙن جي بيهڻ جيترا هجرا ٺهيل هوندا هيا جتي پنهنجا پنهنجا گهوڙا بيهاري سائس پپر جي هيٺان ويهي ڪچهريون ڪندا رهندا هيا. ٽانگا اسٽينڊ واري ان سموري پلاٽ کي پڻ سال ڏيڍ اڳ لاڙڪاڻو ۾ پيپلز پارٽي جي حرامخور قبضه خور ٽولن قبضو ڪري اتي پلازا جوڙائي آهي.

انند شيوا منڊلي شهر جي رولو جانورن کي پڻ هٿ ڪري ان مقصد لاءِ قائم ڪيل واڙن ۾ پالڻا ڪندي هئي جيڪي انهن دان ڪيا هيا ۽ انهن لاءِ باقاعدگي سان هر مهيني هڙان وڙان پيسا پڻ ڏيندا رهندا هيا ته جيئن انهن جو ڪار وهنوار هلي. هن جماعت جي منتظمن شهر جي مختلف رستن تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض پڻ ٺهرايا هئا جن مان ٺهيل ڪجهه حوض مون پڻ ڏٺا جن مان آخري ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي گهر جي اولاهين پاسي گرلس ڪاليج جي ڀٿ سان گڏ جوڙايل هوندو هيو. اها تنظيم گهٽين ۽ چوڪن تي روشني ڪرڻ لاءِ فانوس پڻ لڳائيندي هئي، جنهن ڪري شهر رات جو به ڏينهن جيان ٻرندو هيو.

۹ فيبروري ۱۱۹۲۹ع ۾ مهاتما گانڌي انند شيوا منڊلي لاءِ پيغام موڪليو هيو ته؛

“May your zeal for service be multiplied”.

اهڙي ريت ۲۲ جولائي ۱۹۳۶ع تي مسٽر جواهرلال نهرو انند شيوا منڊلي لاءِ پنهنجون شڀ ڪامنائون موڪليون هيون ته ”آنند شيوا منڊلي هڪ حيرت انگيز ۽ پرڪشش منڊلي آهي جيڪا گهڻي ۽ وڏي پيماني تي مختلف سماجي خدمت جون سرگرميون ڪري رهي آهي. لاڙڪاڻو واسي خوش قسمت آهن جو انھن وٽ اهڙو فلاحي ادارو آهي. مان ان جي هر ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيان“.

۵ ڊسمبر ۱۹۳۸ع تي سڀاش چندربوس لکي ٿو ته ”مون اڄ صبح انند شيوا منڊلي جو دورو ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه ڏٺو ان کان خوش ٿيس. هن اداري ۾ شهرين جي فائدي ۽ خدمت لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آهن، خاص طور تي غريب طبقي لاءِ. هندستان کي هر ڳوٺ ۾ اهڙن ادارن جي ضرورت آهي. مان هن اداري جي ڪاميابي ۽ خوشحالي جي خواهش ڪيان ٿو“.

۲۲ ڊسمبر ۱۹۳۴ع ۾ سروجني نائيڊو لکي ٿي ته ”مون کي ڪالهه منڊلي جو دورو ڪري خوشي ٿي آهي. اهو پنهنجي هر شڪل ۾ سماجي خدمت جو مرڪز آهي ۽ هر قسم جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. اهڙي قسم جا منظم ۽ نظم و ضبط سان قرباني جي خدمت جي پهلوئن ۾ هلندڙ نوعيت جا ادارا سڄي صوبي ۾ وڌا وڃن. شيوا منڊلي جي مسلسل ڪاميابي لاءِ منهنجون نيڪ خواهشون ساڻن گڏ آهن“.

سنڌ جي انهن سخي هندن نالي ڀٽائي جو شعر ڀيٽا ڪيان ٿو جن کان پوءِ هن ڌرتي ڪڏهن به سک جو ساهه ڪونه کنيو آهي.

اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ،

آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،

جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.

 

(نوٽ: جيڪي عمارتون اسان کي انگريزن ۽ هندي لوڪن ٺاهي ڏنيون اسان مسلمانن انهن کي ڊاهي، قبضا ڪري تباهه ڪيو آهي).

 

(فيسبڪ پوسٽ ۱۶ جولاءِ ۲۰۲۶ع تي رکيل)

No comments:

Post a Comment