جهوڪر جو دڙو ڪيئن تباهه ٿيو
(ڪشن دورِ حڪومت جو عظيم شهر)
آصف رضا موريو
جهوڪر شهر جي آثارن جي جوڙجڪ :
پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر
کانپوءِ چوٿين وڏي شهر لاڙڪاڻي جي اولهه پاسي ويندڙ اهم شاهراهه انڊس هاءِ وي سان
گڏ کاٻي طرف تقريبن ۹ ڪلو ميٽر پري انساني تهذيب جو هي اهم باب جنهن کي اسان
سنڌي زبان ۾ جهڪر جو دڙو يا جهوڪر جا دڙا چوندا آهيون، ڪجهه ڪچن دڙن جي صورت ۾ سم
ڪلر ۽ جهنگلي گاهن جو ڪفن پائي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو ڌيان ڪجهه گهڙين جي لاءِ
پنهنجي طرف ڇڪيندو رهي ٿو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته ”مان توهان جو قيمتي ورثو آهيان،
منهنجي حفاظت ڪيو” هي ۲ اهم دڙا آهن ان لاءِ ڀرپاسي جي آبادين ۾ ان جا ۲ ئي نالا مروج
آهن جيئن ته وڏي دڙي کي “جهوڪر جو دڙو” ۽ ننڍي کي ”ولهي جو دڙو” چيو ويندو آهي،
انهن دڙن جي اولهه ۾ مٺو ديرو نالي هڪ ڳوٺ موجود آهي، ڏکڻ اولهه ۾ مشهور بزرگ حضرت
يوسف شاهه جيلاني جي مزار، اوڀر ۾ لاڙڪاڻي وڃڻ وارو رستو، جڏهن ته اتر ۾ ميلن
تائين سرسبز ٻنيون سبزي جي چادر پهريل آهي.
جهوڪر شهر جي قدامت :
انهن دڙن جي کوٽائي مان هٿ ايندڙ شين مان معلوم ٿئي ٿو
ته هن شهر جي قدامت عيسوي سن کان به ڪجهه سو کن سال پراڻي آهي،A dictionary of Archaeology جي مصنف داروڪ ويڊي ۽
ڊيوڊ ٽرمپ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته “جهوڪر جو دڙو پٿر جي آخري زماني جي نشاني
آهي. سنڌو ماٿري جي تهذيب تباهه ٿيڻ بعد سنڌ جي ڪجهه حصن ۾ نون شهرن جنم ورتو ۽
جنهن جو بهترين مثال چانهون جا دڙا آهن، جڏهن ته ڪجهه ماهرن پختو اندازو لڳايو آهي
ته هي آبادي يقينن هڙپه دور ۾ به موجود هوندي.
ڳالهه جڏهن سنڌ جي اتهاس جي آهي ته هڪ اڌ ايماندار تاريخ
دانن ۽ محققن کان علاوه جن ان تناظر ۾ جزوي طور تي آدرشي لحاظ کان پنهنجي ڪم ۾ فرض
شناسي جا بهتر مثال ڇڏيا آهن، پر ڪلي طور تي ڏٺو وڃي ته علمي ميدان ۾ سنڌ جي
سماجي، تمدني ۽ تهذيبي ورثن سان گڏ واضع طور تي ماٽيلي ماءُ وارو رويو روا رکيو
ويو آهي، جيڪو کليل اکيون رکندڙ روشن خيال ماڻهن کي تاريخي دستاويزن ۾ وڏي آساني
سان نظر اچي وڃي ٿو.
افسوس جي اها ڳالهه به آهي ته اسان مان ڪي هڪ اڌ وڌيڪ
پڙهيل لکيل ماڻهو يا طبقا ان قسم جي علمي بي ايمانين جي ڪاوشي ڪارنامن تي تحقيق
ڪري انهن کي پڌرو ڪرڻ بدران لڪير جا فقير بڻجي ان قسم جي غلط تحقيق جي تصديق ڪندا
انکي اڳتي وڌائيندا پيا اچن . سنڀاليندا اچن. ــ مئلن تي موچڙي جو زيپٽ ــ واري
چوڻي موجب اسانجا رياستي ادارا به ان قسم جي تاريخدانن ۽ محققن کي وڏا عهدا، منصب
لقب القاب ڏئي نوازيندا رهن ٿا، ڇو ته هي ماڻهو لڪير جي فقيرن وانگر اهو ئي ورجاءُ
ڪندا رهن ٿا، جيڪو سنڌ مخالف روايت جا امين انهن کي رٽائي ڇڏين ٿا. ان طوطه چشمي
جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيندو آهي ته علمي کوجنا ۽ تحقيق تي جمود طاري ٿي وڃي ٿو،
تحقيقي غلط ڪاريون ٺوس شڪل اختيار ڪري وٺن ٿيون، ڪوڙ ڳالهائڻ رسم ٿي وڃي ٿي جنهن
جي مسلسل گردان بالاآخرا کي سچ بڻائي ڇڏي ٿو، اهڙي طرح وقت سان گڏ قومون پنهنجي
حقيقتن جي آشنائي کان محروم رهنديون وڃن ٿيون.
بدقسمتي سان سنڌ جي تاريخ ۽ ان جي حقيقي سپوتن متعلق
جيڪڏهن ڪوئي پڙهيل لکيل باغي سچ لکي ٿو ته ان جي ڪتابن تي پابندي لڳائي ان جي خلاف
غداري جون فتوائون نازل ڪيون وڃن ٿيون.سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته علم ۽ گيان جي نالي تي
سنڌين سان ڪيستائين اهڙا ڪلور ٿيندا رهندا. .
اسان جا هاڪاري ۽ وڏي پائي وارا مستند تاريخي ڪتاب، تواريخ
۽ تحقيق جي شاگردن لاءِ مشعل راهه جو ڪم سرانجام ڏين ٿا، پر هڪ ته انهن جو تعداد
وڏو قليل آهي ٻيوته منهنجو خيال ۾ انهن مان مشڪل سان ۱۰ -۱۵ ڪتابن ۾ ڪي هڪ ٻه ڪتاب ڇڪي ڪري
مستند قرار ڏئي سگهجن ٿا، هي سڀ گردان ڪرڻ جو منهنجو مقصد اهو ثابت ڪرڻ آهي ته جتي
۽ تمام سڀني معاملن ۾ سنڌ سان گڏ تاريخي ۽ تحقيقي بي ايماني روا رکي وئي اتي وري
سنڌو ماٿريءَ جي ان ذيلي تهذيب جهوڪر جي اهم شهر کي به ناقدري جو شڪار بڻايو ويو،
جيڪا اسانجي روايتي سستي، بزدلي ۽ انتها درجي جي عدم دلچسپي سبب جنم وٺندي رهي ٿي.
جهوڪر جا مختلف نالا
انهن آثارن کي جهڪر جو دڙو يا جهوڪر جو دڙو جي نالي سان
سڃاتو وڃي ٿو، پر ان شهر يا آثارن تي هي نالو ڪهڙي نسبت سان پيو اهو اڃان تائين
اسرار بڻيل آهي، ان متعلق جيڪا به روايت اسان کي تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿي ان کي
جيتوڻيڪ اسان جي سنجيده تاريخدانن جي تائيد حاصل آهي پر منهنجي خيال ۾ اها هڪ غير
سنجيده لٻاڙ ٿي لڳي.
اسان جي لائبريرين ۾ موجود مستند ترين ڪتابن جي جائزي
مان معلوم ٿئي ٿو ته دڙن جو نالو جهوڪر ان لاءِ پيو، ڇو ته برسات ٿيڻ سان هي ڪچو
دڙو ڪنهن حد تائين زمين ۾ گهري وڃي ٿو، يعنيٰ پنهنجي اوچائي گهٽ ڪري ٿورو جهڪي وڃي
ٿو، ان لاءِ ان جو نالو جهڪر، جڪڙ يا جهوڪر، يعنيٰ جهڪڻ وارو دڙو پئجي ويو،لڳي ٿو
ته جن محققن هي راءِ ڏني آهي انهن سچي تحقيق جي مشڪل ڪم کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هي
ڳالهه جوڙي آهي، نه ته سچائي جي بنياد تي ان نالي جي حقيقت هي نه هئڻ گهرجي ڇو ته
برسات ٿيڻ کانپوءِ نه صرف سنڌ بلڪه سڄي دنيا ۾ موجود قديم آثارن جون اوچايون اهڙي
طرح گهٽ ٿي وڃن ٿيون جو انهن جي مٿانهين وارو ڪچو تهه برسات جي پاڻي سان آلي مٽي
ٿي وهي وڃي ٿو، ته ڇا ان زميني حقيقت کي سامهون رکندي اسان هر ٽيلي جو جهڪڻ وارا
دڙا چوڻ شروع ڪري ڏيون؟ پوءِ ته آڊهاٽ، ڌامراهه، رتوديرو، خيرپور جوسو، مهين جو
دڙو وغيره جي دڙن کي به اهو ئي نالو ڏنو وڃي!؟ پرحقيقت ۾ هي تشريح عقلمندي واري
ڪون مڃي ويندي.
ڪجهه ڪتابن ۾ هي روايت به ملندي آهي ته “ان شهر تي جهڪر
نالي هڪ راجا جي حڪومت هوندي هئي اهڙي نسبت سان هي آبادي ڪنهن دور ۾ جهڪر جو شهر
سڏبي هئي ۽ جهڪر لفظ وقت سان گڏ بگڙجندو جهوڪر بڻجي ويو، ان لاءِ شهر ۾ ويرانيون
آباد ٿيڻ کانپوءِ به ان تباه ٿيل کنڊران کي جهوڪر جو دڙو چيو وڃي ٿو.
ان نالي متعلق هڪ ڪهاڻي هيئن به پڙهڻ لاءِ ملندي رهي ٿي
ته هي دڙي وارو شهر راجا دلوراء جي دورِ حڪومت سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته ان دور ۾
هي علائقو پرامن هيو ان لاءِ راجا پنهنجا خزانه محفوظ ڪرڻ يا دفنائڻ لاءِ هي شهر
آباد ڪرايو ۽ ان جو نالو جهڪر رکيو، ڪجهه مطالعا اسان کي هي ڳالهه به سمجهائيندي
نظر اچن ٿا ته جهڪر وادي ء سنڌ ۾ رهڻ واري هڪ قوم هئي جنهن جي نسبت سان ان شهر تي
جهڪر جو نالو پيو جيڪو صدين کان اڄ تائين موجود آهي.
جهوڪر نالي جي ان ٽنهي ڪهاڻين ۾ به محقق مونکي سچي تجزيه
نگاري کان ڪم وٺندي نظر نه ٿا اچن، ڇو ته سڀني مستند سڏائيندڙ تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ
تي حڪومت ڪرڻ وارن سڀني گهراڻن ۽ ننڍن وڏن حڪمرانن جي نالن بابت ڪيترن ئي ڏينهن
تائين وڏي محنت سان ڏٺي، کوجنا ڪئي پر انهن ۾ ڪٿي به جهڪر نالي جي راجا جو ڪوئي به
ذڪر نه ٿو ملي، ها البته هڪ ٻن قومن جي نالن جي ٿورڙي مشابهت جهڪر سان ملي ٿي،
جيئن ته جکڙ، کجڙ پر سنڌ جي قديم يا جديد تاريخ ۾ حڪمراني جي حوالي سان انهن قومن
يا ذاتين جو ڪوئي ذڪر نه ٿو ملي لهذا هنن دڙان کي انهن سان به نسبت نٿي ڏئي سگهجي.
هي ڳالهه به عقل تسليم نه ٿو ڪري ته دلوراء پنهنجو خزانو
دفنائڻ لاءِ هي شهر آباد ڪيو هوندو، ڇو ته هڪ ته: جهوڪر جي قدامت دلوراء کان
هزارين سال پراڻي آهي، ٻيو: هي ته دلوراء جو پنهنجو دارالخلافه يا گاديءَ وارو هنڌ
هڪ شاندار شهر هو ان کي ڪهڙي پئي هئي ته هو صرف پنهنجا خزانه دفن ڪرڻ لاءِ هي شهر
آباد ؟ ڇو ته سنڌ جي ڪنهن به مقامي لغت ۾ دفيني يا لڪل خزاني بابت ڪوئي به لفظ ”
جهڪر” سان نسبت يا واسطو نه ٿو رکي.
سڀ کان وڌيڪ حيرت مونکي ان محققن تي ٿيندي آهي جنهن
پنهنجي علمي لياقت جو رعب ڄمائڻ لاءِ لکي ڇڏيو ته ”ان شهر جهوڪر کي ميسو پوٽيما
(موجوده عراق) جي قديم ترين شهر ”ار“ کان هجرت ڪري ايندڙ ماڻهن آباد ڪيو هو، مثال
طور تي اسان مشهور محقق آزاد قاضي صاحب پنهنجي ڪتاب “سنڌ جو قديم ورثو” پيج ۲۰۲ تي لکيو آهي
ته ”سنڌ ۾ جيڪا قوم ٻاهر کان آئي انهن پنهنجي نالن سان هتي شهر آباد ڪرايا جيئن ته
ار سي آءِ قوم جي نالي سان ڪيترائي شهر آباد آهن، يعنيٰ ڪشمور، اروڙ، ڀنڀور وغيره
ڏٺو وڃي ته جهڪر به ان ۾ شامل آهي.“
يقين ڪيو اهڙي تحقيق ۽ بيان پڙهي نه صرف منهنجو پگهر
نڪري اچي ٿو بلڪه ڪيترن ئي ڏينهن تائين دماغ ڏکندو رهي ٿو، ان ڳالهه کان ڪوئي
انڪار ناهي ته سنڌ ۾ آباديون قبل از تاريخ کان وٺي هزارين سالن تائين آباد ٿينديون
رهيون، پر ”ار“ ماڻهن جي هتي آباد ٿيڻ واري ڳالهه تاريخي ۽ هجرتي بنيادن تي درست
تسليم نٿي مڃي سگهجي، ڇو ته ان دور جي ۾ جن سببن ۽ مقصدن جي تحت آباديون پنهنجي
علائقن کان هجرت ڪنديون هيون، ان مان هڪ به مثال يا سبب تاريخ جي ورقن ۾ اهڙو نٿو
ملي ته ” ڪنهن گروهه محض هجرت جي شوق ۾ ايترو ڊگهو فاصلو طئه ڪيو هجي“ ها جيڪڏهن
هي ڳالهه ڪئي وڃي ته ”ڪوئي شخص يا خاندان هجرت ڪري سنڌ جي ڪنهن آباد شهر ۾ اچي
آباد ٿي ويو ته مونکي تسليم ڪرڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿيندي.
هي به هڪ حقيقت آهي ته انساني تهذيب جي بيشمار ماهرن
ڪيترن ئي حوالن کان سميري تهذيب جو جنم ڀومي سنڌ کي ئي ڄاڻايو آهي، جيئن ته
فرئنڪفرٽ جو چوڻ آهي ته ”ميسو پوٽيما“ جا قديم باشندا ايران جي مٿانهين واري
ميداني علائقن کان آيا جنهن جي تهذيب سنڌ تائين پکڙيل هئي.” ايران جي مٿانهين وارا
ميدان سنڌو ماٿريءَ جا ئي هئا ۽ ايران جي مٿائين وارن پٽن ۾ سڀ کان قديم تهذيب به
سنڌ ۾ ئي ملي ٿي. اهڙي طرح سميرين تهذيب جو هڪ ماهر مسٽر هال پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو
ته ” سميري ماڻهن جي مشابهت ڀارت جي دراوڙن سان ملي ٿي، ان لاءِ سميري دراصل ڀارت
واسي آهن جيڪي خشڪي يا سمنڊي رستي پرشيا (ايران) کان ٿيندا آيا، ٻه جاڙيون نديون
دجله ۽ فرات هنن وادين ۾ پهتي، جنهنجو اصل علائقو اکنڊ ڀارت ۾ شايد سنڌ جو موجوده
خطو ئي هو جتان کان هو ايشيا مائينر پهتا هئا.“
ڪجهه تاريخي ڪتاب اهو به ٻڌائين ٿا ته دراوڙن کان پهرين
سنڌ، اتر هندستان ۽ بلوچستان ۾ گوند، ڪول ۽ سنٿال قومون رهنديون هيون جن کي اتان
کان ڊوڙائي زبردستي ڪڍيو ويو يا مغلوب ڪري ڇڏيو ويو هو. انهن پهرين ڀونوچ سمنڊ جي
ڪناري کان نڪري ڪالديه (عراق) ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ پوءِ بلوچستان جي رستي سنڌ
۾ داخل ٿيا.
جهوڪر جي نالي متعلق مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۽ هي ڪتاب لکڻ
کان تقريبن ۲ سال پهريان مرحوم ايم ايڇ پنهور کان به پڇيو جيڪو مهين جو دڙو تي هڪ
سيمينار جي سلسلي ۾ آيل هو. هن مونکي پيرس ان هوٽل کان فون ڪيو هو جتي هو پنهنجي
بيگم سان گڏ مقيم هو، هن به جهوڪر جي متعلق منهنجن خيالن جي حمايت ڪئي هئي.
ان بحث کان ڪم از ڪم هي ڳالهه ضرور پڌري ٿي وڃي ٿي ته
جهوڪر شهر جي نالي بابت سڀ اندازا بي معنيٰ آهن جن جو حقيقت سان ڪوئي تعلق جڙندي
ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ جيڪڏهن آهي به ته ان جو سر پير ڳولهڻ جي اشد ضرورت آهي. تنهنڪري
سنڌ دوست محققن ۽ تاريخ دانن کي گذارش آهي ته جهوڪر جي نالي تي محبت، پنهنجائپ ۽
علمي سنجيدگي سان غور فڪر ڪري کوجنا ڪري سگهجي ٿي. مون به پنهنجي طرفان پوري ڪوشش
ڪئي آهي پر ڪا به اهڙي ٺوس حقيقت سامهون نه اچي سگهي جنهن کي بنياد بڻائي ڪائي
حتمي ڳالهه ڪري سگهان ان لاءِ پنهنجي ڪم علمي جو اعتراف ڪندي هي فرض اهلِ علم ۽
دانشمند دوستن جي سپرد ڪيان ٿو.
جهوڪر جي دڙو جي کوٽائي :
صدين کان جهوڪر شهر جا هي آثار مٽي جو لباس پهريل انهي
جڳهه آرام پذير آهن پر ڪنهن ڪڏهن به ان تي ڪائي توجهه نه ڏني هئي. برطانوي دورِ
حڪومت ۾ جڏهن ۱۹۱۱ع ۾ مهين جو دڙو جي تهذيبي ورثو منظرعام تي آيو ته دنيا جي قديم تاريخن ۾
مهذب ترين تمدن جي سند سنڌ کي حاصل ٿي جنهن هڪ هلچل مچائي ڇڏي.
دڙن جي قسمت جاڳي پئي:
راڪل داس بينرجي جيڪو قديمي آثارن جو هڪ ناميارو ماهر
هيو هن ۱۹۱۸ع ۾ پهريون ڀيرو جهوڪر جي ان دڙي بابت تفصيلي کوجنا ۽ تفتيش ڪئي هئي. کيس
هتان تمام گهڻيون اهڙيون شيون هٿ آيون جن جو تعلق ماضي جي مختلف دورن سان جوڙي
سگهجي ٿو. ان لاءِ بينرجي برطانوي سرڪار کي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته: ”هي آثار
تهذيبِ انساني جي هڪ اهم شهر جي شاندار دريافت ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ انهن کي سرڪاري
تحويل ۾ وٺي محفوظ ڪيو وڃي.“ ۳ سالن تائين ان جي رپورٽ نظرانداز ٿيندي رهي پر جڏهن ۱۹۲۱ع ۾ مهين جو
دڙو جي کٽائي جو ڪم وڏي زور شور سان شروع ٿيو ته هتي به قديمي آثار جي ماهرن ۽
سرڪاري ڪارندن جي اچ وڃ شروع ٿي.
جڏهن هنن ڏٺو ته مهين جي دڙي تي پهچڻ کان ڪلاڪ پهريان ئي
رستي تي هڪ گمنام دڙو نه چاهيندي به انهن جو توڌيان پنهنجي طرف ڇڪي ٿو ته بينرجي
جي رپورٽ کي وڌيڪ نظرانداز ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. انهي سال (۱۹۲۱ع ) جهوڪر جو دڙو سرڪاري حفاظت
۾ آيو ۽ ان کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو. انگريزن جي لاءِ وڌيڪ دلچسپي جو باعث مهين
جو دڙو جو وسيع شهر هو جتان انهن کي وڌيڪ مالِ غنيمت هٿ اچڻ جي اميد هئي ان لاءِ
سندن سڄو ذور ان جي کوٽائي طرف ئي مائل رهيو.
پر ڪجهه سال کانپوءِ ۲ جنوري ۱۹۲۸ع ۾ آرڪيالوجي سروي آف انڊيا
پنهنجي هڪ اسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ اين. جي مجمدار کي جهوڪر جي دڙن جي کوٽائي جو سنيهو
ڏنو. سنڌ ۾ قديمي آثار جي حوالي کان محنتي بنيادن تي جيتري کوٽائي آنجهاني مجمدار
صاحب ڪئي ايتري اڄ تائين ڪنهن شخص ناهي ڪئي، ان صاحب وڏي دل ڄمائي جهوڪر تي هڪ
رپورٽ مرتب ڪئي جنهن ۾ شهر جي اوچائي کان علاوه هتان نڪرندڙ شين جي باري ۾ وڏي عرق
ريزي سان کوجنا وارو ڪم ڪيو. .
اين جي مجمدار ۱۹۳۵ع ۾ به هتي کوٽائي ڪرائي هئي. جنهن ۾ آساني جي لاءِ انهن
کنڊرن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو يعنيٰ دڙو A ۽ دڙو B. اي دڙو ريل جي دٻي جي طرح ڊگهو ۽ سطح زمين کان ۱۷ فٽ بلند هو جنهن جو هڪ سرو مٺو
ديرو ڳوٺ کان شروع ٿي اوڀر ۾ واپڊا جي هاءِ ٽينشن لائين طرف هليو وڃي ٿو. ان دڙي ۾
رهائشي اعتبار کان ۳ مختلف حصا ملن ٿا جن مان پهريون حصو پهلوي، ساساني، هن،
برهمن ۽ ار دور جو آهي. ٻيو يعنيٰ وچيون حصو جيڪو دراصل Chalco-lithic دور سان
تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ عمارتن ۾ استعمال ٿيڻ واريون پڪيون سرون جيڪي مهين جو دڙو جي
تعميرات ۾ به استعمال ڪيون ويون آهن. اتي استعمال ٿيل آهن. جڏهن ته ان شهر جو ٽيون
حصو مهين جو دڙو جي ثقافت جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو ڇو ته ان حصي کان مهين جو
دڙو جي نمائندگي ڪرڻ واريون بي شمار شيون هٿ آيون آهن.
ان دڙي کان ۳۰۰ فٽ جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ 6۳ فٽ ڊگهو B دڙو
واقع آهي جيڪو ساخت جي لحاظ کان چورس آهي جنهن جي وچ ۾ چئني طرف کان کليل هڪ ويڪري
لاهين آهي جنهن بابت عام خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هي ڪائي قلعه گاه هئي. يا وري
شهر ۾ چئني طرفن کان داخل ٿيڻ جا رستا هجن جن جي سطح وقت سان گڏ لاهينءَ جي شڪل
اختيار ڪري وئي آهي. B دڙي جي لاءِ ائين به چيو وڃي ٿو ته ان جي تعمير بيضوي
آهي، جنهن جي چوطرف مٽي جا ڊگها دڙا ڪنهن وڏي حفاظتي قلعي جي نشاندهي ڪن ٿا. انهي
۾ اندر هڪ چوڪنڊي عمارت جا نشان به موجود آهن. جنهن جي باري ۾ بينرجي جو خيال هو
ته ” هي ڪنهن پراڻي اسٽوپا جي عمارت به ٿي سگهي ٿي.“
مجمدار ان دڙي تي هڪ جڳهه اهڙي طرح کوٽائي ڪرائي هئي ته
اسٽوپا جي ويجهو هڪ ۱۰ باءِ ۱۵ فٽ جو اونهو کوهه کوٽايو جڏهن ته ۱۲ باءِ ۱۴۵ فٽ جو ٻيو کوهه دڙي جو دامن ۾
کوٽايو هو. ٻئي کوهه جي کوٽائي سان دڙي جا ٽي مختلف تهه سامهون آيا. پهرين يعنيٰ
مٿي واري تهه ۾ ڪچين پڪين سرن جي ملي جلي تعميرات موجود آهي. هتان ڪجهه سڪا ۽ پڪي
مٽي جون مهرون به مليون آهن. وڏي دڙي جي مٿان هڪ ويڪرو ٺل بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو
يقينن ڪنهن دور ۾ ڪا وڏي عمارت رهي هوندي. بقول ڪجهه محققن جي ”ٿي سگهي ٿو ته هي
عمارت هتان جي ڪنهن راجا جو محل هجي.
ان وسيع وعريض شهر جي کوٽائي کان هڪ وڏي دروازي جا ٺلهه
به نظر اچن ٿا. ان علاوه شهر جي چوطرف هڪ ڊگهي ديوار جا آثار به مليا آهن جنهن مان
معلوم ٿئي ٿو ته ان شهر کي ٻاهرين حملا آورن جي حملي کان بچائڻ لاءِ هي قلعه بندي
جوڙائي وئي هوندي.
۷۳-۱۹۷۴ع ۾ قديمي
آثار واري کاتي انهن آثارن جي هڪ ڀيرو ٻيهر کوٽائي ڪرائي هئي جنهن مان تمام گهڻيون
اهڙيون شيون به هٿ آيون جيڪي ثابت ڪن ٿيون ته ”هي شهر مهين جو دڙو جو همعصر آهي“.
جهوڪر جي دڙي جي کوٽائي مان ملڻ واريون
شيون :
جهوڪر مان هٿ اچڻ واريون شين مان سنڌي، بلوچي ۽ وچ اوڀر
جي تهذيبن جي جهلڪ ملي ٿي جڏهن ته انهن شين ۾ اوائلي تهذيب جون نشانيون مهرون،
ٽامي جون ٽانچڻيون، ڪهاڙي جا ڦر ۽ ٻيو سامان هٿ آيو آهي. بينرجي کي به هتان کان
مختلف قسم جون قديم شيون هٿ آيون هيون جڏهن ته بعد ۾ مجمدار کي به بيشمار شيون
مليون جن ۾ ڪيترا ئي خوبصورت و ديده زيب مڻڪا شامل هئا.
انهي دڙي جي مٿيون تهه پهلوي ساساني، هن، برهمن، ۽ اربع
واري دور جو ٿي سگهي ٿو. هتان ملندڙ شين ۾ بيشمار سڪن تي عجيب و غريب ديو مالائي
شڪليون اڪريل آهن جن جي چوطرف امر روشني جون لاٽون نڪرندي نظر اچن ٿيون.
مخصوص قسم جي ڳاڙهي مٽي مان ٺهيل ڪجهه مهرن تي ”شري کي
پري هرسايا“ جا الفاظ ڪنده آهن جنهن جو مطلب هندستان ۾ ڳالهائيندڙ زبانن جي ماهرن
متفقه راءِ سان ”سيوا کوپڙيون پائيندڙ“ ڪڍيو ويو هو. جڏهن ته ڪجهه اسڪالرن ان جي
معنيٰ ”کوپڙين وارو جنگجو“ به ڪڍيو هو. هندو مذهب ۾ هي لقب شو مهاراج جو ٻڌايو وڃي
ٿو. ان مان هي ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هنن مهرن ٺاهيندڙن جو تعلق هندن جي خاص فرقي ”
شو پنٿين“ سان هو ڇو ته اهي ئي ماڻهو ”شو ديوتا “ جي پوڄا ڪندا هئا. ڪجهه ماهرن جو
خيال آهي ته ”شري جو پري هرسيا“ جي لفظ لکڻ وارا هتان جا باشندا مهراگل جا پجاري
هئا ڇو ته اهڙي قسم جا سڪا ايراني تاريخ ۾ چوٿين ۽ پنجين صدي ۾ انهي سان ئي منسوب
ملن ٿا.
هتان ملندڙ سڪن ۾ ڪجهه موٽا ۽ گول آهن جيڪي قندهار ۽ پشاور
جي راجا واسديو (واسوديو) يا ان جي جانشينن جي دورِ حڪومت سان تعلق رکن ٿا. انهن
سڪن تي اڪريل شخصيت شاهي لباس پهريل وڏي طمطراق سان بيٺل آهي. راجا واسديو جو تعلق
ڪشن گهراڻي سان هو. هي گهراڻو دراصل چيني قوم جو حصو هئو جيڪو اندازن ۱۷۰ قبل مسيح جي
دوران هندستان هجرت ڪري آيو ۽ سڀ کان پهريان باختر فتح ڪيو ان کانپوءِ قابل درياءَ
جي وادي ۽ بعد ۾ گندهارا پهتو ۽ انکي پنهنجي رهڻ لاءِ موزون سمجهندي اتي آباد ٿيو.
مگر هن ٽيڪسلا جي بجاءِ پشاور کي پنهنجو دارلخلافه بڻايو هو. ڪشن گهراڻي جي حڪومت
گندهارا ۽ سنڌو ماٿري جي آبادين تي تقريبن ۲ سئو سالن تائين قائم رهي. راجا ڪنشڪ (۱۰۰ع) جو تعلق به
انهي خاندان سان هو.
جهوڪر جي مٿي واري تهه وٽان چئن مختلف قسمن جا ٿانو مليا
آهن، جن مان هڪ گهري ڪاري رنگ ۽ لال رنگ جا آهن. ٻيا اهي جن تي روغندار مصالحي جي
تهه چڙهيل آهي. ٽئين قسم جي ٿانون تي خوبصورت چٽساليءَ جو ڪم ڪيو ويو آهي جڏهن ته
چوٿين قسم جي ٿانون تي اڀريل تصويرون ٺهيل آهن. هتان کان ڪجهه ساساني دور جي شراب
پيئڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ جام ۽ صراحيون به مليون آهن ۽ هڪ اهڙي تصويري مهر ملي
آهي جهن تي پهلوي زبان جا ڪجهه الفاظ اڪريل آهن. انهن شين مان ثابت ٿئي ٿو ته
جهوڪر جي ماڻهن جا خليج فارس جي قوم سان به تجارتي تعلقات هئا. ان کانسواءِ هي به
واضع رهي ته ٽئين صدي عيسوي ۾ (۹۳-۲۸۴) سنڌ ايران جي تسلط هيٺ هئي.
هتان ۵ صدي عيسوي جا سڪا به مليا آهن. ڪجهه مهرن يا ٿانون
وغيره تي اربع ۽ برهمن دور جي نمائنده نشانين جهڙوڪ ڪنول جو گل، وڻن جون شاخون،
جاميٽري جون شڪليون، سواستيڪا، ٽڪنڊا ۽ دائرا به لکيل مليا آهن. هتان ملندڙ هڪ
پيالي تي عورت جي تصوير به ٺهيل آهي جنهن کي موسيقي جو هڪ اوزار به پڪڙيو آهي، وڻ
جي پتن جهڙي شڪل وارو تامي جو ٺهيل ڀالو به مليو آهي. ان قسم جا ڀالا مهين جو دڙو
جي کوٽائي مان به مليا آهن. ان کان علاوه ڪجهه اهڙا سڪا به هتان کان مليا آهن جن
تي گپت دور حڪومت جي باقيات جهڙي تحرير آهي جيڪا شايد ۵ صدي عيسوي واري دور کان گهڻي
قديم نٿي مڃي سگهجي.
جهوڪر جي ان دڙي تي سرڪار طرفان مقرر چوڪيدار (الاهي
بخش) کي ٽامي جو ٺهيل تقريبن هڪ فٽ ڊگهو خوبصورت گلدان مليو هو جيڪو پنهنجي اصلي
صورت ۾ سبزي مائل زنگال ورتل هو. ڪجهه مهينن کانپوءِ اهو ئي گلدان مهين جو دڙو جي
ليبارٽري ۾ رستم ڀٽو (اسسٽنٽ ڪيمسٽ) وٽ تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو ڪافي صاف ٿي چڪو هو ان
جي چوطرف گوتم اربع جون ڪيتريون ئي تصويرون ظاهر ٿي چڪيون هيون. ان گلدان جي هنري
بناوٽ بلاشبه حيرت انگيز هئي. هتان هڪ مرد جو مجسمو به مليو آهي جيڪو سيني کان مٿي
جي جسم تائين ٺهيل آهي. ان قسم جي مجسمن جون ڪجهه نشانيون جيئن ته پيشاني تي ڪونا
بڻيل شمله، سيني تي پٺن جو مخصوص موڙ، کاٻي طرف منهن ڪري ڏيکاري وئي آهي، ڇاتي
ويڪري ۽ ڏاڙهي سان صاف چهرو هن قوم جي ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته
ان قوم ۵ صدي عيسوي ۾ سنڌ تي حملو ڪيو هو.
جهوڪر مان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون تي اڪريل مختلف شڪلين جي
جائزي وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ۵ صدي عيسوي جي اڌ دوران اتر اولهه هندستان ۾ ايراني اثر
و رسوخ رهيو آهي. هتان ساساني بادشاهن جي سون جا ٺهيل سڪا به دريافت ٿيا آهن. اهڙي
طرز جا سڪا ڪنهن ٻئي جڳهه تان ناهن مليا. ان تي جيڪا بادشاهي شبيهه ڍلائي وسيلي
ٺاهي وئي آهي ان جي پٽڪي يا دستار تي چنڊ ۽ ستارا اڪريل آهي. ان قسم جا خاڪا ۽
ترڪيبون ايراني حڪمران يزد گرد (پهريون) جي سڪن تي ملن ٿيون. جنهن سن ۳۹۷ع کان ۴۱۷ع تائين ايران
تي بادشاهي ڪئي هئي. هتي ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته هي سڪا خاص طرح سنڌ ۾
هلائڻ جي لاءِ شاهي ضربخاني طرفان ٺاهيا ويا هئا.
ڪجهه ايراني روايتون جيڪي تاريخي دستاويزن ۾ ملن ٿيون
انهن مطابق سنڌ جي علائقي کان هندستاني راجا ايراني بادشاهه بهرام (پنجين) جي حق ۾
دستبردار ٿيو هو. بهرام گورڪي جي نالي سان وڌيڪ مشهور هي بادشاهه ايران جي عظيم
قومي هيرن مان هڪ آهي ان ۴۲۰ع کان ۴۴۰ع تائين حڪومت ڪئي هئي. جڏهن ته هي سفيد باشندو پنجين
صدي عيسوي جي درمياني عرصي دوران هندستان ۾ قبضو ڪرڻ جي خيال سان داخل ٿيو هو،
جنهن کي سڪندر گپت اتان کان ڀڄائي ڪڍيو هو. پر ۴۲۵ع ۾ ٻي دفعي ٻيهر وڌيڪ طاقت سان
گڏ ڪابل ۽ گندهارا جي ڪشن سلطنتن تي حملو ڪيو ۽ ڪجهه عرصي ۾ سڪندر گپت جي طاقت کي
به ڪمزور ڪري ٽوڙي ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ اتر اوڀر ايران ۾ به اهڙي نوعيت جي حالت جنم
ورتو جڏهن ۴۸۴ع ۾ شاهه فيروز جي شڪست ۽ موت کانپوءِ اتي ڪوئي مقابلو ڪرڻ وارو بهادر نه
رهيو ته دشمن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا کلي ويا ۽ تڏهن هندستان جي طرف حمله آورن
جو هڪ وڏو سيلاب وڌي آيو.
انهي صدي جي پڄاڻي تي پهرين هن خاندان جي تورومن نالي هڪ
سردار مالوا جي وسيع خطي تي بادشاهه جي حيثيت سان نمودار ٿي ڪري پنهنجي لاءِ هڪ
هندستاني راجا جهڙا طور طريقا، القاب ۽ معاملا اختيار ڪيا. ان معاملي ۾ تاريخي
دستاويز هي ڄاڻ ڏيڻ کان قاصر آهن ته تورومن يا ان جي پٽ مهراگل جنهن جو دارالخلافه
پنجاب جو شهر سڪالا (موجوده سيالڪوٽ) هو سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪيو
هو يا وري ان کي پنهنجي باجگذار يا ڏن-ڀرو رياست بڻايو هئو.
جهوڪر جي کوٽائي مان ملندڙ لال مٽي مان ٺهيل عجيب و غريب
مهرن تي هڪ بغيرڏاڙهي مڇ جي چهري واري مرد جا سيني تائين بدن خراب ٿيل آهي. ماهرن
جي مطابق ان سڪن جي ڍلائي سفيد هن ماڻهن جي تصديق شده سڪن سان وڏي حد تائين مشابهت
واري آهي.
بھرحال ان ڳالهه جي قطعي ۽ يقيني شهادت نه آهي ته سفيد
هن ماڻهن جي سنڌ تي بالادستي يا حڪومت رهي آهي. پر پنجين صدي جي آخري حصي ۽ ڇهين
صدي جي شروع واري طوائف الملوڪي دوران سنڌ جي ٻين بادشاهن جي موجودگي جي متعلق
شهادتون نه ٿيون ملن ان لاءِ ان دور ۾ سنڌ تي هن ماڻهن جي بالادستي جي امڪان کي رد
نه ٿو ڪري سگهجي. خاص طور تي تڏهن جڏهن جهوڪر مان ملڻ واريون ڪجهه باقيات ۽ آثارن
مان ان ڳالهه جي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين تصديق ٿي آهي ته سفيد هن حڪمرانن جو ان شهر
جي انتظامي معاملن ۾ عمل دخل ضرور رهيو هوندو.
ان دڙي تي قديمي آثارن واري کاتي پاران اتي هڪ سائيٽ
اٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي پر هڪڙو چوڪيدار اڻ پڙهيل قسم جو ماڻهو ۱۳۷ ايڪڙ تي
ڦهليل ان دڙي جي ڪيستائين حفاظت ڪري سگهندو. اڪثر اوقات هتي گهمڻ وارن يا چوڪيدارن
کي ٽٽل ٿانو، گونگا، مڻڪا، هڏين جا ٽوٽا ٽڪر، ٽامي جا اوزار، پٿر جا چاڪو، لباس جا
بٽڻ، گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانو، ٽامي جا سڪا، منقش مهرون وغيره ملنديون رهن ٿيون.
مان پاڻ به هر مهيني هڪ ۲ دفعا ۽ خاص طور تي برسات
کانپوءِ جهوڪر جو هڪ ٻه چڪر ضرور لڳائيندو آهيان ڇو ته ناياب شيون گڏ ڪرڻ جو شوق
رکندڙ طور مونکي هر مهيني يا هر دفعي اتان ڪيتريون ئي شيون هٿ اينديون آهن جن ۾
اڪثر خوبصورت نقش ونگار وارا مڻڪا، پتل جا بٽڻ، پٿر جا بليڊز وغيره شامل هوندا
آهن. جڏهن ته ٽٽل ٺڪرن جو ته شمار ئي نه آهي، هڪ دفعو مونکي هتان اٽو پيهڻ وارو
پٿر جو جنڊ ۽ ٽامي جي ٺهيل جانورن جي ڳچي ۾ ٻڌڻ واري گهنٽي به هٿ آئي هئي. ان کان
علاوه چيڪي مٽي جا ٺهيل مختلف سائيز جا بال جيڪي ڪرڪيٽ يا هاڪي جي بال کان ويندي
والي بال جي سائيز جيترا وڏا بال وڏي تعداد ۾ ملندا رهندا آهن، جنهن جو وزن ۱۰ کان ۲۰ ڪلو تائين
هوندو آهي.ننڍا بال ته يقينن کيڏڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هوندا مگر وڏا بال ٿي
سگهي ٿو ته ڪنهن توب ۾ گولي جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويندا هجن.
ان دڙي تي برطانوي دورِ حڪومت ۾ جيڪو ڪم ٿيو سو ٿيو مگر
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ رياست يا ڪنهن لاڳاپيل ادارا هتي کوٽائي ته ٺهيو پر
ڪو سيمينار ڪرائڻ به ضروري ناهي سمجهيو. البته جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾
ڪجهه کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو هو، ان کان علاوه ڀٽو صاحب جهوڪر جي دڙن جي بلڪل
سامهون هڪ ايئرپورٽ ٺهرائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. هن شهر جي کوٽائي جو پروپوزل به
تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو مگر بدقسمتي سان جلد ئي جنرل ضياءُ الحق بغاوت ڪري کيس
معزول ڪري ڇڏيو جنهن سبب سڄو منصوبو جيڪو ڀٽي صاحب ٺاهيو هو رهجي ويو.
جهوڪر جي آثارن جي موجوده صورتحال انتهائي مخدوش آهي،
شخصي يا رياستي تحفظ نالي جي ڪا شي اڄ تائين هتي نه ڏٺي وئي آهي . اهو ئي سبب آهي
جو اسان جي تاريخ جو هي باب هر روز ڪٿان نه ڪٿان ٽٽندو ڦٽندو، اکڙندو ۽ اجڙندو نظر
اچي ٿو مگر ان جي قيمتي حيثيت کان ناواقف ان جي وارثن جي ڪنن تي ان تباهي جي جونءَ
به نٿي چري.
دڙي جي ڏکڻ ۾ ڦهليل زرعي زمين جي مالڪن جهوڪر جي ننڍن
وڏي دڙن کي ڪٽي ڪٽي پنهنجي زمينن جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي ته هي زمينون وڏي
دڙي جي دامن تائين پهچي ويون آهن. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هي دڙا به مهر
گڙهه ۽ خيرپور جوسو جي دڙن جيان ناپيد ٿي وڃن جن کي علائقي جي زميندارن بلڊوزرن
سان ميثاري ڇڏيو آهي. جهوڪر جي اهم دڙن جي دامن ۾ پوکجندڙ چانورن جو فصل انهن
آثارن کي سخت متاثر ڪيو آهي ڇو ته ان ۾ ۱۲ مهينا پاڻي بيٺو رهي ٿو جيڪو آثارن کي اندر ئي اندر
تباهه ڪندو رهي ٿو.
ان دڙي چئني طرفن ۾ ڀر پاسي ڳوٺ آباد آهن اڪثر (خاص طور
تي صبح جي وقت) مقامي ڳوٺاڻا جهوڪر جي انهي دڙن ۾ لوٽو کڻي هتي هتي ويٺل نظر ايندا
آهن. دڙي تي سڀ کان اونچي اسٽوپا سان مشابهت رکڻ واري جڳهه يا ٺل موجود آهي. خيال
ونڊيو ويندو آهي ته هي ڪوئي محل، عبادت گاهه يا ڪائي ان قسم جي خاص عمارت هجي. يا
وري ائين ٿي سگهي ٿو ته گوتم اربع جي راکهه جن هجرن ۾ رکي ويندي هئي ۽ انهي کي
يادگار جي طور تي اسٽوپا جو نالو ڏنو ويو، هي به اهڙو ئي ڪوئي هجرو هجي. ان ٽٽل
ڦٽل هجري جي آثارن تي سڀ کان وڌيڪ هوائون هلنديون رهنديون آهن ان لاءِ ان جي مٿان
صبح ۽ شام پنج ڏهه ماڻهو (ان ڳالهه کان بي خبر آهن ته انهن جي موجودگي سان ان جي
ويهڻ واري قيمتي جڳهه جو ڪيترو نقصان ٿيندو آهي) هوا خوري ڪندي ضرور ملندا آهن
جنهن سبب تاج به ٽٽندو ٽٽندو هاڻي نالو رهجي ويو آهي. هڪ دفعو ته مون جهوڪر جي دڙي
کان ماڻهن کي ٽريڪٽرن تي مٽي کڻندي به ڏٺو. ان اهم تاريخي اهميت واري جڳهه تي اڄ
تائين سرڪار جي طرفان ڪائي چارديواري يا ٻيو ڪوئي حفاظتي قدم ناهي کنيو ويو.
جهوڪر جي دڙي واري شهر جي تباهي جا سبب :
جهوڪر واديء سنڌ جي تهذيب جي آخري دور سان تعلق رکي ٿو.
ان شهر جي تباهي متعلق به ڪجهه ٺوس معلومات اسانکي هاڻي تائين حاصل ناهي ٿي سگهي،
البته مختلف ڪتابن جي تقابلي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته خارجي حمله آورن، ڪنهن
قاتل وبا، سيلاب، يا ڏڪر سبب هي شهر تباهه ٿيو هوندو. جڏهن ته ڪجهه تاريخ دانن جو
خيال آهي ته جهڙي طرح زياده تر سنڌي آبادين کي چاهي اها هڙپه، مهين جو دڙو هجي يا
جهڪر وغيره آريا حمله آورن تاراج ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هتي به اهڙو ڪجهه ٿيو هجي.
هڪ روايت مطابق جهڪر ۽ نٿراس شهر ۾ رهندڙ سڳا ڀائر هئا
جڏهن ته ولهي ان جي ڀيڻ هئي. قديم دور ۾ سنڌو درياءُ يا ان جي ڪائي اهم شاخ جهڪر
جي ويجهو وهندي هئي.هي به مڃيو وڃي ٿو ته قديم دور ۾ هڪ رستو بولان کان نڪرندي
اڳتي ۲ شاخن ۾ تقسيم ٿي ويندو هئو جنهن مان هڪ اروڙ کان ٿيندو ملتان تائين هليو
ويندي هئي جڏهن ته ٻيو جهوڪر، مهين جو دڙو، سيوهڻ ۽ آمري وٽان ٿيندو ديبل تائين
هليو ويندو هئو
سنڌ ۾ ان رستي ذريعي نه صرف بيشمار قومون اينديون رهيون
بلڪه اهڙي رستي وسيلي ٻين ملڪن ۽ شهرن سان وڻج واپار ڪيو ويندو هئو. ان دور ۾ دريا
جو پاڻي شهر جي حد-بندين کي ڪٽيندو رهندو هو. ان لاءِ خطري جي پيش نظر يا وري سنڌوءَ
جو رخ بدلائڻ سبب شهري آباديون هجرت ڪري چار ميل پري مغرب طرف هڪ جڳهه تي وڃي آباد
ٿيون ۽ ان جڳهه جو نالو جهڪر جي ڀاءُ جي نالي سان نٿر جو ڳوٺ رکيو ويو. مگر اهي
ماڻهو ان جڳهه تي به وڌيڪ عرصو نه رهيا ان لاءِ اها وسندي به وقت سان گڏ تباهه ٿي
وئي پر اڄ به ان نٿر جي دڙي جا آثار جهوڪر جي دڙي کان ست اٺ ڪلو ميٽر پري واقع ڳوٺ
خيرپور جوسو جي ويجهو ڏسي سگهجن ٿا.
جهوڪر جا هي دڙا جيڪي اسان جي تاريخ جو هڪ حصو، سماجي تشخص ۽ قومي ورثو آهي ۽ صدين کان پنهنجي دامن ۾ سوين راز سنڀاليون ويٺا آهن. مهين جو دڙو جيان هي به سنڌ جي ابتدائي تاريخ جو هڪ اهم ماڳ آهي جنهن کي سمجهڻ سان نه صرف تاريخ جي گمشده ڪڙين کي ملائي سگهجي ٿو بلڪه اسان کي ان تباهه ٿيل وسندين ۽ آثارن جو سلسلو به سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي جيڪو سنڌو درياءَ جي ڪنڌين تي هزارين دڙن جي صورت ۾ وکريل آهن.
(ڪاوش دنيا ، ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ آچر ۱ فيبروري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment