ماتا ديويءَ جون مورتيون
۽ سُٽُ ڪتڻ جو سامان
موھن جو دڙو
نصير اعجاز
هن
موضوع تي اڃا تائين ڪٿي به تفصيل سان بحث ٿيل نظر نٿو اچي. پيٽري [مشهور ماهرِ
آثارِ قديمه سر وليم ميٿيو فلنڊرز پيٽري] چيو آهي ته، “هن عجيب بناوت جو سبب شايد
هي ٿي سگهي ٿو ته، هن دورِ حڪومت ۾، سيٽ (Set) ۽ هورس (Horus) جي
گڏيل پوڄا ڪئي ويندي هئي، ته جيئن ٻنهي ديوتائن کي هڪ ئي وقت نذرانا پيش ڪري
سگهجن، ان ڪري ئي هنن ٻن ٽوٽين کي متعارف ڪرايو ويو ھوندو. (سر آرٿر ايوانز، دي پيلس آف مينوس ايٽ نوسوس، لنڊن، ۱۹۲۱ع، جلد پهريون، صفحا ۸۱-۸۳، شڪليون ۴۹-۵۰، پيٽري جي رائل ٽومبز، ii، ص ۲۷ تان ورتل) بالڪل
اهڙا ئي نمونا ڏکڻ هندستان جي پيرومبائيئر مان به مليا آهن، جيڪي مدراس ميوزيم ۾
رکيل آهن.