Tuesday, April 7, 2026

چمهين جي دڙي ۾ دريافت ٿيلَ نئين ڀِتِ -: ياسر قاضي

مهين جي دڙي ۾ دريافت ٿيلَ نئين ڀِتِ

ياسر قاضي



اهو ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته مھين جو دڙو، سنڌو ماٿر تھذيب جي راڄڌانيءَ طور ان جو وڏو مرڪز هو، جيڪو قدامت ۾ قديم مصر ۽ ميسوپوٽيميا جي همعصر شھرن جو مقابلو ڪندڙ ماڳ آهي، جنھن جي ايراضي ۶۲۰ ايڪڙن کان وڌيڪ ۽ آبادي ۱۹۰۰ قبل مسيح جي لڳ ڀڳ (ان جي تباھه ٿيڻ کان اڳ) ۴۰ هزار کن هئي. جيڪا ان دؤرَ جي لحاظ کان هڪ تمام وڏي شھر جي آدمشماري هئي. سنڌوءَ ڪناري واقع، ماضيءَ جي ھن عظيم شھر جِي پھريون ڀيرو کوٽائي ۱۹۲۱ع ــ ۲۲ع ۾ ڪئي وئي هئي. مھين جي دڙي جي ماڳ کي ڳولي لھندڙ ’رکلداس بينرجي‘، مشن جي سربراھه ’سر جان مارشل‘ ۽ ’ارنيسٽ ميڪي‘ جھڙن آثارِ قديمه جي ماهرن، ابتدائي طور ۱۹۲۲ع کان ۱۹۳۱ع تائين مھين جي ماڳ تان ڪل ۴ هزار ۳۴۸ مھرون ۽ سِڪا ڳولي لڌا هئا، جيڪي بعد ۾ گڏيل هندوستان جي مختلف عجائب گهرن ڏانھن منتقل ڪيا ويا هئا.

Monday, April 6, 2026

مُهين جو دڙو _ مُهاڻن جو دڙو ۽ ان جي تباهيءَ جا ڪارڻ مولائي ملاح

مُهين جو دڙو _ مُهاڻن جو دڙو

۽ ان جي تباهيءَ جا ڪارڻ

مولائي ملاح



اخبار، روزانه‘ڪاوش’حيدرآباد، ۾ مون ۲۵ نومبر ۲۰۲۴ع تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ‘هوجمالو’ تي هڪ تحقيقي قسم جو ڪالم لکيو. جيڪو پنهنجي ڪالم ڪتاب:‘من اندر جا لوچ’۾ شامل ڪيم. ان ڪالم ۾ سنڌ جي لوڪ گيت ‘جمالو’ جي تاريخ بابت لکيم: “هڪ اندازو اهو آهي ته، لوڪ گيت ‘هو جمالو’ جي ابتدا سن ۱۹۳۲ع انگريز دورکان نه پر، ان کان به اڳ جي آهي. هي لوڪ گيت مُهين (مُهاڻن) جي دڙي کان به اڳ جو ڏسجي.” جنهن تي ان ڪتاب جي مُهاڳ ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبا، پنهنجي راءِ ڏيندي مون لاءِ لکيو: “سندس لکڻ جو ٻيو پاسو به ساراهه جوڳو آهي، جيڪو هن جي اندر جي محقق کي، ڪيترن ئي معاملن ۾ تحقيق جي مختلف پهلوئن ڏانهن سوچڻ تي آماده ڪيو آهي. ان ۾ لوڪ گيت ‘هوجمالو’ جي تاريخ ۾ هن ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ۽ حوالا ڏنا آهن، جيڪي ڪم از ڪم مان ته پهريون ڀيرو ٻڌا آهن. ساڳي طرح ‘مُهين جي دڙي’ کي هو‘مُهاڻن جو دڙو’ سڏڻ تي زور ٿو ڏئي، جيڪو هڪ متنازع موضوع ٿي ويندو ۽ مون سميت، ڪافي پڙهڻ وارا شايد هن سان متفق نه ٿيندا. ”مون ان ڪتاب جي مقدمي ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبا کي مستند ليکڪن جا حوالا پيش ڪيا. پر، پوءِ دل ۾ هڪ خيال آيم ته ڇو نه ان موضوع تي به هڪ تحقيقي مقالو لکجي. پنهنجي علم، عقل ۽ مطالعي جي آڌار تي ويهي لکڻ شروع ڪيم.

تاريخ ۽ تحقيق، تبديليءَ ۽ ڪيل ڪم تي ٻيهر سوچڻ جو نانءُ آهي. سنڌ جي قديم ماڳن تي آثارقديمه جا ماهر بار بار سوچيندا _ ڪم ڪندا رهيا آهن. جن ۾ موهن _ ‘مُهاڻن’ جو دڙو به شامل آهي. هن دڙي جو نالو جديد تحقيق جي ڪجھه ورقن ۾ ‘مُهاڻن جو دڙو’ به ملي ٿو. جنهن کي بڻياد بڻائي هي مقالو لکيو. تحقيق جو هي سفر هن مقالي تي ختم نه ٿو ٿئي پر، قديم ماڳن جي پارکن کي اڳتي تحقيق ڪرڻ جي دعوت ضرور ڏئي ٿو. ڇو ته ان بابت منهنجي ڪا به حتمي دعوا ناهي. پر اهو منهنجو به هڪ خيال آهي: مُهين جو دڙو _ مُهاڻن جو دڙو آهي. ڇو ته مون وٽ ان جو ڪو بڻيادي ثبوت ناهي، سواءِ چند دليلن، عالم ۽ محققن جي حوالن ۽ زباني بيانن جي. هن مهل تائين سڀ کان اول ‘مُهين جي دڙي’ جي کوٽائي مڪمل طرح سان نه ٿي سگھي آهي. ٻيو، مڪمل طرح سان دنيا ۾ هن مهل تائين ڪوبه ماڻهو ان جي ٻولي سمجھي، پڙهي سگھيو ناهي. چون ٿا ته ڪجهه اکر، ٻولي _ سراج ميمڻ ۽ عطا محمد ڀنڀرو سمڌي آهي. جن پنهنجن ڪتابن ۾ ان ٻوليءَ جي ڀاڃ جو ذڪرپڻ ڪيو آهي. سراج ميمڻ ڪتاب:‘سنڌي ٻولي’ڇاپو ٽيون: ۲۰۱۷ع ۽ عطا محمد ڀنڀرو، “گريگوري ايل. پوسيل” جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ٿيل ڪتاب:‘سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت’ ۲۰۱۷ع آهن.

مُهين _ مُهاڻن جو دڙو، هي اهڙو وسيع موضوع آهي جنهن تي سالن کان قديم آثارن جي ماهرن، محققن ۽ تاريخ جي پارکن جي تحقيق هلندڙ آهي جن مان ڪو به حتمي راءِ تي ناهي پهتو. مان اڪثر چوندو آهيان: تاريخ ۽ تحقيق اهڙو موضوع آهي جنهن جو ٻيو ڪنارو ئي ناهي. ان تي چار ڪتاب پڙهي ٽِڪ ٻڌي بحث ڪرڻ فضول ڳالهه آهي. هن مهل تائين هن ڦٽل دڙي_اُجڙيل شهر، جا ڪيترائي نالا سامهون آيا آهن، جيئن: موئن، مهون، مهن، مُهين ۽ مئن وغيره ڇا سنڌ ۾ جيڪي به اُجڙيل شهر، ڦٽل دڙا آهن. مثلاً: مهر ڳڙهه، جھانگر، جُھڪر، ڪاهوءَ جو دڙو، چانهونءَ جو دڙو، هڙپا، برهمڻ آباد، ڪوٽڏجي ۽ ڀنڀور جو دڙو وغيره. قديم آثارن جي ماهر مجمدار سنڌ ۽ پنجاب جي قديم ماڳن جي سروي ڪئي هئي. سندس تحقيق موجب: “سنڌ جي ڏکڻ ۾ لوهم جودڙو، واهي پانڌي، علي مراد خان، غازي شاهه، دمب بُٺي، ڍال، آمري، شاهه جو ڪوٺڙيو، الهڏنو ساند، ٿاڻو بولا خان، جڏهن ته سنڌوءَ جي اوڀر پاسي چانهونءَ جو دڙو، اُتر اوڀر ۾ ڪوٽيسر ۽ ڪوٽڏجي ۽ اُتر طرف وارو جُدير جو دڙو واقع آهي. هي سنڌو _ تهذيب جا موجوده دؤر واري سنڌ جي حدن ۾ اهم قديم ماڳ آهن.” سنڌو_تهذيب جاهي قديم دڙا ڇا اهي سڀ مئلن ماڻهن جا دڙا آهن. انور پيرزادي جي لفظن ۾: “مئلن ماڻهن جا به دڙا ٿيندا آهن ڇا؟!”

سڀ کان اول ته، هي شهر ڪنهن، ڪيئن ۽ ڪڏهن آباد ڪيو. انهن جو مذهب ۽ ٻولي ڪهڙي هئي، اها ڪهڙي قوم هئي. ان کانپوءِ هي قديم تهذيب يافته شهر اجڙيو ڪيئن.؟ انهن سڀني سوالن جا مستند جواب اسان کي تڏهن ملندا جڏهن ان جي ٻولي سمجھي_پڙهي ويندي. سائين انور پيرزادي جي لفظن ۾: “اسان جڏهن مُهين جي دڙي جي کنڊرن ۾ ايندا آهيون ته اهو احساس ٿيندو آهي ته، اسان انهيءَ جي ٻولي پڙهي نه سگھيا آهيون. اها زبان سڄي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ هن وقت تائين، نه پڙهي وئي آهي.” ڪجھه دوستن جو خيال آهي ته، هن شهر کي هندستان _ ٿر مان آيل آرين اچي تباهه ڪيو. ڪن جو خيال آهي ته، هن شهر جي قدامت _ تعلق ‘ڪورون ۽ پانڊون’ واري زماني کان آهي. جنهن تي انور پيرزادي لاجواب ڪندي چيو:“مهاڀارت ۱۰۰۰ B.C ۾ لکيو ويو هو ۽ هن شهر جي عمر آهي ۲۵۰۰ BC _ هي مها ڀارت، هندو مذهب ۽ هندو تهذيب کان اڳي جو شهر آهي. يعني هن شهر جا ماڻهو تنهن زماني ۾ رهندا هئا. جڏهن هندو ڌرم اڃا پيدا ئي ڪونه ٿيو هو. هن شهر جي حوالي سان هڪ ٿيوري اها به آهي ته آرين اچي هتان جي دراوڙن کي ڌڪي ڇڏيو.” هن شهر کي تباهه ٿئي چار يا پنج هزار سال ٿيا هوندا. پر اڏجندي ڪيترا سال ٿيا هوندا انهيءَ طرح هن کي اجڙندي به ته ڪو وقت لڳو هوندو. ڪو چمتڪار، معجزو ڪونه ٿيو جو هڪ منٽ ۾ ڊهي تباهه ٿي ويو. انور پيرزادي چواڻي:“مُهين جو دڙو جيڪو ڏهه هزار ورهيه اڳ جو آهي ۽ جنهن کي تباهه ٿئي ساڍا چار يا پنج هزار ورهيه ٿيا آهن، اُهو هي آهي، جتي ويٺا آهيون گريٽ باٿ معنى اسٽوپا جي ليول کان، هيٺيون علائقو جيڪو اصل آهي، اصل مُهين جو دڙو اهو آهي.” هن دڙي جي اصل نالي اچارڻ ۽ لکڻ بابت انور پيرزادي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. سندس چواڻي: “اسان بار بار اهو مطالبو پئي ڪيو آهي ته،آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان حڪومت کي گھرجي ته هن شهر جي اسپيلنگ درست ڪن ۽ موئن يعني مئلن جو دڙو لکڻ بند ڪن. جيڪڏهن هي مئلن جو دڙو آ، ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به دڙا آهن. اُهي مئلن ماڻهن جا دڙا آهن ۽ جيئرن ماڻهن جا دڙا ته هونئن به ٿيندا ڪو نه آهن. جيڪڏهن ائين هجي هاته پوءِ ‘ڪاهوءَ جي دڙي’ کي به مئلن جو دڙو چيو وڃي ها، ‘جھرڪ جي دڙي’ کي به. جڏهن ته هت هر دڙي جو الڳ نالو آهي. هن دڙي جو نالو مُهين جو دڙو آهي.”

مُهاڻن جي دڙي جي تباهيءَ جا ڪارڻ:

مُهاڻن جي دڙي جي تباهيءَ جي اصل ڪارڻن بابت ماهر تصديق سان ڪجهه ٻڌائي نه سگھيا آهن پر، اڪثر ماهرن جي هڪ ئي راءِ ملي ٿي جيڪا حوالن سان هت پيش ڪجي ٿي. ميرزا منظور علي بيگ چواڻي: “هيءُ هڪ منجھيل ۽ تڪراري مسئلو آهي. ڇا ڪاڻ ته مُهين جي دڙي جهڙو ڀريو تريو ۽ سکيو ستابو شهر سنڌو ماٿري جي هڪ وشال سڀيتا جي نهوڙ جي ناس ٿيڻ جا ڪارڻ هڪ نه پر گھڻا ٿي سگھن ٿا. زمين جي سطح جي خصوصيت ۾ تبديلي اچڻ ڪري سنڌو جي سخت ٻوڏ، جنهن ۾ شهر جو هڪ حصو مڪمل ٻڏي ويو هو. اصل حقيقت ظاهر ٿيڻ تائين هن ڳالهه جو اهو پڻ اندازو ڪري سگھجي ٿو ته هن ماڳ جي تباهي جا ڪارڻ اُهي آهن جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن.”

موهن جي دڙي جي نسل، قوم مذهب ۽ کين تباهه ڪندڙ قوم ۽ سن مهاڀارت جي تاريخي واقعن کي رد ڪندي، سنڌ جي بادشاهه پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ ۾ شامل ٿي سندن مددڪرڻ کي به تاريخ ۾ رد ڪيو ويو آهي. آرين جو ويدڪ مذهب اُپنشد جي مذهب کان مختلف آهي. موهن جي دڙي جي ڳولا جيڪو سال ۲۳ _ ۱۹۲۲ع ۾ بئنر جيءَ ڳولي لڌو.‘سنڌو ثقافت’ ملڻ جي ڄاڻ ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو محقق ايم. ايڇ. پنهنور پنهنجي ڪتاب: “سنڌ شناسي”۾ لکي ٿو: “موهن جو دڙو: سال ۲۳ _ ۱۹۲۲ع ۾ موهن جي دڙي ۾ ٻوڌي اسٽوپا ۽ ٻيون وڌيڪ پراڻي زماني جون شيون ڳولي لڌيون ويون. پر اهو مارشل ئي هو، جنهن موهن جي دڙي ۾ ڪيل کوٽاين بابت پهرين رپورٽ سال ۲۶ _ ۱۹۲۵ع ۾ پڌري ڪئي.’دي السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ’۾ سندس لکيل مضمون ۽ تصويرون دنيا جي آثار _ قديمه جي وڏن ماهرن انهيءَ نئين ثقافت، جنهن کي“سنڌو تهذيب”سڏيو ويو، جي لڌل شين کي پرکڻ جو ڪم ڪيو.‘سنڌو ثقافت’ جي ملڻ سان _ آثار قديمه ‘سنڌ توڙي ننڍي کنڊ جي پراڻي تاريخ’هڪ بيمثال ۽ نئين انداز ۾ ٺاهڻ شروع ڪئي. آثار _ قديمه جي مدد سان انسان پنهنجي ماضي يا تاريخ کان اڳ واري زماني کي سمجھڻ جي لائق ٿيو. ۱۹۲۵ _ ۱۹۴۷ع، مارشل، مئڪي، ۽ پگٽ، ان وقت تائين موهن جي دڙي ۾کوٽائيءَ جي ڪم جا خاص نگران هئا. جيستائين ويلر انڊين آرڪيالاجيڪل سروي جو ڊائريڪٽر جنرل نه ٿي آيو هو. مجمدار جي تحقيق ثابت ڪيو هو ته سنڌو ثقافت کان اڳ به پراڻن آثارن جو هڪ دور هو، پر ان جي مڪمل تصوير واضح نه پئي ٿئي. پراڻن ويدڪ عالمن جو خيال هو ته آريا هندستان ۾ ۳۵۰۰ ق، م ڌاري آيا هئا، پر موهن جي دڙي مان لڌل شين ٻڌايو ته سنڌو مذهب جو ويدڪ مذهب سان ڪوبه لاڳاپو نه هو، تنهنڪري سنڌو ثقافت جي ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ سندن اچڻ ممڪن نه پئي ٿي سگھيو. ان ڪري ئي اهو نظريو پيش ڪيو ويو ته سنڌو تهذيب جون وسنديون، حملو ڪندڙ آرين ئي تباهه ۽ برباد ڪيون، جن کي ماڻهن جي ٽن گروهن جهڙوڪ سيميٽري ايڇ، جھُڪر ۽ جھانگر (Cemetry – H, Jhukar and Jhangar) ۾ ورهايو ويو آهي. سنڌو تهذيب جو دور طئي ٿيل نه هو، پر، ويلر ان کي ۲۳۰۰ ق.م. ۾ ڄاڻائي هڪ صحيح نتيجي تي پهتو. سيميٽري _ ايڇ ۽ جھانگر پوءِ جي دور جا. انهن ٽنهي گروهن کي آريا قبيلا سڏيو ويو، جن لاءِ چيو ويو ته هنن سنڌو سڀيتا جي ماڻهن کي ڦري لٽي برباد ڪيو، ۽ انهن ماڻهن کي ‘دراوڙ’ قرار ڏنو ويو. هڪ خيال اهو به آهي ته، موهن جي دڙي جي ماڻهن جو گھڻو جياپو زراعت ۽ وڻج واپار سان هيو درياءَ جي رخ ڦيرائڻ ڪري زراعت _ آبادي نه ٿيڻ ڪري ڪري موهن جو دڙو ڦٽڻ لڳو. ۱۷صدي ق. م. جي وچ ڌاري سنڌو درياءَ پنهنجو وهڪرو وچ سنڌ مان ڦيرايو ۽ اوڀر يا اولهه طرف گھڻو پري وهڻ لڳو. جنهن جي ڪري آبپاشيءَ جو سمورو سرشتو ٽٽي پيو ۽ ان جي ڪري زرعي معيشت تباهه ۽ برباد ٿي وئي. انهيءَ جي نتيجي ۾ ۵۰ _ ۱۶ ق . م . ڌاري سنڌ جي شهرن ۾ ابتري پکڙجي ويئي ۽ ماڻهو وري وڃي مال چارڻ لڳا. ڪي ننڍا ڳوٺ ۽ شهر اڃا آباد هئا، پر عظيم راڄڌاني موهن جو دڙو جلد ئي ڦٽي غير آباد ٿي ويو.

موهن جي دڙي جي کوٽاين مان ثابت ٿيو ته سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جي مذهب جو ويدڪ مذهب سان ڪوبه لاڳاپو نه هو، تنهن ڪري اهو نظريو پيش ڪيو ويو ته موهن جي دڙي جا رهاڪو دراوڙ نسل جا هئا. جن کي آرين گھوڙي _ رٿن ۽ نون هٿيارن جي مدد سان ماري مات ڪيو. ٻيا به پنجاهه سال گذري ويا جڏهن ڊاڪٽر رفيق مغل ثابت ڪيو ته سنڌو سڀيتا جو زوال فطري سببن جي ڪري ٿيو ۽ اهو زوال جو زمانو ۹۰۰ ق .م . تائين هليو. جيڪو وڌيڪ صحيح انگ آهي. اگروال ۽ ڪسومگر آرين جي ننڍي کنڊ جي جدا جدا حصن ۾ اچڻ جي تاريخ ريڊيو ڪاربان ڊيٽنگ جي ذريعي هن ريت ڪڍي آهي.

سوات ۱۰۵۰ ق . م.

پيرک (سبيءَ جي ويجھو) _ ۹۰۰ _ ۸۰۰ ق . م .

راجسٿان _ ۸۰۰ ق . م.

مڌيه پرديش _ ۵۰۰ _ ۴۰۰ ق . م .

اُتر پرديش _ ۵۰۰ _ ۲۰۰ ق . م .

مها ڀارت جون آکاڻيون تاريخي واقعا ڪونهن ۽ سنڌ جي بادشاهه جئراٿ جو پانڊون ۽ ڪورون جي جنگ ۾ شامل ٿي ڪورن جي مدد ڪرڻ رڳو هڪ آکاڻي آهي ۽ نه تاريخي حقيقت. مها ڀارت ۽ رامائڻ ۴۰۰ ق . م. ۽ ۲۰۰ عيسوي جي وچ واري عرصي ۾ لکيا ويا آهن. هندو ديوتا گڻيش جو تصوير پڻ موهن جي دڙي جي ان جانور مان ورتل ڀانئجي ٿو، جنهن جو ڌڙ ڍڳي جو ۽ سونڊ هاٿيءَ جي، گھيٽي جهڙا سڱ وغيره ۽ سسي ٽٽڻ ڪري هاڻي غائب آهي. ۵۰۰ ق . م. ۶۰۰ ق . م. ڌاري ڀانئجي ٿو ته آرين اُتر ننڍي کنڊ ۾ ۱۶ رياستون يا مهاجنپد قائم ڪيون. انهن رياستن ۾ سنڌ شامل ڪيل ڪانهي.” تاريخ ۾ (ق . م) مان مراد لکت کان اڳ وارو زمانو. زمين مان لڌل شين جي آڌار تي تحقيق ڪرڻ. جنهن کي تاريخ ۾ تاريخ جو ٽئون دور سڏيو وڃي ٿو. هن قديم تهذيب جي تباهي جي ڪارڻن مان هي به هڪ ڪارڻ سامهون آيو آهي. جيڪو، ايس. آر. راءُ، پنهنجي ڪتاب ‘سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال‘ جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو: “ويلر (Wheeler) جو خيال آهي ته _ هن تهذيب جا قديم شهر حمله آورن آرين قبيلن هتي سياسي طور پنهنجا پير پختا ڪرڻ کان پوءِ ڦٽائي ناس ڪري ڇڏيا هئا.”

سنڌو درياهه جي ڇوڙ کان سنڌوءَ جي جنم هنڌ تبت تائين سفر ڪندڙ لنڊن ڄائي ايلائيس البينيا لکي ٿي:“آرين کان اڳ واري دور جي وضاحت ڪندي چيف آرڪيالاجسٽ سرجان مارشل ۱۹۳۱ع ۾ لکيو هو :“ان وقت جڏهن اڃا آرين جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ اهڙي تهذيب پنهنجي پوري اوج تي هئي، جيڪا نج سندن پنهنجي هئي.” ان وقت بيٺڪيت خلاف مزاحمت ڪندڙن آزادي پسندن به ان تهذيب تي فخر ظاهر ڪيو. هيءَ تهذيب ڪٿان ٻاهران نه آئي هئي. پر هتي جي رهواسين جي ذهانت جو نتيجو هئي.

ٻيڙيون ٺاهڻ کي صنعتي شڪل ڏني وئي. حضرت سليمان جي آڳاٽين ٻيڙين ۽ تخليق جي آزاديءَ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جي اُسرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌوماٿريءَ جي رهواسين جهڙي مهارت جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي.

موهن جي دڙي مان جيڪا مرد جي مورتي نظر آئي آهي ان کي اوڍيل هڪ شال جا گل ٻوٽا بلڪل اڄ جي اجرڪ جهڙا آهن. ٻيڙيون جيڪي اڄ سکر ۽ ٻين علائقن جا مُهاڻا استعمال ڪن ٿا سي بنا ڪنهن فرق جي اهڙيون ئي آهن. موهن جي دڙي جي رهواسين جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ٻيڙي هئي. هنن ٻيڙي نه رڳو ٺاهڻ سکي ورتي هئي پر ان کي جدت به ڏني هئي. موهن جي دڙي ۽ هڙپه جا شهر اچ وڃ جي وسيلن ۾ انقلاب اچڻ جي ڪري اڏڻ ممڪن بڻجي پيا. جيئن ئي هنن ٻيڙيون ٺاهڻ جي فن ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ درياهه جي استعمال جو طريقو سکيو ته هنن لاءِ ڏيساور واپار جون نيون راهون کلي ويون. پاڪستانين جو اڄ به اهو خيال آهي ته موهن جو دڙو اصل ۾ مُهاڻن جو دڙو آهي. يعني ٻيڙين تي رهندڙ ماڻهن جو دڙو آهي. سنڌ ۾ اوڻيهين صديءَ ۾ ريل گاڏيءَ جي اچڻ کان اڳ ۾ درياهن کي واپار جي معاملي ۾ ڪرنگھي جي هڏيءَ جي حيثيت حاصل هئي. ٻيڙين رستي شهرن ۽ ڳوٺن جو ڳانڍاپو هو.

مُهاڻا اڄ به سنڌو نديءَ تي ٻيڙين ۾ ئي رهن ٿا. سڙهه ۽ سکانن تي هلندڙ اهي ٻيڙيون اڄ به ان ئي حالت ۾ آهن جنهن ۾ موهن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي مُهرن ۾ نظر اچن ٿيون. مهاڻن جو تعلق سنڌو سڀيتا جي تاريخ کان اڳ واري دؤر سان آهي. ۽ اڄ سندن نسل بابت جنهن کي جيڪا راءِ وڻي سا ڏئي سگھي ٿو پر حقيقت کي ته رد نٿو ڪري سگھجي.

ڪجهه ماهرن جي راءِ آهي ته جيئن انهن شهرن جي اوج جو ڪارڻ سنڌو ندي هئي تيئن تباهيءَ جو ڪارڻ به سنڌو ندي ئي هجي ۽ ڪا وڏي ٻوڏ آئي هجي.”

 هن دڙي کي ڳولي لهڻ ۽ کوٽائي بابت محققن جي راءِ :

هن قديم دڙي کي ڳولي لهڻ ۽ ان جي کوٽائيءَ بابت ڪجهه محققن جي راءِ هن ريت آهي. “ڊي بئنرجي کي مُهين جي دڙي واري ماڳ تي ٻي صدي عيسوي جي تعمير ٿيل اسٽوپا واري ماڳ جي کوٽائي ڪندي اتفاقي طور اهڙيون شيون هٿ لڳيون جيڪي هن ماڳ کان ۵۷۰ ڪلو ميٽر پري اُتر پنجاب جي ضلعي منٽگمري (هاڻي ساهيوال) مان هٿ لڳيون هيون. هنن شين جي ملڻ ڪري قديم آثارن جي ماهرن جي دلچسپي وڌي وئي ۽ سرجان مارشل جي نگرانيءَ ۾ باضابطه طور سال ۲۳ _ ۱۹۲۲ع ۾ هڪ وڏي پيماني تي کوٽائيءَ جي شروعات ڪئي وئي.”

هن دڙي کي ڳولي لهڻ جي سن بابت محققن جي راءِ ورهايل نظر اچي ٿي. جديد تحقيق موجب:“موهن جو دڙو سنڌوءَ جي ڪناري سان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ واقع آهي. هن کي پهريون ڀيرو ڊي. آر. ڀنڊار ڪر ۱۲ _۱۹۱۱ع ڳولي لڌو هو. هن قديم ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا سرجان مارشل جي نگرانيءَ ۾ سندس هدايت مطابق ۲۲_۱۹۲۱ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي،جيڪا ۱۹۳۰ع تائين جاري رهي. هئي. ارنيسٽ مئڪي ڪجھه حصي جي ۱۹۲۷ع کان ۱۹۳۱ع کوٽائي ڪرائي هئي. مورٽيمر ويلر ۱۹۵۰ع دوران هن ماڳ ۾ موجود اناج جي ڀانڊن جي دريافت ڪئي هئي. جارج .ايف. ڊيلسGeorge F Dales ۱۹۶۴ع کان ۱۹۶۶ع تائين دڙي ايڇ. آر. (Mound H . R ) ۾ آزمائشي کڏون هڻائيندو رهيو. هن مان سندس مقصد هو ته موجوده دور جي جَر جي پاڻي مٿان اصلي مٽيءَ جي جاچ پرک ڪري سگھي. موهن جي دڙي واري ماڳ ۾ فقط ٻه دڙا آهن. هڪ دڙي کي (Stupa Mound) جو نالو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ٻيو دڙو شهر جي هيٺاهين واري ايراضيءَ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.”

مُهاڻا، موهن جو دڙو ۽ جديد شهري تهذيب جا مالڪ :

سنڌ جي هن قديم دڙي جي تاريخ ۽ رهواسين بابت هر محقق جيان هر ڌارئي حڪمران جي به پنهنجي راءِ رهي آهي. لنڊن ڄائي انگريزڻ، ڏکڻ ايشيا جي تاريخ جي پارکو ۽ صحافڻ ايلائيس البينيا سنڌوءَ جي سفر تي انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب: “EMPIRES OF THE INDUS” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿي: “وڪٽوريائي بيٺڪي ذهنيت رکندڙن جي اها راءِ هئي ته هيءُ علائقو انتهائي جاهل، پٺتي پيل، اونداهو ۽ غير مهذب هو. بس سڪندر اعظم اچي هتي روشني پکيڙي، تاريخدانن جي اها راءِ هئي ته ڀارت جي قديم تهذيب جا مالڪ رڳو آريائي نسل جا ماڻهو آهن. پر، انهن ڏينهن ۾ جڏهن اڃا رگ ويد جي سرجڻ جو ڪو به امڪان پيدا نه ٿيو هو ته ان کان گھڻو آڳاٽو هتي هڪ پوري سلطنت موجود هئي، جيڪا درياهه جي آندل مٽيءَ جي دڙي تي آباد هئي. ايلائيس البينيا، اڳتي انهيءَ ڳالهه جي وضاحت لاءِ لکي ٿي ته: “آرين کان اڳ واري دؤر جي وضاحت ڪندي چيف آرڪيا لاجسٽ سرجان مارشل ۱۹۳۱ع ۾ لکيو هو.“ان وقت جڏهن اڃا آرين جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هو ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ اهڙي تهذيب پنهنجي اوج تي هئي. جيڪا نج سندن پنهنجي هئي.” ان وقت بيٺڪيت خلاف مزاحمت ڪندڙ آزادي پسندن به ان تهذيب تي فخر ظاهر ڪيو هو، هيءَ تهذيب ڪٿان ٻاهران نه آئي هئي پر هتي جي رهواسين جي ذهانت جو نتيجو هئي. ان دؤر ۾ جڏهن انگريز اڃا پٿر واري دؤر ۾ هئا ته ان وقت هيءَ وادي اعلى شهري سهولتن واري جديد شهري تهذيب جي مالڪ هئي.”

هن دڙي جي ماڻهن جي ذات :

مُهين_مُهاڻن جي دڙي جي تهذيب يافته ۽ وسندڙ شهر جي آبادي جي تعداد، ذريعي معاش جي سبب ۽ آبهوا، حملا آوار قوم ۽ هن شهر جي تباهي_ برباديءَ بابت تاريخي حوالن سان محققن جي عِلم ۽ قلم جي روشنيءَ ۾ پاڻ مٿي پڙهي آيا آهيون. هاڻ هن شهر تي نالو ڪيئن ۽ ڪنهن جي ڪري پيو، انهن جي ذات ڪهڙي هئي. اهو به تاريخ جي روشنيءَ ۾ محققن جي مدد سان معلوم ڪنداسين. محقق دين محمد ڪلهوڙو چواڻي:“جن ماڻهن هي ماڳ پهريان ڳولي هٿ ڪيو هو سي سنڌي ٻوليءَ کان واقف نه هئا. جيڪي هن ماڳ کي اسم خاص سان ملائي موئن جو دڙو سڏڻ لڳا هئا. پوئين دؤر جي محققن هن نالي جي پٺڀرائي ڪانه ڪئي هئي. هتي هڪ مڪتبِ فڪر جا ماڻهو هن نالي تي زور ڏئي رهيا هئا. ڇا ڪاڻ ته اهو مُها لفظ جي ۽ انهن ماڻهن جي ذات جو نالو آهي. جيڪي سنڌوءَ جي ڪنڌين ۽ ڪنارن سان آباد آهن.”

هن دڙي جو نالو :

مان ذاتي طور تي سائين انور پيرزادو صاحب جي ان راءِ سان سهمت آهيان ته، هن شهر جي نالي ۽ اڏيندڙن بابت انور پيرزادي چواڻي: “هن دڙي جو نالو مُهين_مُهاڻا آهي ۽ هن شهر جا اڏيندڙ مُهاڻا آهن. ” هي مُهاڻن جو دڙو آهي. ڪاڪي ڀيرومل مهر چند چواڻي:“هن دڙي کي مُهين جو دڙو به چون ٿا.” ايلائيس البينيا _ موهن (مُهاڻن) جي دڙي جي نالي بابت لکي ٿي:“ موهن جي دڙي جي رهواسين جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ٻيڙي هئي.هنن ٻيڙي نه رڳو ٺاهڻ سکي ورتي هئي پر ان کي جدت به ڏني. پاڪستانين جو اڄ به اهو خيال آهي ته موهن جو دڙو اصل ۾ مُهاڻن جو دڙو آهي. يعني ٻيڙين تي رهندڙ ماڻهن جو دڙو آهي.”

سنڌي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر الطاف جوکيو چواڻي:“اصل لفظ آهي ‘مُنهون’ اسم سان حرف جر لڳڻ جي صورت ۾ اسم جي تبديليءَ پٽاندڙ،‘مُنهين’ٿيندو. ان ترڪيب موجب‘مُهين جو دڙو’ ٿيندو.‘مُهين’ هڪ نالو آهي _ جيڪو ڪنهن به ماڻهو جو ٿي سگھي ٿو. اهو ڪو بادشاهه به ٿي سگھي ٿو. درياهه جي ڀڪ سان ڳوٺ هئڻ ڪري اهو مُهاڻو ذات جو به ٿي سگھي ٿو.” “ٽالمي جي لفظ “مناگر” سنڌو جي ماڻهن لاءِ ڪاٺياواڙ جي مناس لاءِ استعمال ٿيو آهي. ان لکت موجب سنڌ جا اصلوڪا رهندڙ سنڌ جا مُهاڻا آهن.” موهن جي دڙي مان مڇيءَ جا ڪيترائي قسم لڌا ويا آهن. “راءِ صاحب کي هڪ اهڙي ٺڪري به ملي آهي، جنهن جي شڪلين مان منڇر تي رهڻ وارن ميربحرن جي ٻيڙين، کارين ۽ پاليل پکين جو نظارو اکين اڳيان تري ٿو اچي.” تاريخ نويسن زماني کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. ٽيون حصو جنهن ۾ قصا ڪهاڻيون نه رهيون، زمين ۾ پوريل پتل ۽ پٿر جا اوزار وغيره. جهڙا هن دڙي _ موهن جي دڙي مان نڪتا. جن مان پتو پوي ٿو ته هت ڪي ماڻهو رهندا هئا. ان زماني کي تاريخ نويسن تاريخ جو ماقبل (اڳيون) زمانو سڏيو آهي. جنهن جي نشاني آهي ق _ م . موهن جي دڙي مان نڪتل ٻيڙين ۽ ڪاواٺيءَ جي شڪل وارين مهرن مان به ڀاسجي ٿو ته هي مُهاڻن جو ڳوٺ _ شهر هيو. اڄ به منڇر ۽ ڪينجھر ڊنڍ تي اهي پکي ۽ ٻيڙيون ۽ ملاحن جي ڳوٺن، مِياڻين ۽ مَڏ تي مڇي، ٻيڙي ۽ ڪاواٺي ملندي. مون پاڻ ۱۹۸۸ع ۾ قاضي احمد ۾ راڻو خان ملاح ۽ سندس ڀائرن کي شهر ۾ هوٽلن ۽ آفيسن ۾ ڪاواٺيءَ تي پاڻي ڀريندي ڏٺو. خود پنهنجي آفيس ۽ رهائش گاهه جيڪا نيشنل هاءِ وي تي رئيس بکر ڄام راهوءَ جي بلڊنگ ۾ قائم هئي تي پاڻي ڀرايو. اربع ۳۱ مارچ ۱۹۹۳ع، جھانگارا ۾ سيد ميرل شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد دلبر حسين شاهه بخاري جي شادي ۾ ڪاواٺي تي پاڻي ڀرايو.

ميد _ مُهاڻن جو پيشو :

معاشري ۾ ذاتيون پيشي جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن. ائين ئي مُهاڻن جي ذات تي نالو سندن پيشي جي حوالي کان پيو. جيئن ملاح ذات لاءِ مولائي شيدائي لکيو آهي:“ ٻُڌ دؤر جيڪو ۳۰۰ ق.م ۾ شروع ٿئي ٿو، ان ٻڌڪي دؤر ۾ سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ بابت لکندي مُهاڻن _ ميد لاءِ مولائي شيدائي چوي ٿو: “مهاڻن ۽ ساٽين جو ڪم هو مڇي مارڻ ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪڻڻ. سنڌي ميد (مُهاڻا) دريائن ۽ ڍنڍن جي ڪپن تي ڪانن جي جھوپڙين ۾ رهي رَڇ ۽ ڄار سان مڇين جو شڪار ڪندا هئا ۽ پکين جي شڪار لاءِ پکي پاليندا هئا. سنڌين جي قدرتي خوراڪ مڇي آهي ۽ غريب غربي جو کاڄ آهي. اڄ به سنڌو درياءَ ۽ سنڌ جي ڍنڍن مان مڇي جام مري ٿي.”

هن دڙي جي لکت هڪ سوال بڻيل :

علامتن ۽ نشانين جي هن وڏي تعداد کي ڪوبه ماهر اڃا تائين ڪونه پڙهي سگھيو آهي. تنهنڪري لکت هن شعبي جي عالمن ۽ شاگردن واسطي هڪ ڳجھارت ۽ للڪار بڻيل آهي. ويجھڙ ۾ ڊينمارڪ جي ماهرن هن لکت کي پڙهي وڃڻ جي هام هنئين آهي. هتان جي ماهرن جو نُڪتهء نظر آهي ته مُهرن تي لکيل ٻولي پروٽو _ دراوڙي آهي. هيءُ بحث ۽ نئين قسم جي هيءَ ڄاڻ اڳي پيش ڪيل ماهرن جي نُڪتهء نظرکان وڌيڪ قابِل قبول ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

موهن جي دڙي مان لڌل مُهرن کي پڙهڻ کانپوءِ سراج ميمڻ پنهنجي ڪتاب‘سنڌي ٻولي’۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:“ٻي نشانيءَ ۾ مڇيءَ جي چئن ئي پاسن تي جيڪي چار ٻڙيون آهن، سي هڪ ته ان نشانيءَ کي نياتي نشاني بنائين ٿيون _ ۽ ان سان گڏ غني جو اچار پڻ ڏين ٿيون. هيءَ مُهر ان ڪري نياتي نشان هجڻ سان، نالو پڻ آهي _ ۽ اهو نالو آهي “جام” يا “ڄام”، هي اسان وٽ عام نالو آهي. هن ۾ اها پڻ خصوصيت ملي ٿي ته هتي مڇيءَ جي نياتي نشان واري قبيلي جي سردار جو اهڃاڻ آهي. اسان وٽ اڄ تائين مهاڻن ۽ مڇيءَ تي گذران ڪندڙ قبيلن جي سردار کي “ڄام” يا “ڄاموٽ” سڏيو وڃي ٿو! .”

هن دڙي مان درياهه ۽ کوهه مان پاڻي ڀري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائڻ لاءِ ميربحرن جي ڪاواٺيءَ جا قسم پڻ مليا آهن. جنهن جي نشاني بابت ملي ٿو:“هيءَ نشاني (ڪاواٺيءَ جي شڪل) اهڙي آهي ڄڻ ڪو ماڻهو ڪاواٺيءَ تي پاڻي کڻي وڃي رهيو آهي. هي‘پاڻي مهيا ڪرڻ جو طريقو‘(Water Supply) آهي.” منهنجي خيال ۾ مُهين _ مُهاڻن جي شهر، دڙي جي ابتدا ئي اڏاوت به اهڙي ئي انداز ۾ ٿي هوندي جيئن تاج صحرائي پنهنجي هن مضمون “تهذيب جا خالق” ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: “سنڌ جي تهذيب جي منڍ وارن ننڍن ننڍن ڳوٺاڻن گڏيل سماجن جا خالق بنيادي طور تي سنڌي ڳوٺاڻا آهن. سماج انهن کي شڪاري، هاري، ناري، مهاڻا، ميربحر وغيره سڏيو آهي. اسان وٽ اهي ننڍا وڏا ڳوٺ جن کي هر وقت ٻوڏ جو خطرو پي رهيو سي مڏن (Plies) مٿان اڏيل آهن.” مُهاڻا مڇي ماري جتي گڏ ڪندا آهن ان کي مَڏ چئبو آهي. درياهه جي ڪناري سان جيڪي به مهاڻن _ ميربحرن ۽ ملاحن جا ڳوٺ هوندا آهن ان کي مِياڻي، پتڻ، تڙ چئبو آهي. موهن جي دڙي جي ٻوليءَ جي ڀاڃ _ “سنڌي ٻولي” واري پنهنجي ڪتاب ۾ سراج ميمڻ لکي ٿو: “ڪي ڪي مهرون لفظ “تڙ” ڏيکارين ٿيون _ ۽ ائين ٿو ڀائنجي ته ان وقت جيئن ته اهو شهر دريا جي ڪپ تي هو، ان ڪري شهر کي مختلف گھاٽ، پتڻ ۽ تڙ هئا، جن تان ماڻهو مال آڻيندا هئا.“دي لمن جو تڙ” يا ديلمن جو تڙ” ان مهر مان مونکي ڊاڪٽر ڪريمر جي “دلمون” واري حوالي سان، پڪ ٿئي ٿي ته “دلمون“ نالو موهن جي دڙي جي شهر جي هڪ تڙ جو نالو هو. جو سميرين کي ياد رهيو، ڇا ڪاڻ ته اتان هنن لاءِ سون، عاج وغيره ايندو هو، جنهن تي دلمون يا ديلمن جي تڙ جي مهر ڇپيل هوندي هئي.” مُهاڻن‘جو دڙو هجڻ جون شاهديون ڪهڙيون آهن. جنهن جي شاهدي لاءِ پهرين‘سنڌ جي قديم تاريخ ’۽ پوءِ سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؓ کان رهنمائي وٺنداسين. سڀ کان اول ته، سنڌ ڌرتي جا اصلوڪا رهواسي ڪير آهن، مُهاڻو لفظ جي معنى ڇا آهي. ڀٽائي صاحب پنهنجي شعر ۾ ان کي ڪيئن سمجھايو _ ڳايو آهي ۽ سماج ۾ ان جو ڪارج ڪهڙو آهي.

مُهاڻا جي بڻ بڻياد بابت ايڇ ٽي سورلي، پنهنجي ‘سنڌ گزيٽيئر’ ص:۲۵۰ جي فٽ نوٽ ۾ لکي ٿو:“مهاڻو (لفظ: ‘مُهاڻي’ جي اصل ساخت ماهه + آڻو آهي.‘ماهه’ معنى مڇي، آڻو معنى وارو يعني مڇيءَ وارو. يا مڇيءَ تي گذر سفر ڪندڙ” هو ان ئي ڪتاب ۾ لکي ٿو: “پڪ ناهي ته مهاڻو، نالو ڇا مان نڪتل آهي ، پر ان مان مراد سنڌ علائقي جي مسلمانن جو اهو قبيلو ۽ ان جا اڪيچار پاڙا آهن. جن جي ڪِرت سمنڊ جي ڪپر تي توڙي اندر ڏيهه ۾ مڇيون مارڻ آهي. مڪران جا مهاڻا ميد سڏبا آهن ۽ اهو نالو سنڌ ۾ اڻڄاتل نه آهي. توڻي جو هاڻ انهن جو سلسلو انهن سائٿيائي ميدن سان ملائڻ ناممڪن ٿو نظر اچي. جي هزار ورهيه سنڌوءَ جي ڪنڌين تي رسندا هئا. مهاڻا به اهي ئي آهن. جي اڳوڻي پنجاب جا ملاح آهن. اڳئين پنجاب جي ڏکڻ _ اولهه ۾ ان ئي نالي سان مهاڻا آهن. ملاحن جو گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو پاڙو متجاري نالي ساڳيو مهاڻن وارو آهي. ملاح ڪرت واري ذات آهي. جيڪڏهن ملاح پلوٽارڪ جا ڄاڻايل اُهي ئي ملوءِ لوڪ آهن جن سڪندر اعظم سان سنڌوءَ ۾ لهواري هاڪار وقت ڇتيون چڪريون کاڌيون هيون ته پوءِ اهي ماڻهو سنڌو ماٿريءَ ۾ عيسوي سن کان گھٽ ۾ گھٽ ٽي سئو ورهيه اڳ کان وسيل آهن. هنن ۾ آڳاٽن ماڻهن وارا سڀ مهانڊا آهن.

مهاڻو لفظ اڳوڻي پنجاب جي ڏکڻ اولهه ۾ پڻ ڪتب اچي ٿو. اڳوڻيءَ سنڌ جيان اُتي پڻ مهاڻن کي عام طرح ‘ميربحر’ سڏيو ويندو آهي. اهو پڻ ڪرت ڏيکاريندڙ نالو آهي ۽ معنى اٿس ‘سمنڊ يا پاڻيءَ جو سرواڻ ’ انهيءَ ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته مُهاڻا نسل جي حيثيت ۾ جتن يا سمن کان به آڳاٽا آهن. ٿي سگھي ٿو ته اهي موئن جي دڙي واري زماني کان هيٺين سنڌو ماٿري جي ڪن اصلوڪن ماڻهن جا پونئير هجن. صادق علي مُهاڻن جون ۲۵۴ ذاتيون ٻڌائيندي چوي ٿو ته پتو ناهي اهي اصل هندو هئا يا ڪي ٻيا لوڪ. اُهي يا ته ٻيڙيون هلائيندا آهن يا مڇيون ماريندا ۽ وڪڻندا آهن.”

تاريخ سنڌ، ۾ مُهاڻي کي ‘ميد’ سڏيو ويو آهي. جيڪو اڳتي هلي مُهاڻو _ ملاح سڏجڻ لڳو ‘ميد’ لاءِ ڪٿي پڙهيو هيم ته: جن سنڌ ڌرتي دريافت ڪئي اهي ميد هيا، اهي ئي سنڌ ڌرتي جا اصل وارث آهن. ان جي هڪ شاهدي تاريخ سنڌ ۾ هيئن به ملي ٿي:“ قديم زماني ۾ درياءَ پاهن (سنڌودرياءَ) جي ڪناري تي ٻه قومون رهنديون هيون. جن مان هڪڙي ته جاٽ هئي ٻي ميد. ڪهڙو عجب ته سنڌ جا هي ميد به انهيءَ عظيم الشان ۽ مشهور قوم سان تعلق رکندا هجن. جنهن اسيريا جي سلطنت کان اڳ فرات وادي جي بلندي ۾ وڏي شان شوڪت سان هڪ سلطنت قائم ڪئي هئي. اسان کي سنڌ ۾ انهن جي متعلق فقط ايتري قدر پتو پوي ٿو ته هو هڪ غير معلوم ۽ غير محدود زماني کان درياءَ سنڌ جي ڪناري تي رهنديون هيون ۽ هڪ ٻئي جون دشمن هيون.” “انهن قبيلن جو ذڪر عرب تاريخدانن، جاگرافي نويسن ۽ سياحن تمام زبردست نموني ڪيو آهي. هي سنڌ جا قديم قبيلا جت ۽ ملاح هئا ۽ آهن. جيڪي اڄ به سنڌ جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ آباد آهن. جت جنهن کي عربي زبان ۾ “زط” چيو ويو آهي.” جن جا پاڻ ۾ جھيڙا رهيا جن کي راڻي دهسلا سنڌ اچي ٺاهه ڪرائي پنهنجي حڪومت ۾ وٺي سنڌ جي پهرين راڻي بڻجي جاٽ ۽ ميدن تي حڪومت ڪرڻ لڳي. تاريخ سنڌ چواڻي: “سنڌ ۾ ميدن جون پراڻيون قومون ائين بنا بادشاهه جي رهجي ويون هيون.”

پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب: ‘اُهي ڏينهن اُهي شينهن’ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: “منھنجو خيال آھي ته سنڌ جي پراڻي ۾ پراڻي قوم اھي مير بحر ٿي سگھن ٿا. يعني موئن جي دڙي واري قوم جي بچيل نشاني. آرين اچي شھرن تي قبضو ڪيو ھوندو. آءٌ ان راءِ جو رھيو آھيان ته سنڌ جي اصلوڪين قومن مان جيڪڏھن ڪا قوم آرين جي مارا ماريءَ کان بچي سگھي ھوندي ته اھا مير بحرن جي قوم ھوندي.” آثاري قديمه جي تاريخ ۾ هن دڙي جي تباهيءَ جو هڪ ڪارڻ هي به ملي ٿو: “ڊيلسن کي ۱۹۶۴ع ۽ ۱۹۶۵ع دوران دڙي جي ۱۸ ميٽرهيٺ ڪيل کوٽائي مان انساني آباديءَ جا اهڃاڻ مليا هئا. اهڙي آبادي جي مختلف تهن تان پاڻيءَ سان لاڳاپيل اهڙيون علامتون مليون هيون، موجوده موهن جي دڙي کان هيٺ واري شهر جي مختلف تهن کي سنڌوءَ جي چاڙهه ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيو.” موهن جي دڙي تي ٿيل آثاري قديمه جي ماهر ايس آر راءُ، جي جديد تحقيق موجب ٻاهرئين حمله آور تباهه ڪونه ڪيو آهي.“هيٺاهين شهر (Lower City) واري نام نهاد قتلام کان پوءِ به سيٽاڊيل آباد رهيو آهي. هن جي معنى اها ٿيندي، ته اهو قتل عام ڪونه ٿيو هو. ڪن حقيقتن جي آڌار تي معلوم ٿيو آهي ته، موهن جي دڙي ۾ ۳۰۰۰ هزار گھر هئا ۽ آبادي ۰۰۰،۴۰ هئي. تنهن ڪري جيڪڏهن قتل عام ٿئي ها، ته ٻارن جي هڏاون پڃرن سان گڏ هزارين وڏن ماڻهن جا پڃرا لڀن ها. پر، رپورٽ ۾ فقط ۳۰ هڏاون پڃرن جو ذڪر موجود آهي. امڪان آهي ته پاڙي ۾ ڪو جھيڙو ٿيو آهي. يا اوچتو گھر ڪري پيو آهي. جنهن ڪري فقط ۳۰ هڏاوان پڃرا مليا آهن،ته موهن جي دڙي کي ڪنهن ٻاهرئين حمله آور تباهه ڪونه ڪيو آهي.” سنڌو تهذيب جي آباديءَ بابت سنڌي ٻوليءَ جو نامياروليکڪ ڊاڪٽر اعجاز انڙ پنهنجي ڪالم: ‘سنڌو ۽ گنگا _ جمنا تهذيبن تي بار بار حملن جو سوال’ ۾ لکي ٿو: “سنڌو ماٿري (۲۶۰۰ کان ۱۹۰۰ ق. م.) ۾ لڳ ڀڳ ۵۰ لک ماڻهو آباد هئا.” سنڌ ڌرتيءَ تي ميد ۽ جاٽ قديم قومون آهن. جن جا پاڻ ۾ جهڙا رهيا آخر ۾ امن سان رهيا. جاٽ جيڪي اڳتي هلي جت سڏجڻ لڳا.

مُهاڻن بابت لانگ ورٿ ڊيس پنهنجي ڪتاب:“بلوچ قوم” صفحو ۱۷ ۾ لکي ٿو ته: ميد يا ميڌ، سنڌ ۽ مڪران جي (سامونڊي) جا قديم مُهاڻا آهن ۽ بلوچ اهو نالو حقارتاً استعمال ڪندا آهن. درياءِ سنڌ جي نزديڪ ميد نالو درياءَ جي مُهاڻن سان لاڳو آهي ۽ اڪثر “ميڌ ۽ ماڇي” ٻئي نالا گڏ استعمال ٿيندا آهن.

سنڌ جا ميد غالباً سنڌ جي سامونڊي ساحل جا ميربحر هئا. هاڻو ڪو لفظ “ميہ” جي بدليل صورت هجي. اڃا تائين کاري طرف حقارتاً چوندا آهن ته “تون ڪو ميد آهين” يا تون ڪو مَيہ آهين” يا “ تون ڪو مي آهين۔”

پروفيسر عبدالله ملاح چواڻي:“ لفظ ‘مُهاڻو’ اصل ۾ ‘مِيهاڻو’ آهي. يعني: مِيي وارو _ خوشبوءَ وارو. مڇيءَ جي کل مٿان جيڪا لِواري کِکَ چڙهيل هوندي آهي ان کي ميي چئبو آهي.” شاهه عبداللطيف ڀٽائي ؓ به پنهنجي شاعري سُر ڪاموڏ ۾ مِيي لفظ استعمال ڪيو آهي. جيڪا قوم _ قبيلو پاڻيءَ سان گڏ رهي سگھي، اها ‘ميد’ قوم ئي هئي. جنهن جي شاهدي سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيؓ ان مُهاڻي کي ‘مي _ مِئَي _ مَيي_ مِئَڪِي _ ’ چئي هيئن ڏني آهي:

هيــــــــڏِيءَ ويــــــــــرَ ڪِئَا ، ڪِينجھُــــــــرَ ۾ بَــــــــاههِ ٻَـري،

نَـــــــڪـــــو تَــــــــــــارو اُڀَ ۾ ، نَـــــــــــــڪــــــــــو چَـنـڊَ اُهـــاءُ ،

نَـــــــــڪو وَرَنُ وِڄُ جـــــــــو، نَـــــــڪــو شَـــمسَ شُـــــعـــــــاعُ،

لَٿـــــــــــو پَــــــــــــــــاندُ مُهَــــــــــــان، مي چَڙَ هندي مَڪُڙي.

نــــــــــوُريءَ جـــــــي نَــــــــوازِيــــــو، ٿِيــــــو تَـــماچــي تــــــي،

گــــــــــاڏيءَ چـــــــاڙهـــــي گَــندِري، مـــــاڙِهوُ ڪَيو مــي،

ڪنــــــــجھُــــرِ چـــوُنــدا ڪي، ته سَچُ سَڀائي ڳالَهڙي.

ڪـــــــــــو جـــــــــــو ڪـــــــــــامَـــــــڻ مــي، آهي اَ کَڙِ يُنِ ۾،

تَـــــــــــــنُ تــــــماچـــــــيءَ ڄامَ جـــــــــو، نـــــــاڀُــون پايو نــي،

 عِــشقُ اِئَن ڪَري، جِئَن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪَيــو. (شاهه)

ڄــــــارا ۽ کـــــــــــارا ، مـــــالُ جنين جو مَڪُڙيــــون،

تـمـــاچِيَ جـــي تَڪيـــــــــِي، اَچــــــنِ سَـــــــــــــــــــــوار،

مِئَــــي مَڇِـــــيَ مـــــــارا، سَمي ســـــي سيــــڻَ ڪِئــا.

تــــون سَمُون ، آئون گَندِ رِي، مون ۾ عَيبَنِ ويہَ،

پَسِي مِئَڪِي ڌِيءَ ، متـــــــــان مـــــاڱَـــرِ مَٽِييـــن! .

تــــــــون تـــــــــــماچِي تَڙَ ڌڻِي، آئون مُهاڻِي مـــــي،

مون ڏهاڳُ مَ ڏي، آئون جا نالي سُيَسِ تُهِجي.

کاڄُ جَنِين جو کِکِيُون، مالَ جَنِين جـــــــــا مَــــــڏَ ،

ســــــــــــمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، هِيڻَ جَنِين جا هَـــڏَ ،

ڄــــــــام َ ! پَرتِيءِ لَـڏَ ، سانگيَن ِ جي، سَيَدُ چي.

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جي مستند ترتيب ڏنل جامع سنڌي لغات ۾ مُهاڻي جي معنى هيئن ٿي ملي: مُهاڻو ج مُهاڻا : ذ. صفت . مڇي ماريندڙ _ ماڇي. مير بحر _ ملاح (ث. مُهاڻي ج مُهاڻِيُون) _ مُهاڻڪو . ج مُهاڻِڪا : ذ . صفت . مهاڻي جو _ مُهاڻي وارو. مُهاڻي: ث . مڇيءَ جو قسم . مِئاڻِي ج مِئا ڻِيُون: ث . مڇي مارڻ جي جاءِ _ مِياڻي. مِي: ث . مُهاڻو _ مُهاڻي. مِياڻ ج مِياڻُون: ث. پَلي يا مڇي ماري گڏ ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ميدان _ ملاحن جي رهڻ جي جاءِ . مِير بَحَرُ : ذ. صفت سمنڊ جو بادشاهه _ ناکئو _ ملاح. ڀٽائي صاحب جي شعر ۽ ڊاڪٽر بلچ جي مستند لغت مان ثابت ٿيو ته، ‘مِي _ مِئي’ معنى مُهاڻو، مُهاڻي ۽ ملاح .

موهن جي دڙي تي تحقيق ڪندڙ ڪجهه سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪ، محققن به پنهنجن ڪتابن_ تصنيفن ۾ موهن جي دڙي کي‘مُهين’ جو دڙو لکيو آهي. ڇو ته، مُهين جو دڙو ۽ پاڻي هڪ ٻئي کان گھڻو پري ناهن. شروعات ۾ زمين جڏهن پاڻيءَ جي پيٽ مان جنم ورتو هوندو ته پاڻيءَ جي سهنج ڪري آبادي ان طرف ئي رخ ڪيو هوندو. مُهاڻن پاڻيءَ جي سهنج ڪري اتي ئي پنهنجا پکڙا اڏيا هوندا، پوءِ اتي آهستي آهستي آبادي ۾ اضافو ٿيو هوندو. رهائش ۽ ترقي ۾ اضافو آيو ۽ هڪ مِياڻي مان وسندڙ وڏو ترقي ۽ تهذيب يافته شهر بڻجي پيو. جنهن جو گھڻو تڻو گذران زراعت ۽ وڻج واپار تي رهيو. هي منهنجو خيال آ، جيڪو غلط به ٿي سگھي ٿو. بنيادي سوال اهو آهي ته، هن شهر جي اصل نالي ۽ ان مان لڌل شين جو نالو ڇا آهي؟ ڇا هن مهل تائين هن ڦٽل شهر جي مڪمل ٻولي ڪير سمجھي سگھيو آهي.؟ جي نه ته، پوءِ منهنجي خيال ۾ في الحال ته ڪير به ڪنهن جي خيال، راءِ کي رد نه ٿو ڪري سگھي. جيئن شهر‘ڪراچي ’جي ابتدا ٿي شهر ڪنهن ۽ ڪهڙي ريت اڏيو، شروع ۾ ڪهڙو نالو هيس. پوءِ اڳتي هلي ڪهڙو نالو پيس. هاڻ دنيا جي معيار جهڙو، جديد شهر بڻجي چڪو آهي.“مهن واري دڙي جي زمين تي اصل ۾ هڪ عاليشان شهر ٻڌل هو، جنهن جي نالي جي ڪنهن کي به سڌ ڪانهي. اهو شهر پوءِ ڊهي دڙو ٿي پيو ۽ اتي جا رهاڪو منجھنس دٻجي مري ويا. اهو شهر ڪيئن تباهه ٿيو ڪن جو چوڻ آهي ته، سنڌو نديءَ جي سيلاب يا ٻوڏن سبب ۽ ڀر وارن جبلن تان برسات جي پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب زمين ۾ دٻجي ويو. دڙي جي اندر جيڪي جايون هينئر لڌيون آهن، تن ۾ ڪن هنڌن تي باهه لڳڻ جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.” هن شهر جي تباهيءَ بابت هڪ راءِ هيءَ به آهي:“سنڌوءَ تي بند ٻڌڻ کان اڳ ۾ هي ٻوڏون ماڻهن لاءِ وڏو خطرو هونديون هيون. اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته، ٻين کان وڌيڪ ٻوڏ جو عنصر به هتي موجود هو. جنهن سنڌوءَ جي ڪناري تي، اڏيل موهن جي شهر کي وري وري تعمير ٿيڻ تي مجبور پئي ڪيو. آخر نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهو موهن جهڙي شهر کي ڇڏي هليا ويا.”

سماجي عِلم کي سائنس چيو ويو آهي. ريسرچ چيو ئي ان کي ويندو آهي جو ڳوليل شيءِ کي ٻيهر ڳولي. تحقيق جو ٻيو ڪنارو ناهي ٿيندو،ان ڪري تحقيق جو سلسلو هلندو رهندو آهي. جنهن سان هر ڀيري نيون نيون شيون سامهون اينديون آهن. ٻيو ته، هن دڙي جي قدامت بابت ڪي ۲۷ هزار سال ته ڪي پنج هزار سال ته ڪي وري ست هزار سال ٻڌائي رهيا آهن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته، هن مهل تائين اسان جڏهن مُهين جي دڙي جي ٻولي ئي ناهيون سمجھي سگھيا ته ان جي ڪنهن به شيءِ تي ٽڪ ٻڌي بيهڻ اجايو آهي، ته هي فلاڻي شيءِ آهي. ۽ هن جو نالو ۽ مذهب، فلاڻو آهي. جيئن مٿين ڳالهين جي به ڪائي مڪمل_ متفق ثابتي ناهي ملي سگھي صرف هڪ اندازو ئي آهي. ائين ئي منهنجو به هڪ اندازو آهي ته موهن جو دڙو مُهاڻن جو دڙو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي پارکو، عبدالله جيسر چواڻي:“هاڻ هندستان وارا به هن کي مُهين جو دڙو سڏين ٿا.” مُهين _ مُهاڻن جو بگڙيل نالو آهي. هت مُهين _ مهاڻن جا مَڏ، مڏيون ۽ مياڻيون ڳوٺ به هوندا آهن. هن دڙي بابت هڪ راءِ هيءَ به سامهون اچي ٿي: جڏهن مُهين _ مُهاڻن جي شهر واسين جو گھڻو گذر زراعت ۽ وڻج واپار تي هوندو هيو. جڏن درياهه رخ مٽايو ۽ شهر ڦِٽو، واپار جو اهو زور _ سلسلو نه رهيو ته، هنن پنهنجي گذر سفر لاءِ آهستي آهستي مال چارڻ شروع ڪيو.

مُهين، جي دڙي جي به ابتدا کان تهذيب يافته ۽ ترقي پذير شهر بڻجڻ تائين جي دؤر جي تاريخ به ائين ئي هوندي. بحرحال ان تي گھڻي تحقيق جي ضرورت آهي؛ جنهن لاءِ وقت ۽ وسيلن جو هجڻ ضروري آهي. اهڙو ڪم سرڪار جي سهڪار سان ئي مڪمل طرح سان ممڪن بڻجي سگھي ٿو. ان اجڙيل شهر جي تهه ۽ تاريخ تائين پهچڻ عام محقق جي وس جي ڳالهه ناهي. قديم آثارن جا ماهر ۽ محقق ان جاکوڙ ۾ پئي رهيا آهن ته هن وسندڙ شهر ۽ قديم تهذيب جي اصل نالي ۽ ان جي اڏيندڙ قوم تائين تاريخ ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾ پهچي سگھجي. جن لاءِ مختلف ماڻهن پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي وس وت آهر ڪوشش پئي ڪئي آهي. ڇو ته تحقيق ۽ تاريخ جو سلسلو رڪجڻو ئي ناهي. جيئن محمد يوسف ابڙو ‘شاڪر’ پنهنجي مقالي‘موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو؟ دنيا جي هن قديم يادگار جو صحيح نالو ڇا لکڻ کپي.’ ۾ هن نالي کي دليلن ۽ حوالن سان وضاحت ڪندي: “موهن ۽ موئن ” واري نالي کي رَدُ ڏيندي لکي ٿو: “هن دڙي جو نالو ‘مهين جو دڙو’ (ميهه _ مهاڻه قوم) جو ڦٽل شهر آهي. سنڌ ۾ قديم زماني ۾ ٻه وڏيون ۽ زبردست قومون رهنديون هيون. هڪڙي جاٽ، جا اٺن جي وڳن سان سنڌ جي وارياسن ميدانن ۾ رهندڙ هئي۔ جت زط، زوطي، جيپسي، هيپي، وغيره جي نالن سان سڏجڻ ۾ آئي. ۽ ٻي مي، ميه، مِهي، يا ميد قوم، جا دريائن سمنڊن تي مڇي مارڻ ۽ ٻيڙا ڪاهي واپار ڪرڻ ۾ مشغول رهندي هئي.

ميد قوم کي سنڌ جي پراڻي تاريخ (جا عربن جي لکيل آهي) ۾ چور، ڌاڙيل وغيره سڏيو ويو آهي. هن ڦٽل شهر ۾ اصل هيءَ قوم (اصل سنڌي اُچار مُهاڻا، جنهن کي عربن بگاڙي لنڪامره، وغيره ڪيو آهي.) رهندي هئي. جنهن جون بستيون سنڌو نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هيون. هنن جا ٻيڙا عربي سمنڊ تي مڪران، ملبار، سرانديپ کان ڦرندا اڀرندي وارن ٻيٽن تائين ويندا هئا، جنهن لاءِ شاهه جي رسالي جو سُر: ‘سامونڊي’ شاهد آهي. هيءَ بهادر ۽ باهمت قوم ميد جي نالي سان مشهور هئي. ميد لفظ مٻي، مهٻي، ميهه وغيره نموني به استعمال ٿيل آهي. جيئن شاهه جي رسالي سُر: ‘ڪاموڏ’ ۾ ڪيترن جاين تي ڪم آيل آهي. مثلا:

پســي ميئڪي ڌيءُ، متان ماڱـر مٽئين.

تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون مهاڻي مٻي.

ميءَ مڇيءَ مارا، سمي سي سيڻ ڪيـــــا. (شاهه)

عربن جي هن پاسي اچڻ کان اڳ يقيناًهيءَ قوم پوري الهندي ڪناري کان اڀرندي وارن پٽن تائين سامونڊي واپار تي قابض هئي ۽ عربي سمنڊ تي هنن جائي ٻيڙا ۽ غُراب پنهنجو ڌڄائون ڦڙڪائيندا رهندا هئا. عربن جي هن پاسي اچڻ کانپوءِ هن ئي قوم عربن جو مقابلو ڪيو، جنهن ڪري هيءَ سڄي قوم فاتحن جي نظر ۾ ذليل، چور، ڌاڙيل، باغي، غدار وغيره بڻجي پيئي. جيئن اڳي آرين جي اچڻ تي اصلوڪا رهاڪو مليڇ، شودر ۽ داس وغيره ٿيا. جيئن ڀڳت سنگھه، هيمون ڪالاڻي وغيره آزاديءَ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ سمورا بزرگ ۽ نوجوان انگريزن جي رڪارڊ ۾ باغي ۽ غدار هئا، ته پوءِ عرب فاتحن سنڌ جي هن باهمت ۽ دلير قوم (جا ورهين جا ورهيه سمنڊ تي عرب سوداگرن سان ڀرپور مقابلو ڪندي رهي يا اوچتا گوريلا نموني حملا ڪري کين تنگ ڪندي رهي) کي چور ۽ ڌاڙيل ڪري سڏيو ته، ڪهڙي نئين ڳالهه ٿي پئي. مي يا ميڌ قوم جو ڪم ئي هيو مڇيون مارڻ يا مال جا ٻيڙا ڀرائي ڏورانهن ڏيهن تائين رسائڻ.

چچ نامي ۾ ص: ۴۳۸، تي لانگ ورٿس ڊيمس جي ڪتاب، ‘بلوچ قوم‘ ص: ۱۷، جي حوالي سان لکيل آهي ته، “ميد يا ميڌ سنڌ ۽ مڪران جي (سامونڊي) ڪناري جا قديم مهاڻا آهن ۽ بلوچ اهو نالو حقارتا استعمال ڪندا آهن. درياءِ سنڌ جي نزديڪ ميد نالو درياءَ جي مهاڻن سان لاڳو آهي ۽ اڪثر ميد ۽ ماڇي، ٻئي نالا گڏ استعمال ٿيندا آهن. ” ‘سنڌ جا ميد’ غالبا سنڌ جي سامونڊي ساحل جا مير هئا، هاڻو ڪو لفظ ميه شايد ميد جي بدليل صورت هجي. اڃا تائين کاري طرف حقارتا چوندا آهن ته “تون ته ڪو ميد آهين يا تون ڪو ميه آهين” يا تون ڪو مي آهين” وغيره

مطلب ته، ميه يا ميد اها ئي سامونڊي واپاري قوم آهي. جا سنڌو نديءَ خواه عربي سمنڊ جي الهندي ڪناري تي وسندڙ هئي. هڙاپا ۽ ميهن جو دڙو سندن خاص مرڪز هئا. هي ئي هئا جيڪي جاوا ٻيٽن تائين کارو کيڙيندا هئا. هنن ئي عربن سان جھيڙا ڪيا ۽ سندن جھاز ڦريا وغيره. هنن جي مرڪزن تي وقت بوقت ٻاهرين ۽ ڌارين حملا ڪيا. جن مان بني اسرائيلن جا حملا مشهور آهن. جيئن “آئينه قديم سنڌ ”۾ ڏيکاريل آهي مگر هنن ماڻهن هر بار موٽي اچي پئي شهر آباد ڪيو.

هن دڙي کي ‘مهي جي دڙي’ جي نالي سان لکيو ويو آهي. منهنجي خيال موجب هي دڙو ۽ کنڊهڙ سنڌ جي هڪ قديم، زبردست ۽ باهمت قوم، ‘ميد’ جو مرڪز هئو جنهن کي ‘مٻي يا مهٻي’ به سڏيو ويندو هو. تنهن ڪري هن دڙي جو نالو ‘مٻهين جو دڙو’ هئڻ کپي.”

سيد حاڪم علي شاهه بخاري موهن جي دڙي تي لکيل پنهنجي مقالي‘موهن جو دڙو يا مئن جو دڙو ’۾ پهرين ڊاڪٽر محمد علي پٺاڻ جي روزاني جنگ اخبار کي ڏنل انٽرويو جو حوالو ڏئي ان کانپوءِ مقالي جي آخر ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪندي هن دڙي جي اصل نالي بابت لکيو آهي:“ ۸ مئي ۱۹۹۱ع جي روزاني جنگ اخبار، ۾ شايع ٿيل هڪ انٽرويو ۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ به موهن جي دڙي جي موجوده هِجي ۽ معنى سان اختلاف ڪيو آهي. هن جو اهو خيال آهي ته، اها سرزمين موهاڻن جي نالي سان موسوم آهي. موهاڻا سنڌ جي پراڻين ذاتين مان آهن. جيڪي معنى يا پيشي جي لحاظ کان ملاح ۽ ماهي گير (ماڇي) هوندا آهن.”

الغرض اها ڳالهه روز روشن وانگر چٽي آهي ته عالمن ۽ تحقيق ڪندڙن جي اڪثريت متفقه طور تي ان راءِ جي آهي ته، هن سرزمين جو نالو ماهيگيرن جي ذات موهاڻا’ جي ڪري موهنجو دڙو پيو آهي جيڪو انقلابات زمانه سان موهن، موهان، موهِن ٿي ويو.” محقق عزيز ڪنگراڻي پنهنجي ڪتاب: ‘سنڌ جا ماڳ اَ ماڳ’ جي صفحي ۳۱ تي، احمد حسن داني جي ڪتاب: “هسٽري آف پاڪستان ٿرو ايجز” جي صفحي ۲۲ جو حوالو ڏيندي، ملاح ۽ موهن جي دڙي بابت لکي ٿو: “يقيني طور ميلوها ملاح يا مهاڻو آهي.” اهي سامونڊي يا درياهي ماڻهو آهن. داني صاحب ميلوها جي حوالي سان ملاح يا مهاڻي جو ذڪر ڪري ٿو. سو قياس قرين آهي، ڇو ته ملاح يا مهاڻو سنڌ جو اصل ۽ قديم ٻيڙا هلائيندڙ ۽ وڻجارو قبيلو آهي. انهن جا ٻيڙا وڻج واپار جي سلسلي ۾ قديم زماني کان پرڏيهه تائين مصروف رهيا، پر هتي ڪنهن شخص يا قبيلي جو نه، پر ماڳ ميلوها جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان چئي سگھجي ٿو ته انهيءَ ماڳ جو تڏهن نالو مهاڻين يا مهاڻائو هجي. موهن جو دڙو، مهين جو دڙو به سڏجي ٿو. ملاح، مهاڻي يا مهين جا اُچار به ٿوري گھڻي ڦير گھير سان هڪ ٻئي جي قريب آهن.”

ڊاڪٽر محمد علي محمدي پاران پنهنجي فيس بڪ تي ۹ فيبروري ۲۰۲۶ع واري ڪالم:“سترهين صديءَ ۾ سنڌ جا قبيلا ۽ انهن جي ورڇ” تي خادم سومرو، پنهنجا ڪمنٽس ڏيندي لکي ٿو:“سائين مُهاڻا ته سنڌ جي اوائلي ذات آهي. مون اهو پڙهيو آ ته مُهاڻا ميدن جي نسل آهن جيڪي سنڌو درياءَ جا اوائلي رهندڙ آهن. ڪجهه محققن جو خيال آ ته موهن جي دڙي جو پراڻو نالو ‘ميلوها يا ميلو آ’، هو. جنهن جو ذڪر ميسو پوٽيميه جي کوٽائي ۽ لکت مان ملي ٿو. اڪثر محقق چون ٿا ته، ٿي سگھي ٿو ‘ميلو ها ملاحن’جي علائقي جي ڪري نالو پيو هجي. ٻيو وري ميد ۽ جتن جو ذڪر مهاڀارت ۾ ملي ٿو. جنهن ۾ انهن کي سرڪش قبيلا سڏيو ويو آهي. چيني سياه پڻ ميدن جو ذڪر ڪن ٿا جيڪي درياهه ڪناري آباد آهن.”

مُهين جو دڙو ثقافت ۽ همعصر دڙن کان اُتم :

مُهين جي دڙي جي تاريخي ۽ ثافتي حوالي سان دنيا ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رهي آهي، مولائي شيدائي چواڻي:“دنيا جي ڪابه ثقافت علائقي جي نُڪتهء نظر کان نه هن جيتري وسيع آهي نه وري ڪنهن ٻي ثقافت جون ايتريون گھڻيون شيون هٿ لڳيون آهن. هن سڀيتا جي اثر جو دائرو هڪ وڏي شهنشاهت جيترو وسيع هو. جيڪو وڏي شهر مُهين جي دڙي ڪري هو. هيءُ شهر نه رڳو پنهنجي سهيوڳي شهرن کان وڏو ۽ اُتم هو، پر پنهنجي دؤر کان اڳ شهرن کان به عظيم ۽ پنهنجي دؤر کان پوءِ وارن شهرن کان به اعلى ۽ اُتم هو.”

مُهاڻن _ موهن جي دڙي جي اهميت :

پنج هزار ورهين جي سنڌ جي اتهاس دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن مغربي عالمن مصر جي خط تمثال ۽ بابل جي خط پبڪاني کي معلوم ڪري مٿين ملڪن جون تاريخون مرتب ڪيون. هنن فيصلو ڪيو ته واديءُ فرات ۽ دجله ۽ مصر جي نيل ماٿري دنيا ۾ تهذيب ۽ تمندن جا مرڪز هئا ۽ انهن ملڪن مان تمندن جا چشما وهي نڪتاهئا، جن کان فنيقيان ۽ يونان ۽ ايران وارن روشني ورتي هئي. ليڪن ۱۹۲۲ع ۾ موئن جي دڙي جي آثارن، دنيا وارن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو ۽ انهن تسليم ڪيو ته مهراڻ واري تهذيب جا پنهنجي نوعيت ۾ غير معمولي حيثيت رکي ٿي، ڪنهن به طرح عراق ۽ مصر جي تهذيب کان گھٽ ڪونه هئي. فرق صرف هي آهي ته مغربي محقق بابل ۽ مصر جي خطن کي معلوم ڪري انهن ملڪن جي قدامت، تاريخ ۽ جاگرافي، سماجي حالتن، نفسيات، ماديات ۽ روحانيت کي کولي بيان ڪيو آهي. جنهن مان مٿين ملڪن جي دماغي قوتن، ايجادن، عقيدن جا خط و خال نمايان نظر اچن ٿا. بدقسمتيءَ سان موئن جي دڙي واري نڪتل خط کان اڃا سوڌو غير واقف آهن. يعني ته تاريخ جي آڳاٽن سنڌين، جن وٽ پنهنجي زبان ۽ خط هو، جنهن کي مغربي دانشورن معلوم ڪرڻ کان عاجز آهن. ليڪن ايڏي اونداهي هوندي به موئن جي دڙي مان نڪتل شين کي ڏسندي عمارت سازي، ڪپڙي سازي، جهاز سازي، مصوري، برتن سازي، واپار جهڙن فنن کان واقف هئا ۽ متمدن قومن سان سندن تعلقات قائم هئا.

هن تحقيق جي تهه تائين پهچڻ لاءِ جاکوڙ جاري رهندي :

هن دڙي جي حقيقتن کي جانچڻ لاءِ محققن جي جاکوڙ جو سلسلو جاري رهندو. ڇو ته اصل حقيقتن تائين پهچڻ لاءِ جيستائين هن دڙي جي مڪمل کوٽائي ۽ ٻولي ڪير نه ٿو ڀڃي سگھي، تيستائين ڪنهن جي به چيل، قائم ڪيل راءِ _ خيال کي حتمي راءِ نه ٿي چئي سگھجي. ڀيڻ مهتاب اڪبر راشدي صاحبا، به ته پاڻ موهن جي دڙي جي ٻک ۾ جنم ورتو، اتان جي آهي. جيڪڏهن هي مئلن جو دڙو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به دڙا آهن اهي سڀ مئلن جا دڙا آهن، انهن دڙن جا نالا ڇو آهن. جن محققن ۽ آثارقديمه جي ڏيهي پرڏيهي ماهرن هن دڙي تي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ڇا انهن ڪٿي اهڙو ڪو ذڪر تصديق سان ڪيو آهي ته، هي شهر ڪنهن ۽ ڪهڙي سن ۾ ٻڌايو ۽ ڪهڙي سن ۾ ڪهڙي سبب برباد ٿيو. سڀني آثار قديمه جي ماهرن، محققن ۽ تاريخدانن پنهنجي ٿوري ٿڪي تحقيق جي آڌار تي پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته، هي قديم وسندڙ شهر مُهين _ ملاحن جوڙيو هو جيڪو پاڻيءَ جي چڙهي اچڻ ڪري تباهه ٿيو.

هتان جا ماڻهو محنتي_همٿ ڀريا هيا. هڪ شهر درياهه جي لٽ سبب دٻجي ٿي ويو ته، ان مٿان وري ٻيو شهر ٿي اڏيائون ائين هن دڙي ۾ ست شهر هڪ ٻئي جي مٿان پوريل آهن.“هن دڙي جي اٽڪل تيرهن ايڪڙ زمين هيلتائين کوٽائي اٿن. هتان ست شهر هڪ ٻئي جي پٺيان لڌا آهن. ڀانئجي ٿو ته هي شهر واپار يا ٻين سببن ڪري مکيه هو. جنهن ڪري ماڻهن وري وري اهو ساڳيو شهر وسايو ٿي. ائين ست گھمرا ساڳيو هنڌ وسايائون. مهن جي دڙي مان جيڪي شهر هينئر ظاهر ٿيا آهن تن مان آسانيءَ سان سمجھي سگھجي ٿو ته پنج هزار کن ورهيه اڳي به ماڻهو ائين محلا ۽ پاڙا جوڙي رهندا هئا.” مُهين جي وسندڙ شهر جي تباهيءَ بابت ڪن محققن جو چوڻ آهي:“سنڌو تهذيب، ڪنهن اوچتي حادثي يا واقعي سبب تباهه نه ٿي هوندي. ان جي تباهيءَ جا ڪيترا ڪرڻ ٿي سگھن ٿا.” اصل پتو ڏهن پوي جڏهن هن دڙي جي مڪمل کوٽائي ٿئي ۽ ماڻهو اصل تهه _ زمين تائين پهچي. تڏهن وڃي ڪا حتمي راءِ جوڙي سگھي ٿو. وري به هن ڊگھي تاريخي ۽ تحقيقي بحث تي حتمي راءِ جوڙڻ لاءِ، قديمه آثارن جي ماهرن، مؤرخن ۽ محققن تي ڇڏجي ٿو. اسان جي هيءَ ڪيل ڪوشش ڪائي حتمي راءِ ناهي.

حوالا :

۱. ڀنڀرو، عطا محمد، . مترجم: سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال ، مصنف: ايس. آر. راءُ، ڇاپو پهريون: سيپٽمبر ۲۰۲۳ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ

۲. ڪلهوڙو، دين محمد، مرتب: سنڌ جو قديم تاريخي ورثو ، پهريون ڇاپو: ۲۰۲۱ع، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ، سنڌ

۳. سراج، ليکڪ: سنڌي ٻولي، ڇاپو ٽيون: ۲۰۱۷ع، ناشر: سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان،

۴. سورلي. ايڇ. ٽي. ڊاڪٽر، مصنف: سنڌ گزيٽيئر (گڏيل جلد ۱ ۽ ۲) سنڌيڪار: سليم احمد، ڇاپو پهريون: جون ۲۰۱۶ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ

۵. نظاماڻي، مولوي نور محمد، عبد الغني عبد الله /“مسافر”، محمد صديق، مؤلف: تاريخ سنڌ، (پنج ئي ڀاڱا گڏ)، ڇاپوٽيون: آڪٽوبر ۲۰۱۳ع، ڇپائيندڙ: مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻودر شڪارپور ، سنڌ.

۶. راشدي، پير علي محمد ، ليکڪ : اُھي ڏينھن اُھي شينھن، جلد: ٻيو، ڇاپو: پهريون. سال: ۲۰۱۱ع ، ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گھر حيدرآباد،

۷. شيخ، محمد سومار، ليکڪ: لاڙ جا ماڳ مڪان، (مقدمو): ڇاپو: پهريون: سال: ۲۰۰۶ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ

۸. احمد امير، مخدوم، ترجمہ: بلوچ، ڊاڪٽر، نبي بخش خان: تحقيق، تصحيح، ۽ تشريح: فتح نامہ سنڌ عرف چچ نامو،ٻيو ايڊيشن: ۱۹۶۶ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ

۹. شيخ، ٻانهون خان ، مرتب: شاهه جو رسالو(گھڻي کان گھڻو نج ڪلام مفصل لفظي معنى سان)، سُر: ڪاموڏ، داستان : پهريون، شعر نمبر : ۲۶، ڇاپو : ٻئو: سال: ڊسمبر ۲۰۱۲ ع، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ .

۱۰. آڏواڻي، ڪلياڻ ايم _ اي، مرتب: شاهه جو رسالو، (رسالو شاهه عبداللطيفؓ ڀٽائيءَ جو. مهاڳ، معنى ۽ شرح وغيره سميت) ، سُر: ڪاموڏ، داستان ٻيو، بيت نمبر: ۶، ڇپائيندڙ: مڪتبه اسحاقيه ، جھُونا مارڪيٽ ، ڪراچي ۲ . سنڌ .

۱۱. گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند، ترتيب ۽ تشريح : شاهه جو رسالو، ڇاپو پنجون: سيپٽمبر ۲۰۰۷ع ، ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت گھر حيدرآباد ،

۱۲. ڀنڀرو، عطا محمد، سنڌيڪار: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت، ڇاپو پهريون: ڊسمبر ۲۰۱۷ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو،

۱۳. ڪلهوڙو، دين محمد، مرتب: سنڌ جو قديم تاريخي ورثو ، پهريون ڇاپو: ۲۰۲۱ع، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، سنڌ

۱۴. پيرزادو، انور ، ليکڪ: مُهين جو دڙو، سال: ۲۰۰۹ع، ڇپائيندڙ: انور پيرزادو اڪيڊمي، ڪراچي، سنڌ

۱۵. آڏواڻي، ڀيرو مل مهر چند: قديم سنڌ، ليکڪ: ڇاپو پنجون: جون ۲۰۰۸ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

۱۶. مولائي شيدائي، خان رحيمداد، ليکڪ: سنڌ جي صنعتي ۽ اقتصادي تاريخ، ڇاپو: پهريون، نومبر ۲۰۲۵ع،ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ

۱۷. ايلائيس البينيا، ليکڪا : سنڌوءَ جون سلطنتون ، سنڌيڪار: بخاري مظفر، جديد ڇاپو: ۲۰۲۴ع، ڇپائيندڙ: نيرون بُڪس ڪراچي.

۱۸. اين. جي. مجمدار ، ليکڪ: سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي ، ، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، باب: پهريون، ڇاپو پهريون: ۱۹۹۷ع ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ

۱۹. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، مرتب: جامع سنڌي لغات، (جلد پنج، ک _ ي)، ڇاپو پهريون: سال: : ۱۴۰۸هجري / ۱۹۸۸ع ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ، سنڌ.

۲۰. پنهنور، ايم . ايڇ . ليکڪ: سنڌ شناسي، ڇاپو پهريون، ڊسمبر ۲۰۱۷ع،ڇپائيندڙ: پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي.

۲۱. : مورياڻي، خليل ، سهيڙيندڙ: موهن جو دڙو، پراچين سڀيتا، نئين تهذيب جي دائري ۾ ، ڇپائي جو سال: ۲۰۱۱ع، ڇپائيندڙ: سنڌ ادبي اڪيڊمي، پاران: ايم. ايڇ. پنهنور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ، ڄام شورو ، سنڌ.

۲۲. ڪنگراڻي، عزيز ، ليکڪ: سنڌ جا ماڳ اَ ماڳ، ڇاپو پهريون: ۲۰۲۲ع، ڇپائيندڙ: پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي، سنڌ.

زباني بيان :

۲۳. ڊاڪٽر الطاف جوکيو، محرابپور

۲۴. پروفيسر عبدالله ملاح، بدين

۲۵. عبدالله جيسر، لَلِيا پتڻ، لڳ: (دادو _ مورو پُل)

روزاني اخبار:

۱. روزانه ‘ڪاوش’ حيدرآباد، ايڊيٽر: محمد ايوب قاضي، ۲۵ نومبر ۲۰۲۴ع

۲. روزاني ‘پنهنجي اخبار’ ڪراچي، ايڊيٽر: محمد علي قاضي، ۲۴ سيپٽمبر ۲۰۲۵ع

فيس بڪ:

حوالو: فيس بڪ: ڊاڪٽر محمد علي محمدي، (پنوعاقل )، تاريخ: ۱۰ فيبروري، ۲۰۲۶ع، بروز: اڱارو، ٽائيم: صبح: ۱۰ وڳا. سنڌ.

 

(ٽه-ماھي مھراڻ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ۱/۲۰۲۶ع (جنوري – مارچ ۲۰۲۶ع) ۾ ڇپيل)